خاصنئون

 ملڪ جي صحافين جي يونين پاران ميڊيا ڪورٽن جي نامنظوري

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (PFUJ) حڪومت پاران ميڊيا ڪورٽن جوڙڻ واري منصوبي کي مسترد ڪري ڇڏيو آهي. يونين جي صدر افضل بٽ چيو آهي ته فردوس عاشق اعواڻ پاران ڏنل منصوبي جو مطلب صحافين کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحافي اڳ ۾ ئي سينسرشپ سبب مالي بحران ۽ امير مالڪن طرفان ڊائون سائيزنگ جو شڪار آهن. هن چيو ته پيمرا ۽ ان جي ڪميشن آف ڪپلينٽس ويج بورڊ ٽربيونل پريس ڪائونسل آف پاڪستان ۽ ٻين قانونن کي موثر ۽ آزاد بڻائي ميڊيا ورڪر، ميڊيا هائوس ۽ صحافين کي گذريل هڪ سال کان پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. هن جو چوڻ هو ته نئين حڪومت اچڻ سان ئي ميڊيا تي دٻاءُ، سينسرشپ پريس ۽ سرڪاري اشتهارن تي بندش سميت مختلف طريقن سان استحصال ڪري رهي آهي جيڪي مارشل لا ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي ياد ڏياري رهيا آهن. هن چيو ته ميڊيا ڪورٽن جو ظالماڻو منصوبو ترڪ ڪري ميڊيا، صحافين ۽ راءِ جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي.