نمرتا ڪيس: اگني سنسڪار ٿي ويو، ميڊيڪل بورڊ پاران خودڪشي جو امڪان رد
لاڙڪاڻي جي ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جو ميرپورماٿيلو ۾ اگني سنسڪار ٿي ويو. هن موقعي تي يونيورسٽي جي وي سي انيلا عطاءُ الرحمان آئي هئي جنهن کان صحافي پاران سوال پڇڻ تي هن کيس موبائل کسي ٿڦڙ هڻندي خراب نتيجن جي ڌمڪي ڏني. نمرتا جي وارثن جو چوڻ آهي ته انتظاميه حقيقتون لڪائي رهي آهي جنهن جي جاچ ڪئي وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي مسعود بنگش چيو ته ڪا جي آءِ ٽي نه جوڙي آهي. واقعي جي جاچ پاڻ ڪري رهيو آهيان واضح رهي ته يونيورسٽي انتظاميه خودڪشي واري موقف تي قائم آهي. جڏهن ته ميڊيڪل بورڊ خودڪشي واري موقف کي رد ڪيو آهي. ٻئي طرف مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اڄ سنڌ سرڪار چيف جسٽس کي واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ خط لکندي جنهن بعد سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

