خاصنئون

ٽي ڏينهن پوليو جي مهم ۾ 20800 ٻار ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا

پوليو مهم لاءِ قائم ٿيل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ترجمان چيو آهي ته گذريل ٽي ڏينهن حيدرآباد ۾ هلندڙ پوليو مهم دوران 20800 ٻار پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان رهجي ويا آهن. جنهن ۾ 2800 ٻار اهي آهن جن جي والدين ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نئين مهم شروع ڪئي ويندي ان ۾ انهن ٻارن کي به ڦڙا پياريا ويندا. ياد رهي ته گذريل هفتي حيدرآباد ۾ پوليو جا ٻه ڪيس ظاهر ٿيا هئا. جنهن ۾ هڪ ٻار جي عمر 10 سال ۽ ٻئي جي عمر هڪ سال هئي. ان کان اڳ هڪ ڪيس 2012 ۾ سحرش نگر ۾ ظاهر ٿيو هو. گذريل ڏينهن ۾ هلايل مهم ۾ ڪل 255000 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻا هئا جنهن مان وڏي تعداد ۾ ٻار رهجي ويا آهن. واضح رهي ته 20800 مان 18000 ٻار رهجي ويا هئا جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري گهر ۾ موجود ڪونه هئا.