او آءِ سي پاران ڀارت کان ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ڪرڻ جو مطالبو
وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻڌايو آهي ته او آءِ سي پاران ڀارت کان ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪا پاڪستان لاءِ هڪ ٻي سفارتي ڪاميابي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير جي عوام کي خوراڪ ۽ دوائن جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ڪرفيو سبب اهي اسپتال به نه پيا وڃي سگهن. ڪرفيو هٽائڻ جو مطالبو پاڪستان ۽ او آءِ سي نه پر پوري دنيا ڪري رهي آهي. او آءِ سي پاران پنهنجي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن جي مذهبي آزادي محدود ڪري ۽ عيد جي موقعي تي به لاڪ ڊائون ڪري مسلمانن کي مذهبي عبادت کان روڪڻ تشويش جوڳو عمل آهي مذهبي حق ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ پرڏيهي قانونن جي خلاف ورزي آهي. ان ڪري او آءِ سي پاران ڀارت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو ڪشمير جي مسلمانن جي تحفظ ۽ انهن جي مذهبي حقن جي بغير ڪنهن به رڪاوٽ جي عملدرآمد کي يقيني بڻائي.

