ڪاروباري مرڪزن تي ايف بي آر جا ڇاپا هڻڻ جو اختيار محددو
ايف بي آر انڪم ٽيڪس آفيسرن کي ڪاروباري مرڪزن تي ڇاپو هڻڻ ۽ ڪاروباري يونٽن ۾ موجود رڪارڊ، ڪمپيوٽر ۽ اڪائونٽن سميت ٻي رڪارڊ تائين رسائي صرف مخصوص حالتن لاءِ محدود ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي صرف خصوصي حالتن ۾ انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي ٽيم واسطيدار چيف ڪمشنر جي پيشگي اجازت سان ڪنهن ڪاروباري يونٽ جو دورو ڪري سگهندي. چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اسپيشل اسسٽنٽ زبير جلال چيو آهي ته اسان کي شڪايتون مليون آهن ته فيڊرل بورڊ جا ڪجهه نمائندا پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. اهڙيون شڪايتون ملڻ بعد هي فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن بابت سڀني فيلڊ فارمشنز (Field For Missions) کي اطلاع ڏنو ويو آهي.

