ڪافي جي باقيات مان ڪارن جي لاءِ پلاسٽڪ ٺاهڻ جو منصوبو

آٽو موبائل ٺاهڻ واري مشهور ڪمپني فورڊ ۽ مڪڊونلڊ، آمريڪا جي هڪ ڳنڍيل منصوبي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ڪارن جي لاءِ پلاسٽڪ تيار ڪرڻ ۾ ڪافي جون باقيات استعمال ڪيون وينديون. ان خبر جو پسمنظر ڪجهه هينئن آهي ته پلاسٽڪ چاهي اها ٿيلهي جي شڪل ۾ هجي، پائيپ جي شڪل ۾ يا وري گاڏي جي پرزي ۾ ئي ڇو نه هجي، ماحول کي شديد نقصان پهچائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ان مسئلي جي حل جي طور تي زوال پذير (ڊيگريڊيبل) پلاسٽڪ جا مختلف قسم تيار به ٿي چڪا آهن، پر ان ميدان ۾ بهتري جي ضرورت ۽ گنجائش ٻئي موجود آهن. انگن ۽ اکرن جي مطابق آمريڪا ۾ هر سال 148 ارب ڪپ ڪافي پيتي ويندي آهي. جڏهن ته ڪافي جي ٻجن کي قابل نوش ڪافي ۾ تبديل ڪرڻ (ڪافي روسٽنگ) جي عمل ۾ لکن ٽنن جي حساب سان ڪچرو اهڙو پيدا ٿيندو آهي جيڪو ڪافي جي ٻج جي باقيات تي ٻڌل هوندو آهي. ان ۾ ڪافي جي ٻج جون کلون ۽ ڪچي ڪافي ڦوڳ وغيره شامل هوندا آهن. ڪافي جي باقيات مان مختلف مصنوعي شيون بڻجي چڪيون آهن جن ۾ جوتا، ڪپ ۽ مگ، پينٽ، ليمپ ڪور، ٿري ڊي پرنٽنگ مٽيريل، ميزون ۽ ڪرسيون وغيره شامل آهن. فورڊ ۽ مڪڊونلڊ ۾ ٿيڻ وارو تازو معاهدو به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي. فورڊ جي ماهرن ڪافي روسٽنگ جي باقيات مان پلاسٽڪ ٺاهڻ جو هڪ طريقو واضح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پهرين ته ڪافي جي باقيات کي گهٽ آڪسيجن واري ماحول ۾ چڱيءَ طرح گرم ۽ خشڪ ڪيو ويندو آهي. ٻئي مرحلي ۾ ان کي ڪجهه مقدار ۾ پلاسٽڪ سان گڏ ملائي ننڍڙن ٽڪرن جي شڪل ڏني ويندي آهي (جنهن کي پاڪستان ۾ پلاسٽڪ جو داڻو چوندا آهن) ڪار جي مختلف حصن مثال طور هيڊ لائيٽ ڪيسنگ ۽ ڊيش بورڊ وغيره کي تياري ۾ انهن ئي ننڍن داڻن کي ڳاري استعمال ڪيو ويندو آهي. ان عمل ۾ ڪافي گهٽ توانائي خرچ ٿيندي آهي.
