خاص

500 وينٽيليٽر صوبن کي ڏينداسين، اين ڊي ايم اي

اين ڊي ايم اي ڪورونا لاءِ سنڌ کي ڏنل سامان جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو، جنھن موجب سنڌ ۾ ھن وقت ڪورونا مريضن جي ضرورت موجب ججھي مقدار ۾ وينٽيليٽر موجود آھن. ڪالھ اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو ته اين ڊي ايم اي پاران سنڌ کي 20 بائي پيپ وينٽيليٽر ڏنا ويا آھن. اين ڊي ايم اي جي ويئر ھائوس ۾ اٽڪل 500 وينٽيليٽر موجود آھن، ھي وينٽيليٽر اسٽريٽجڪ رزرو آھن ۽ ضرورت موجب صوبن کي جاري ڪيا ويندا. ھن وقت تائين سنڌ کي 10 لک 30 ھزار 163 فيس ماسڪ ڏنا ويا آھن ۽ 2 لک 3 ھزار 840 ايم 95 ماسڪ سنڌ کي ڏنا ويا آھن. ترجمان چيو ته 2 لک 35 ھزار 779 حفاظتي ڪپڙا ۽ 8 ھزار 763 حفاظتي عينڪ ڏنا ويا. 2 لک 42 ھزار 792 ھٿن جا ڪور، 57 ھزار 844 بوٽ جا ڪور، 94 ھزار 201 سرجيڪل ڪيپ، 25 ھزار 351 گائون، 9 ھزار 448 فيس شيلڊ به سنڌ کي ڏنا ويا آھن. سنڌ کي 4 پي سي آر مشينن سان گڏ ھڪ آٽوميٽڪ مشين ڏني وئي آھي. ھڪ لک 23 ھزار 832 ڪٽون، 55 ھزار وي ٽي ايم ۽ 55 ھزار سويب به سنڌ کي ڏنا ويا، ٽيسٽنگ ڪٽون اسٽور ڪرڻ جون 2 بايو سيفٽي الماريون، 200 ٿرمل گنز ۽ 30 ھزار بايو ٽيڪ ٽيوب شامل آھن. 1020 باڊي بيگ ۽ 25 ھزار سينيٽائزر جون بوتلون ڏنيون ويون آھن