400 ادارا بند ڪري رهيا آهيون: فواد چوڌري
سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت 400 ادارا بند ڪري رهي آهي، ماڻهو نوڪري لاءِ اسان ڏانهن نه ڏسن. اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو آهي ته نوڪري حڪومت نه پر پرائيويٽ سيڪٽر ڏيندو آهي. هر ماڻهو کي سرڪاري نوڪري نه ڏيڻ گهرجي. حڪومت ته 400 ادارا بند ڪري رهي آهي پر ماڻهن جو زرو آهي ته حڪومت ئي نوڪريون ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته اها 70 جي ڏهاڪي جي سوچ هئي ته ماڻهو نوڪرين لاءِ حڪومت ڏانهن ڏسي رهيا هئا، اڄڪلهه پرائيويٽ شعبو نوڪريون ڏيندو آهي. حڪومت جي ذميواري آهي ته پرائيويٽ شعبي لاءِ سٺو ماحول پيدا ڪري.

