ايڊيٽوريل وفاقي حڪومت جو پيٽرول جي اگهن تي يوٽرن June 3, 2024 Zahida Abro پيٽرول جو اگهه تمام گهڻو آهي، جنهن جو اسان جي سفيد پوش ۽ غريب ماڻهوءَ تي سڌو اثر پوي ٿو. هن وقت جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتايون اچي رهيون آهن ته پاڪستاني ماڻهن به سوچيو ته اسان جي وفاقي حڪومت جنهن کي ملڪ جي عوام جو تمام گهڻو اونو آهي، عوام جي مسئلن حل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت آرام نه ڪندي آهي، سندس ننڊون ڦٽل آهن، اها ملڪ جي عوام کي تيل جي اگهن ۾ چڱي خاصي لاٿ ڪري فائدو ضرور ڏيندي. اها ڳالهه وڌيڪ مستند ٿي، جڏهن 2024-05-31 جي رات 10:30 کان 12:00 وڳي تائين ملڪ جي وڏن ميڊيا چئنلن تي خبر هلڻ شروع ٿي وئي ته وزيراعظم پيٽرول جي اگهه ۾ 15 رپيا 40 پئسا گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي ۽ اهو اگهه 12 وڳي کان شروع ٿي ويو. ڇو ته رات جو 12 وڳي کانپوءِ تاريخ تبديل ٿي چڪي هئي. ماڻهن جي مرجهايل چهرن تي مرڪون اچي ويون، انهن حڪومت جا دل ئي دل ۾ ٿورا مڃڻ شروع ڪيا. ايستائين جو حڪومت کي سپورٽ ڪندڙ نالي وارا ولاگر پڻ حڪومت جي انهيءَ قدم تي شاباش ڏيندا رهيا. 12 وڳي رات کانپوءِ پيٽرول پمپ جي مالڪن ماڻهن کي 15 رپيا 40 پئسا گهٽ اگهه تي پيٽرول ڏيڻ شروع ڪيو. اها خوشي صرف 30 منٽن تائين برقرار رهي سگهي. 12:30 وڳي رات جو وزارتِ خزانا طرفان نوٽيفڪيشن آيو ته پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ صرف 4 رپيا 74 پئسا ڪئي وئي آهي. وزيراعظم صاحب جيڪو چيو آهي ۽ وزيراعظم هائوس جيڪو لکيو آهي، سندس ڪيل حڪمن جا هو پاڻ ذميوار آهن. اسان جي طرفان پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ صرف 4 رپيا 74 پئسا ٿي آهي. وفاقي حڪومت طرفان اهو ڪو پهريون مذاق نه آهي جيڪو عوام سان ڪيو ويو هجي، وزيراعظم اهڙن مذاقن جو ماهر آهي. اوهان کي سندس اها تقرير به ياد هوندي، جڏهن هن پهريون دفعو وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي اندر تقرير ڪئي هئي، جيڪا به هوائي هئي ۽ جنهن ۾ سندس طرفان ڪيل واعدا واريءَ جي ڀت وانگر ڊهي پٽ پئجي ويا هئا. هن حڪومت ۾ به اهو واضح چيو ويو ته وزير خزانا ۽ وزير داخلا ڪنهن به سياسي پارٽي جا نه آهن، اهي آءِ ايم ايف ۽ طاقتور ڌرين جا مقرر ٿيل آهن. ان اعلان کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته وزيراعظم جي حيثيت ڇا آهي. سندس ڪابينا ۾ موجود وزير کيس جواب ڏيڻ بدران ڪنهن ٻئي هنڌ جوابده آهن. جيڪڏهن وزيراعظم کي خبر نه آهي ته اسان کيس ٻڌايون ٿا ۽ کيس گذارش ڪريون ٿا ته مهرباني ڪري مستقبل ۾ عوام سان اهڙي قسم جا مذاق نه ڪري، جنهن ۾ ماڻهو وقتي طور خوش ٿين ۽ پوءِ وڌيڪ پريشان ٿين. اسان سمجهون ٿا ته سندس حيثيت ڪيتري آهي ۽ اها ڳالهه کيس پاڻ کي به ڀلي ڀت خبر آهي، ڀلا پوءِ اهڙي قسم جا مذاق ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هن کان پهرين باني پي ٽي آءِ تي هڪ وڏو الزام لڳندو رهيو آهي ته هو يوٽرن ماسٽر آهي ۽ هو هڪ ڏينهن ڳالهه ڪري ٻئي ڏينهن سندس ئي ڪيل ڳالهه تان ڦري ويندو آهي، پر هاڻي عوام کي محسوس ٿئي ٿو ته حڪومت ۾ ويٺل سڀ حڪمران يوٽرن ماسٽر آهن، انهن کي پنهنجن ڪيل ڳالهين جو ۽ ڪيل اعلانن جو احترام نه آهي. سندن ڳالهين کي به ايئن ئي ورتو وڃي جيئن باني پي ٽي آءِ جي چيل ڳالهين کي ورتو ويندو آهي. باني پي ٽي آءِ يوٽرن وٺڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳائيندو آهي، پر هنن همراهن ته حد ڪري ڇڏي، صرف 30 منٽن اندر يوٽرن وٺي پنهنجي ڳالهه تان پاڻ ڦري ويا. اهڙن ڪمزور حڪمرانن مان ڪيئن توقع ڪجي ته اهي ملڪ جي عوام جي لاءِ بهتر پاليسيون جوڙيندا، جنهن سان عوام خوشحال ٿيندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو. انهن جون پاليسيون ماضيءَ وانگر صرف آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ ۽ اشرافيه کي فائدو ڏيڻ لاءِ هونديون آهن. انهن کي خبر آهي ته عوام هڪڙو ڏينهن دانهون ڪري خاموش ٿي ويندو، انهيءَ ڪري عوام سان مذاق جاري رهندو. Post Views: 115