خاص

سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 18 ڪيس ظاهر، انگ 35 ٿي ويو

سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 18 ڪيس سامهون اچي ويا آهن، جنهن مان 5 ڪيس ڪراچي ۾ ظاهر ٿيا آهن، جن مان 3 مريض ڪجهه انهن اڳ سعودي عرب کان پاڪستان آيا هئا، جن جا نمونا ورتا ويا آهن. ٽيسٽ ۾ کين ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. هڪ مريض ڪوئيٽا کان ڪراچي آيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ ان کي روڪڻ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، رينجرز، ايف آءِ اي، ڊبليو ايڇ او ۽ مختلف اسپتالن جي ماهرن سميت ايئرپورٽ توڙِ سول ايوي ايشن جي عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ته تفتان کان سکر منتقل ٿيل 293 زائرين مان 40 ڄڻن جا نمونا ورتا ويا، جن مان 13 ڄڻن کي ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي. ڊي سي سکر راڻا عديل تصور، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، سول اسپتال سکر جي ايم ايس ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي سکر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان پهتل 291 زائرين کي انتهائي نگهداشت هيٺ سکر جي ليبر ڪالوني ۾ آئيسوليشن وارڊ قائم رکيو ويو آهي، سمورن زائرين جا نمونا وٺي ڪراچي اماڻيا ويا آهن. هنن چيو ته 14 ڏينهن تائين سنڌ حڪومت جي هدايتن تي زائرين کي نگراني هيٺ سکر ليبر ڪالوني ۾ رکيو ويندو. مجموعي طور تفتان بارڊر ذريعي 661 پاڪستاني بلوچستان پهتا آهن، جن مان 291 کي سکر منتقل ڪيو ويو آهي