حڪومت کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جو اعتراف ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت کنڊ جي قيمتن ۾ تازي اضافي جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي ته گذريل هفتي ۾ کنڊ جي قيمت ۾ پنج سيڪڙو اضافو ٿيو. جڏهن ته ملڪ ۾ کنڊ في ڪلو ريزڪي قيمت 78 رپين تائين پهچي وئي آهي. انگن اکرن واري اداري پاران وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سيالڪوٽ ۾ ريزڪي قيمت پنجهتر رپيا جڏهن ته اسلام آباد ۾ 85 رپيا رهي آهي. جڏهن ته 20 ڪلو واري ٿيلهي 13 رپيا في ڪلو گهٽ ٿي 955 ٿي وئي آهي جڏهن ته هڪ هفتي ۾ مجموعي طور تي پندرهن شيون مهانگيون ٿي ويون آهن.
