خاص

سنڌ ۾ ڪورونا جا 335 نوان مريض ظاهر، 7 مريض فوت

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 335 نوان ڪيس ظاهر ٿي ويا ۽ 7 مريض فوت ٿي ويا، مريضن جو انگ 5291 ٿي ويو. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي وڊيو پيغام ۾  ڪورونا بابت عوام کي آگاهي ڏيندي چيو ته  24 ڪلاڪن ۾ 4112 کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 335 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جڏهن ته 7 مريض فوت ٿي ويا، هيستائين 48 هزار 61 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 5291 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اهڙي ريت ڪورونا متاثرن جي شرح 12 سيڪڙو کان گهٽجي 8.15 سيڪڙو ٿي وئي آهي. فوتين جو انگ 92 ٿي ويو. نون ڪيسن ۾ حيدرآباد 17، جيڪب آباد 10، سکر 7، شڪارپور 7، نوابشاهه 6، ٽنڊو محمد خان 6، لاڙڪاڻو 5، سانگهڙ 5، دادو 3 ۽ نوشهروفيروز ۾ هڪ نئون ڪيس شامل آهي