صوبي اندر سڀ ثقافتي عمارتون اصل حالت ۾ آنديون وڃن: هاءِ ڪورٽ
ثقافتي ورثن بابت هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان اقبال جي ٻڌل بينچ سنڌ ڪلچرل اينڊ هيريٽيج ايڊوائزري ڪميٽي کي چيو آهي ته اها ان ڳالهه کي حقيقي بڻائي ته هر اها عمارت جيڪا ثقافتي ورثي ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي ان کي پنهنجي اصل حالت ۾ واپس آندو وڃي. اهڙي ڪنهن به عمارت کي مڪمل طور يا ان جي هڪ حصي کي ڪاروباري بنيادن تي نه ڏنو وڃي. ٻڌڻي دوران عدالت ڪميٽي کان سوال ڪيو ته صوبي اندر 6 عمارتون جن ۾ رعوفي منزل، رحماني مسجد، مائي شير بانو مسجد، ٽو گز قبر، دسواني دلما لاج ۽ حيدر منزل شامل آهن. انهن کي ثقافتي ورثي ۾ ڇو نه شامل ڪيو ويو آهي.

