خاصنئون

 آمريڪا کي آئنده افغانستان جهڙي جنگ جو حصو نه ٿيڻ گهرجي: ٽرمپ

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان افغانستان مان فوج کي گهرائي رهيا آهيون. اسان چاهيون ٿا ته اهو عمل جلد ئي مڪمل ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مان هن بيوقوفاڻي جنگ مان نڪرڻ چاهيان ٿو. جنهن ۾ اسان کي ڪڏهن به شامل ئي نه ٿيڻ گهرجي ها. آمريڪا جي صدر جو چوڻ هو ته منهنجا ويجها ساٿي طالبان سان ڳالهين ۾ مصروف آهن ۽ اميد آهي ته اهڙو معاهدو ڪيو ويندو جنهن ۾ جنگ واري ملڪ مان آمريڪا جي فوج جي نيڪالي مڪمل ٿي ويندي.