خاص

قومي اسيمبلي ۾ ترميم کانپوءِ زينب الرٽ بل منظور

قومي اسيمبلي زينب الرٽ بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انساني حقن جي وزير شيرين مزاري طرفان پيش ڪيل زينب الرٽ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، جنهن تي هن سڀني جو ٿورو مڃيو. جڏهن ته جماعت اسلامي جي ميمبر مولانا اڪبر چترالي بل جي مخالفت ڪندي چيو ته ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا نه رکي وحشين کي طاقت ڏني پئي وڃي. ٻارن سان زيادتي ڪرڻ وارن لاءِ موت جي سزا رکي وڃي. شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته گم ۽ اغوا ٿيل ٻارن لاءِ الرٽ وڌائڻ، جوابي رد عمل ۽ بازيابي لاءِ حڪم واضح ڪرڻ جو بل سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو. بل ۾ موت جي سزا ۽ قصاص کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ ٻارن خلاف ڏوهه تي وڌ کان وڌ 14 سال ۽ گهٽ ۾ گهٽ 7 سال قيد جي سزا هوندي. ٻارن جي بازيابي بابت ايجنسي جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، جنهن جو سربراهه ڊائريڪٽر جنرل هوندو. ايجنسي جي نگراني آءِ سي ٽي چائلڊ پروٽيڪشن ايڊوائيري بورڊ جي اختيار ۾ هوندي