ايڊيٽوريل

فيض حميد جو ڪورٽ مارشل هڪ خاموش انقلاب جي شروعات

دنيا جي تاريخ ۾ اهڙو ڪوبه مثال نٿو ملي ته ڪنهن ملڪ جي ڳجهي اداري جي سربراهه کي گرفتار ڪيو ويو هجي. اهڙو مثال قائم ٿيو آهي سو به پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾. انهيءَ ڪري اهو چيو ٿو وڃي ته اسان وٽ هڪ اڻ ٿيڻي ٿي آهي.
فيض حميد جي گرفتاري ۽ سندس ٿيندڙ ڪورٽ مارشل پاڪستان جي تاريخ جو هڪ نئون موڙ آهي. اسان جو آءِ ايس آءِ جيڪو هڪ ڳجهو ادارو آهي، دنيا ۾ سندس شمار پهرين پنجن ڳجهين ايجنسين ۾ ڪري سگهجي ٿو. ملڪ اندر هن کان وڌيڪ طاقتور ڪو ٻيو ادارو نه آهي، پر جهڙي مقبوليت فيض حميد پاڻ کي ۽ انهيءَ اداري کي ڏياري اها پڻ هڪ تاريخ آهي. پوءِ ان کي صحيح سمجهيو وڃي يا غلط، اهو هڪ الڳ موضوع آهي. جيئن باني پي ٽي آءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فيض حميد ملڪ جو اثاثو هو. اسين سمجهون ٿا ته ملڪ جي ان اثاثي ملڪ جي فائدي لاءِ گهٽ ۽ ملڪ جي نقصان جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪيو. سندس صلاحيتون واقعي به گهٽ نه هيون، پر هن انهن صلاحيتن کي صرف پنهنجي ذات جي مفاد ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي اها ڳالهه هر وات ۾ آهي ته هن پنهنجو پاڻ کي ايندڙ ٽيهن سالن جي لاءِ ملڪ جي سربراهه جي حيثيت ۾ ٿي ڏٺو ۽ سربراهه به اهڙو هجي جيڪو آئيني طور تي چونڊيل هجي، پر سندس طاقت هڪ آمر جي طاقت جهڙي هجي. اسان اهڙي قسم جا آمر ملڪ اندر مختلف دورن ۾ ۽ مختلف صورتن ۾ ڏسي ۽ ڀوڳي چڪا آهيون ۽ ملڪ کي حالت ۾ پهچائڻ جا ذميوار اهي آمر ئي آهن. ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ، ملڪ جي عوام ۾ مختلف قسم جون نفرتون پيدا ڪرڻ، جنهن ۾ مذهبي، لساني، علاقائي ۽ نسلي نفرت شامل آهي. صرف انهيءَ ڪري ته عوام پاڻ ۾ ورهايل هجي ۽ هو حڪومت ڪندا رهن، پر فيض حميد جي سوچ انهن سڀني کان اڳتي هئي. آءِ ايس آءِ جي چيف جي حيثيت ۾ هن ملڪ اندر اهڙو نيٽ ورڪ ٺاهيو جنهن ۾ آرمي آفيسر، بيوروڪريسي، ملڪ اندر ڪم ڪندڙ مافيائون، صنعتڪار، سرمائيدار، ميڊيا جا ماڻهو، ملڪ کان ٻاهر ويٺل پاڪستاني، جذباتي نوجوان نسل شامل هئا. هن جي طاقت جي سامهون وقت جو آرمي چيف به کانئس خوف کائيندو هو. ڳالهيون واضح هيون ته جڏهن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه هو ان وقت به اصل طاقتور ماڻهو فيض حميد هو. باني پي ٽي آءِ کي طاقتور ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ هٿ فيض حميد جو هو. اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته ايس پي ۽ ڊي سي ليول جي بيوروڪريٽس سان پڻ سندس سڌا رابطا هوندا هئا. هاڻي ڳالهيون واضح ٿي رهيون آهن، ان جو مثال اڊيالا جيل جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آهي. هن جهڙي نموني محنت ڪري ۽ پنهنجي عهدي جو ناجائز فائدو حاصل ڪري ملڪ جي سسٽم کي اپاهج بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن هن وقت کان پهرين رٽائرمينٽ ورتي ته ان کانپوءِ به پنهنجي ٺاهيل نيٽ ورڪ کي ملڪي نظام سان گڏوگڏ هڪ گڏ هلندڙ نظام طور هلائيندو رهيو. اهو ئي سبب هو جو ملڪي نظام پنهنجي پوري ڪوشش جي باوجود سندس مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪامي محسوس ڪري رهيو هو ۽ نيٺ طاقتور قوتن کي ان گڏوگڏ هلندڙ نظام جي ماسٽر مائينڊ تي هٿ وجهڻو پيو. هن تي اهو به الزام آهي ته 9 مئي 2023 جي واقعي جي منصوبي جي پويان اصل سوچ هن جي هئي. هاڻي سسٽم وٽ ٻه طريقا هئا يا ته اهڙن ماڻهن کي آئين کان مٿانهون ٿي جيل ۾ وڌو وڃي يا انهن جي زندگي ختم ڪئي وڃي. جنهن کي اسين خوني انقلاب چوندا آهيون، ان لاءِ يقينن هڪ ٻي مارشل لا جي ضرورت هئي، جيڪا اسان جي ملڪ جي تباهي ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿئي ها. ٻيو طريقو خاموشي سان آئيني ۽ قانوني طريقو استعمال ڪندي اهڙي قسم جي ڪردارن کي قابو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سزائون ڏيڻ هو. اهڙي قسم جو ڪم اهو طاقتور سربراهه ئي ڪري پئي سگهيو جنهن جو پنهنجو رڪارڊ بلڪل صاف ۽ شفاف هجي، جنهن جي لاءِ ڪابه وڊيو يا اسڪينڊل موجود نه هجي، جيڪو ڪرپشن ۾ ملوث نه هجي ۽ اهو ڪم هن وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کانسواءِ شايد ڪوبه شخص نه ڪري سگهي ها. اسين ان خاموش انقلاب يا ارتقا جي عمل جي آجيان ڪريون ٿا جنهن ۾ رت وهائڻ کانسواءِ انهن ڪردارن کي جيڪي ملڪي سلامتيءَ لاءِ خطرو هئا انهن کي وائکو ڪري سزائون ڏيڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.
اهو عمل پنهنجي پرائي جي فرق بنا منطقي انجام تي پهچڻ گهرجي، انهيءَ ۾ جيڪي به ملڪ کي نقصان ڏيندڙ طاقتور ماڻهو ملوث آهن انهن کي سزائون اچڻ گهرجن. ڪم سولو ناهي، پر شروعات ٿي چڪي آهي ۽ اها شروعات انجام تائين پهچڻ گهرجي. اميد آهي ته انهيءَ خاموش انقلاب جي ذريعي ملڪ مضبوط ٿيندو، ادارا شفافيت سان پنهنجو ڪم ڪندا، طاقت جو غلط استعمال نه ڪيو ويندو، عوام کي پنهنجو جائز حق ملندو ۽ ملڪ ترقيءَ جي پٽڙيءَ تي چڙهي پوندو.