خاصنئون

سيشن جج نمرتا ڪيس هلائڻ کان نٽائڻ لڳو

خبرن مطابق لاڙڪاڻي سيشن ڪورٽ جو جج نمرتا جي ڪيس جي انڪوائري شروع ڪرڻ کان نٽائڻ لڳو آهي. سنڌ صوبي جي هوم سيڪريٽري کي پوليس پاران ٻڌايو ويو آهي ته سيشن جج نمرتا ڪيس جي انڪوائري نٿو ڪرڻ چاهي. هوم سيڪريٽري پوليس کي چيو ته جج ڪيس نٿو هلائڻ چاهي ته ان کي لکت ۾ ٻڌائڻ گهرجي. ٻئي پاسي چيو پيو وڃي ته مرحومه جو خاندان ايف آءِ آر داخل نه پيو ڪرائي نه ئي پوليس خودڪشيءَ جو ڪيس داخل ڪري رهي آهي. ساڳئي وقت ايڊووڪيٽ عشرت لوهار چيو آهي ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پهرين انڪوائري شروع نٿي ٿي سگهي.