خاصنئون

سعودي عرب کانپوءِ يو اي اِي پاران به غير ملڪين کي شهريت ڏيڻ جو اعلان

يو اي اِي جي نائب صدر محمد بن راشد المختوم غير ملڪي شهرين کي مستقل بنيادن تي اقامه ڏيڻ لاءِ گولڊن ڪارڊ جو اعلان ڪيو آهي. ابتدائي طور تي هن سهولت مان 6800 غير ملڪي شهري فائدو حاصل ڪري سگهندا. گولڊن ڪارڊ ذريعي طب، انجنيئرنگ ۽ سائنس جي شعبن ۾ غير معمولي پيشا وراڻا مهارت رکندڙ غير ملڪي شهري فائدو حاصل ڪري سگهندا. هي ويزا اسڪيم يو اي اِي ۾ سائنس ۽ طب جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ متعارف ڪرائي پئي وڃي. ساڳئي وقت هن اسڪيم مان غير معمولي سيڙپڪار فائدو حاصل ڪري سگهندا. ياد رهي ته هن کان پهرين سعودي عرب به غير ملڪي شهرين کي مستقل ۽ محدود مدي لاءِ شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.