ڳوٺن ۾ زرعي زمين تي ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ سنڌ ڪابينا پاران بل منظور
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌ ڪابينا صوبي ۾ زرعي زمينن تي ڪم ڪندڙ هارياڻين عورتن لاءِ سنڌ وومين ايگري ڪلچر ايڪٽ 2019 منظور ڪيو آهي. ميٽنگ دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي بل پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي سوچ مطابق ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ جي هارياڻين کي سوشل سيڪيورٽي پهچائڻ آهي. صوبائي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو ته سنڌ جي معيشيت ۾ وڏو حصو زراعت جو آهي جنهن ۾ عورتن جو به وڏو حصو آهي. هن بل جي اچڻ کانپوءِ عورتن جا حق محفوظ ٿي ويندا. اهي عورتون جيڪي پولٽري، فشريز ۽ اينيمل هسبينڊري ۾ ڪم ڪري رهيون آهن انهن کي انڊسٽري ۾ برابريءَ جا حق ملي سگهندا. بل جي اچڻ کانپوءِ اهڙيون عورتون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان به فائدو حاصل ڪري سگهنديون.

