پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارن جو ڌرڻو ختم
بدين جي آبادگارن جو هڪ وڏو تعداد عورتن سميت بدين کان ڪراچي ويندڙ هاءِ وي تي ڪجهه مهينن کان جاري پاڻي جي کوٽ سبب ڌرڻو هنيو، هي ڌرڻو سيڊا جي ڊائريڪٽر مير غلام علي ٽالپر جي خاطري ڪرائڻ بعد ختم ڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽر سيڊا آبادگارن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته 12 ڪلاڪن اندر هنن جي علائقن ۾ پاڻي پهچي ويندو. ڌرڻي سبب هڪ ڪلاڪ تائين هاءِ وي تي ٽريفڪ تمام سست رهي. ٻئي طرف بدين جي تعلقي شهيد فاضل راهو جي آبادگارن به ڌرڻو هنيو. هي ڌرڻو بدين جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر حفيظ سيال سان ٿيندڙ هڪ کليل ڪچهري دوران هنيو ويو. احتجاج ڪندڙن ڪمشنر کي چيو ته هو پنهنجي واعدي جو مان رکندي چانورن جي آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪري، جنهن جي جواب ۾ ڊي سي چيو ته آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.

