خاص

ايران مان آيل 203 ڄڻن کي نگراني هيٺ رکيو ويو: ڊي ايڇ او خيرپور

ڊي ايڇ او خيرپور محمد حسين ابڙو چيو آهي ته ايران کان آيل مسافرن جو انگ 350 آهي ۽ سمورن مسافرن جي اسڪريننگ مڪمل ڪئي وئي آهي، جن مان 146 ماڻهن کي 14 ڏينهن تائين نگراني هيٺ رکي ڪليئر قرار ڏنو ويو ۽ 203 شڪ جي بنياد تي هن وقت به سخت نگراني هيٺ آهن. ڊي ايڇ او چيو ته فيض آباد ڪالوني جي ڪچي آبادي واسڻ 45 ورهين جي سلميٰ زال محمد يوسف ڀٽي کي نڪ مان رت اچڻ کانپوءِ آئيسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو ۽ صوڀوديرو واسي 19 ورهين جو مظهر ولد محمد يعقوب کي پڻ آئيسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو. شڪ جي بنياد تي ٻنهي جي رت جا نمونا آغا خان ليبارٽري رپورٽ مطابق نيگيٽو ملڻ کانپوءِ کين ڪليئر قرار ڏنو ويو. ڪورونا وائرس  جي شڪ جي بنياد تي هن وقت تائين چين کان آيل شاهزيب راهوجو سميت ٽي ماڻهو خيرپور اسپتال اندر قائم آئيسوليشن وارڊ مان ڪليئر قرار ڏنا ويا ۽ خيرپور ۾ هڪ به ڪيس رجسٽر نه ٿيو آهي