خاصنئون

مريضن ۾ ايڊز وائرس پکيڙڻ واري الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر ڪليئر قرار

 

لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو تي ايڊز پکيڙڻ جو الزام ته ثابت نه ٿي سگهيو آهي، پر ان کي مجرماڻي غفلت جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر مظفر تي الزام هو ته هن انجيڪشن ذريعي مريضن ۾ ايڊز جو وائرس پکيڙيو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش چيو ته ڊاڪٽر مظفر ڄاڻي واڻي مريضن ۾ وائرس نه پکيڙيو آهي. جڏهن ته هن وائرس جي پکيڙ کان روڪڻ لاءِ خاطر خواهه قدم نه کنيا هئا. مسعود خان بنگش هن ڪيس لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جو حصو آهي. هي جي آءِ ٽي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پاران جوڙي وئي هئي. ڊاڪٽر مظفر کي 30 اپريل تي حراست ۾ ورتو ويو هو، ان جي ايڊز جو ٽيسٽ پازيٽو آيو هو. جي آءِ ٽي ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر مظفر خلاف ڪي به ثبوت نه مليا آهن ته هن بدلو وٺڻ ڪارڻ اهڙو قدم کنيو آهي. مسعود بنگش ان ڳالهه کان به انڪار ڪيو ته ڊاڪٽر مظفر کي ڪنهن ٻئي جي بچائڻ لاءِ قرباني جو ٻڪرو ٺاهيو ويو آهي. اسان جي تحقيق شفاف آهي ۽ اسان کي معلوم ٿيو آهي ته ڊاڪٽر مظفر ڄاڻي واڻي هي ڪم ناهي ڪيو، هو واحد فرد نه آهي جنهن کان هي سڀ ٿيو آهي. جڏهن ته هن کان ڪوتاهي ضرور ٿي آهي.