خاصنئون

 وفاقي حڪومت ڪراچيءَ جي ٻن منصوبن لاءِ 95 ارب منظور ڪري ڇڏيا

خزاني واري صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽيءَ (ايڪنڪ) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايڪنڪ، وزيراعظم جي نشينل هيلٿ پروگرام سميت ٽوٽل 579 ارب رپين جي منصوبن جي منظوري ڏني جنهن ۾ ڪراچي جي ٻن منصوبن لاءِ 95 ارب رپيا به رکيا ويا آهن. بي آر ٽي (بس ريپڊ ٽرانزٽ) لائين ڪراچي جي تعمير لاءِ 78 ارب 38 ڪرڙو 43 لک رپيا ۽ شهر ۾ پاڻي جي وسيلن ۽ سيوريج سسٽم ۾ بهتريءَ لاءِ 16 ارب 70 ڪروڙ 80 لک رپين جي منصوبن جي اصولي منظوري ڏني وئي آهي. ايڪنڪ جي اجلاس ۾ هن کان علاوه زرعي شعبي لاءِ 95 ارب رپيا، ملڪ ۾ وڻ لڳائڻ لاءِ 125 ارب 18 ڪروڙ ۽ 40 لک رپين جي منظوري ڏني وئي آهي.