50 هزار جي شاپنگ تي شناختي ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو، شبر زيدي
چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي چيو آهي ته هر شخص جي حقيقي آمدنيءِ تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو 50 هزارن جي شاپنگ ڪري ٿو ته اهو شناختي ڪارڊ ڏيکاريندو. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس فري ماحول جا عادي ماڻهو شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ جي شرط جي مخالفت ڪري رهيا آهن. جڏهن ته معيشت کي دستاويزي بڻائڻ تي ڪنهن به شيءِ تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو. وزير اعظم عمران خان ٽيڪس جي معاملي تي بلڪل ڪليئر آهي شناختي ڪارڊ جي شرط کي ختم ڪرڻ وارو مطالبو نه مڃيند ا سين. هن وڌيڪ چيو ته لاهور ۾ دڪانن جي روزانا هڪ لک جو وڪرو آهي پر اهي سال ۾ هڪ لک کان به گهٽ ٽيڪس ڏين ٿا. بهتر ته اهوهيو ته اسان سيلز ٽيڪس کي 17 کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪيون ها. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان پنهنجي عهدي تي موجود آهيان ۽ ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ وزير اعظم جي نظريي مطابق ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندو رهندس.

