بلاگنئون

مضبوط ارادن جي مالڪ عورت

لاڙ جي ضلعي بدين سان تعلق ھوندي مون کي اھو اطمينان رھيو آھي ته سڄي سنڌ جيان عورت کي ڪاري ڪري مارڻ جو رجحان اسان وٽ نه ھئڻ جي برابر رھيو آھي. ھتي جي عورت کي ڪجھ ڪري ڏيکارڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ جا موقعا ڀلي گھٽ ملندا ھجن پوءِ به ھوءَ سنڌ جي ٻين ضلعن سان لاڳاپيل عورتن کان ڪنھن به صورت ۾ گھٽ نه رھي آھي. مون وٽ ماضي جي عظيم ڪردارن شاعره مرکان شيخڻ يا پنھنجي مرشد حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان نقشبندي قدس سره جي شان ۾ ڳيچ چوندڙ ٽالپر قوم سان تعلق رکندڙ نامعلوم مريدياڻي (منھنجي تحقيق جاري آھي) ۽ سومرن جي دور جي سورمي ٻاگھي جا مثال ڏيڻ سان گڏ بدين جي ڪجھ موجوده عورت ڪردارن جا نالا به آھن، بدين شھر جي ڪولھي برادري سان تعلق رکندڙ جوڊو ڪراٽي جي ماھر برکا ڪولھي به لاڙ پٽي جي عورتن لاءِ ھمت ۽ شجاعت جو نمونو رھي آھي! پاڻ ھن وقت دبئي ۾ پنھنجي انسٽيٽيوٽ ۾ جوڊو ڪراٽي جي تربيت ڏئي ٿي. ٻيا به گھڻا نالا آھن انھن ۾ سلميٰ تبسم جو نالو به اچي ٿو.
جنھن 11 اپريل 1989ع ۾ سائين بخش لاشاري جي گھر پيرو لاشاري ۾ جنم ورتو. ھر گھر جي ڪھاڻي جيان سندس گھر ۾ به عورتن لاءِ ماحول ٻوساٽيل ئي رھيو، ان جي باوجود به ھوءَ حالتن سان جھيڙي ٻه وکون کڻي اڳيان نڪري آئي، پنھنجين صلاحيتن کي ڪنھن جي خوف کان لڪائڻ بجاءِ انھن جو نماءَ ڪري نالو ڪمايائين.
سلميٰ جي تعليم بي اي تائين آھي. سندس ڪرت به ڪتاب پڙھڻ ۽ لکڻ رھي آھي. پاڻ 2003ع کان لکي رھي آھي. سنڌو مئگزين ۽ عبرت مئگزين ۾ ھن جو مواد ڇپجندو رھيو آھي. ايڏي ڊگھي عرصي کان لکڻ جي باوجود به ھوءَ ان مقام تي نه رسي سگھي آھي جنھن جي ھوءَ حقدار آھي. ڇو ته ايستائين ڪنھن به ھن جي ڪيل پورھئي/سندس صلاحيتن کي مڃتا ڏيارڻ ۾ مدد نه ڪئي آھي. سندس پھرين شاعري (غزل) سنڌو مئگزين ۾ ڇپي ھئي ان وقت ھوءَ نائين ڪلاس ۾ پڙھندڙ ھئي. ھن پنھنجو لکڻ جو سلسلو گھر وارن کي بنا ٻڌائڻ جي جاري رکيو. ان کان علاوه ھوءَ ھڪ بھترين ڪمپيئر به رھي آھي. ڪجھ عرصو ھوءَ ڪراچي ۾ رھندي ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي گھر وارن کان لڪي اسپورٽس نيوز به پڙھندي رھي آھي. 2013ع ۾ hot fm 105 بدين تان ۽ 2015ع ۾ fm94 بدين تان لنچ ٽائيم ۽ شام جو پھر پروگرام ڪيائين. گھر ۾ صرف ھڪ ڀيڻ ئي ھن جو ريڊيو تي پروگرام ڪرڻ بابت ڄاڻندي ھئي ۽ ھوءَ ھن جي رازدار سھيلي ھئي. ھوءَ ٻڌائي ٿي ته ھن جو پھريون پروگرام سندس سر نور محمد ڀٽو سان گڏ ھو. ھڪ سال گذرڻ کانپوءِ گھر وارن کي ھن جي ريڊيو پروگرامن ۽ شاعري ڪرڻ بابت ڄاڻ ٿي ته سخت مخالفت ڪري کيس روڪيو ويو. خاردار راھن تان گذري ھوءَ اڄ به محنت ڪري رھي آھي. سندس شاعري به ڇپجندي رھي ٿي. ھن جي شاعري ۾ به ھن جھڙين سنڌ ڄاين جو درد ۽ پيڙا محسوس ڪري سگھجي ٿي. نموني طور سندس ھڪ غزل ونڊ ڪجي ٿو:
گھڙي، وقت ھر، ھو رٺل ٿو رھي
ڏکن سان ھو ڀي مليل ٿو رھي
سنڀاريان ڪيئن پاڻ پنھنجو، گڏوگڏ
سندس گھاءَ سيني ڏنل ٿو رھي
ڪيو پيار اظھار سھڻا اوھان سان
ڪٿي راز ھاڻي لڪل ٿو رھي
رنجائي ڇڏيو روح منھنجو پرين آ
محبت ۾ من ئي ڊٺل ٿو رھي
ڪئي منٿ تبسم اجائي وئي آ
سندء ڪوٽ نفرت اڏيل ٿو رھي
ھڪ ھنڌ وري پاڻ کي ستائيندڙن تي ڇوھ ڇنڊيندي چوي ٿي:
آئون بدلو وٺنديس
لفظن سان
جملن سان
قلم سان
بدلو وٺنديس
ھرھڪ کان
لاڙ جي سامونڊي ھوائن ۾ پلجندڙ ھن نرم، نازڪ مزاج ۽ خوبصورت خيالن جي مالڪ عورت جو خواب به عام رواجي عورت جيان ماءُ بڻجڻ جو ئي آھي. دعا آھي الله سندس جلد خالي جھول ڀري ھن جي ازدواجي زندگي کي خوشگوار بڻائي ۽ ان سان گڏ کيس محنتن جو ڦل عطا ڪري…