خاص

سنڌ تعليم کاتي جو پھرين جون کان تعليمي ادارا نه کولڻ جو اعلان

سنڌ تعليم کاتي سڄي سنڌ جي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن کي وڌيڪ بند رکڻ جي حوالي سان واضح نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ اسڪول ايجوڪيشن کاتي سوشل ميڊيا تي تعليمي ادارا پھرين جون کان کلڻ جي افواھن جي تناظر ۾ ھڪ واضح نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ۾ چيو ويو آھي ته 12 مئي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي ٿيل اجلاس جي فيصلي جي روشني ۾ تعليمي ادارا وڌيڪ بند رھندا ۽ پھرين جون کان تعليمي ادارا نه کلندا. نوٽيفڪيشن موجب تعليمي ادارا کولڻ سان لاڳاپيل ڪوبه فيصلو ڪورونا صورتحال کي ڏسي ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ ۾ پھرين کان اٺين جماعت تائين شاگردن کي براھ راست ترقي ڏني وئي آھي