ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي ڪارروائي ڪورنگي صنعتي علائقي ۾ گدلاڻ پکيڙڻ واريون پنج صنعتون سيل

وڏي وزير جي قانوني صلاحڪار، موسمياتي تبديلي ۽ سامونڊي ترقي واري وزير بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايت تي ماحولياتي تحفظ واري اداري جي ٽيم ڪورنگي صنعتي علائقي جي گدلاڻ پکيڙڻ وارين پنجن صنعتن کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. جڏهن ته گدلاڻ پکيڙڻ وارين ٻن ڪمپنين جا ڪيس قانوني ڪارروائي لاءِ عدالت موڪليا ويا. جينا ڊائنگ، حامد ڊائنگ ۽ ابرار ڊائنگ نالي ڪمپنين کي گدلي پاڻي ٽريٽ ڪرڻ کانسواءِ وهائڻ جي ڏوهه ۾ بند ڪيو ويو. جڏهن ته ٿرمولائن ڪمپني کي فضائي گدلاڻ پکيڙڻ ۽ بابا شاپ نالي ڪمپني کي گدلاڻ پکيڙڻ وارا جنريٽر استعمال ڪرڻ تي بند ڪيو ويو. صنعتي ڪچرو اڇلائڻ جي ماحولياتي ڏوهه ۾ انڊس پرنٽنگ پريس ۽ شاهپور اپيرل جا ڪيس جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ موڪليا ويا ته جيئن سنڌ جي ماحوليات جي تحفظ واري وزارت جي چوڻ تي عمل نه ڪرڻ تي انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي. ان حوالي سان ماحوليات واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گدلاڻ پکيڙڻ وارن خلاف بنا فرق جي ڪارروايون اهڙيءَ ريت جاري رهنديون.
