بلاگنئون

ڇاتيءَ جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي

آڪٽوبر جو مهينو ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي. هن مهيني ۾ بيشمار پروگرام ڪيا ويندا آهن ته جيئن ماڻهن ۾ هن موذي مرض جي متعلق آگاهي پکيڙي وڃي. آڪٽوبر مهيني ۾ هر طرف گلابي ڏوري نظر ايندي آهي، جيڪا بريسٽ ڪينسر جي آگاهي جي سڃاڻپ آهي. ”ڇاتيءَ جي سرطان ۾ ڇاتيءَ اندر سيل (Cells) ڪنٽرول کان وڌي وڃن ٿا ۽ سرطان جو سبب بڻجن ٿا“
هڪ تحقيق مطابق 2020 تائين پوري دنيا ۾ 2.3 ملين عورتون ڇاتيءَ جي سرطان ۾ مبتلا ٿيون ۽ انهن مان 685000 زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺيون.
ڇاتيءَ جو سرطان پوري دنيا جي عورتن ۾ عام آهي ۽ جڏهن پاڪستان جي ڳالهه ڪجي ٿي ته ايشيا جي اندر پاڪستان اهو ملڪ آهي، جتي ڇاتيءَ جي سرطان جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌيل آهي. هر سال تقريبن 90,000 ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، جن مان 40,000 عورتن جو موت ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ موت جي شرح ان ڪري به وڌيڪ آهي، ڇو ته 70% مريض ايڊوانس اسٽيج تي پهچي پوءِ علاج لاءِ اچن ٿا يا وري گهڻائي ان متعلق آگاهي نه هجڻ يا ڪجهه من گهڙت وهمن جي ڪري علاج لاءِ اچن ئي نٿا. ان سان گڏوگڏ اسپتالن ۾ گهربل سهولتن جو نه هجڻ، عورت ڊاڪٽر جي غير موجودگي ۽ مالي طور مضبوط نه هجڻ ڪجهه مکيه رڪاوٽون آهن، جن جي ڪري عورتون يا ته دير سان علاج شروع ڪرائين ٿيون يا وري علاج لاءِ اچن ئي نٿيون، جنهن جي ڪري اهي پنهنجي زندگي وڃائي ويهن ٿيون.
ڇاتيءَ جو سرطان عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿو، پر گهڻو ڪري اهي عورتون خطري جي حد تي هونديون آهن، جن جي عمر 40 سالن کان مٿي هوندي آهي. هي ڪيس مردن ۾ به ٿئي ٿو، پر ان جي شرح صفا گهٽ يعني 0.5-1% آهي، پر ان جو علاج عورت ۽ مرد ٻنهي لاءِ ساڳيو آهي.
ڇاتيءَ جي سرطان جا سبب:
بريسٽ ڪينسر جا ڪجهه مکيه سبب هي آهن.
وڌندڙ عمر خاص طور عورتن ۾ جڏهن اهي 40 سالن کان مٿي ٽپن ٿيون. ٿولهه، الڪوحل، تماڪ جو گهڻو استعمال. خاندان ۾ ڪنهن کي اڳواٽ اها بيماري هجڻ ڪا توليدي بيماري هجڻ، مينوپاز واريون اهي عورتون جيڪي هارمونل ٿيراپي وٺنديون هجن، پر هتي هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته هيءَ بيماري انهن عورتن کي به ٿئي ٿي، جن جي ڪا اڳواٽ خانداني هسٽري نه هوندي آهي، اهي به ساڳئي ئي رسڪ تي هونديون آهن.
ڇاتيءَ جي ڪينسر جون علامتون:
ڇاتيءَ ۾ يا ڇاتيءَ جي بغل واري پاسي ڳوڙهي ٿيڻ جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سور نه به ٿيندو آهي.
ڇاتيءَ جي سائيز ۾ تبديلي اچڻ.
ڇاتيءَ ۾ ڳاڙهاڻ، ڇاتيءَ جو ڏڪڻ يا ان حصي ۾ چمڙيءَ ۾ تبديلي اچڻ.
ڇاتيءَ جي ٻنڊ (Nipple) ۾ تبديلي.
نپل (Nipple) مان گندو مواد خارج ٿيڻ.
علاج ۾ مکيه رڪاوٽون:
(1) آگاهيءَ جو نه هجڻ:
پاڪستان ۾ عورتن کي هن بيماريءَ جي ڄاڻ نه هجڻ جي برابر آهي، هتي توليدي صحت تي ڳالهائڻ کي اڃا تائين به باعثِ شرم سمجهيو وڃي ٿو، ان لاءِ عورتون ڪنهن به تڪليف جي صورت ۾ گهر ۾ ئي ڪا سور جي دوا کائينديون رهن ٿيون، پر ڪنهن سان ڳالهه نه ٿيون ڪن ۽ ان ڳالهه جي خبر به نه هوندي اٿن ته اها هڪ معمولي ڳوڙهي نه، پر ڪينسر جي شروعات آهي. گهر جا ڀاتي به روڪيندا آهن ته ڪنهن ٻاهرئين ماڻهوءَ سان ڇاتيءَ جو ذڪر نه ڪيو، پوءِ اهڙي ماحول ۾ عورت کي آگاهي ڪيئن هوندي ته پنهنجي ڇاتيءَ جو پاڻ معائنو ڪري ۽ ڪنهن به غير معمولي صورتحال جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر ڏانهن وڃي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته عورتون گهريلو ٽوٽڪا ڪنديون آهن، جيڪي ان بيماريءَ کي ويتر وڌائي ڇڏين ٿا. مثال طور ڪجهه عورتون ان ڳوڙهيءَ (Lump) کي مَلو سمجهي، لُپري ٻڌنديون آهن. تعليم جو نه هجڻ، آگاهي جي گهٽتائي جي ڪري پاڪستان ۾ عورتن جي موت جي شرح وڌي ٿي.
(2) سماجي دٻاءُ
جيڪڏهن ڪا عورت به ڊاڪٽر ڏي وڃي ٿي ۽ ان جي سرطان جي تشخيص ٿئي ٿي ته هن معاشري ۾ ان عورت کي اهو ڊپ ڏنو ويندو آهي ته تون علاج لاءِ نه وڃ، نه ته تنهنجي ڇاتي ڪٽي ڇڏيندا. آپريشن جي ان خوف ڪري به عورتون اسپتالن وڃڻ کان لنوائينديون آهن. عورت کي پنهنجي گهروارن جي طرفان جذباتي پٺڀرائي نه هجڻ جي ڪري نه ته هوءَ پاڻ ان موضوع تي ڳالهائيندي آهي ۽ نه وري ڊاڪٽر ڏي ويندي آهي.
(3) عورت پڻي جو احساس گهٽجي وڃڻ
جيئن ته ڇاتي توليدي عضوو آهي، ان ڪري عورت کي شدت سان اهو خوف ٿيندو آهي ته جيڪڏهن هن جي ڇاتي آپريشن ۾ ڪٽجي ويندي ته پوءِ هوءَ هڪ نارمل عورت نه رهندي.
(4) اسپتال ۾ عورت ڊاڪٽر جو نه هجڻ
اڪثر سرڪاري اسپتالن ۾ عورت ڊاڪٽرن جي کوٽ هوندي آهي ۽ اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، اتي مرد ڊاڪٽر سان پنهنجي ڇاتيءَ جو ذڪر ڪرڻ ڏاڍو برو ۽ معيوب سمجهيو وڃي ٿو.
(5) مالي طور مضبوط نه هجڻ
جيڪي عورتون غريب گهراڻن سان تعلق رکن ٿيون، انهن وٽ ايترا پئسا ئي نه هوندا آهن جو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن، ان ڪري ان بيماري ۾ لوڙيندي لوڙيندي انهن جو موت ٿي ويندو آهي.
احتياط ڪهڙي ڪجي:
(1) ڇاتيءَ جو معائنو
عورتن کي گهرجي ته هو گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ دفعو آئيني جي سامهون بيهي، پنهنجي ڇاتيءَ جو پاڻ معائنو ڪن ۽ ڪابه اهڙي تبديلي نظر اچي ته ڊاڪٽر ڏانهن وڃن ۽ وهنجي وقت صابڻ لڳائي پنهنجي ڇاتين کي محسوس ڪري ڏسن ته کين ڪا ڳوڙهي ته نه محسوس نٿي ٿئي، جيڪڏهن کين ڪا ڳوڙهي محسوس ٿئي ته کين يڪدم ڪنهن ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
(2) وزن تي ڪنٽرول ڪرڻ
ڪوشش ڪري پنهنجي وزن کي گهٽ رکجي، ڇو ته وزن وڌڻ سان ٻين بيمارين سان گڏوگڏ ڪينسر جي بيماري جا خطرا به وڌن ٿا.
(3) جسماني طور سرگرم هجڻ
صحتمند رهڻ لاءِ ضروري آهي ته ايڪسرسائيز ڪجي. وڌيڪ نه ته اڌ ڪلاڪ روزانو پنڌ ڪجي.
(4) الڪوحل ۽ سگريٽ نوشي کان پاسو ڪجي.
(5) ماءُ کي گهرجي ته هوءَ ٻار کي پنهنجي ٿڃ پياري.
(6) هارمونل ٿيراپي (Hormonal Therapy)
ڪنهن به قسم جي هارمونل ٿيراپي کان پاسو ڪجي، خاص طور مينوپاز واريون عورتون احتياط ڪن.
(7) جيڪڏهن ٿورو به شڪ ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر وٽ وڃي ميموگرام (ايڪسري) ڪرائڻ گهرجي ته جيئن وقت سر بيماري جي خبر پئجي سگهي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي جي اهميت
هن بيماريءَ جي باري ۾ هر ماڻهوءَ کي ڄاڻ هجڻ گهرجي، ڇو ته وقت تي جيڪڏهن بيماري جي خبر پئجي ويندي ته ان جو علاج ٿيندو، پر جي دير سان خبر پئي ٿي ته پوءِ علاج ممڪن نه آهي. اها آگاهي تمام گهڻي ضروري آهي ته هن سرطان جون علامتون ڪهڙيون آهن، احتياط ڪيئن ڪجي ۽ پنهنجو معائنو پاڻ ڪيئن ڪجي.
علاج:
معائني کانپوءِ ڊاڪٽر اهو فيصلو ڪندو ته ڪينسر ڪهڙي اسٽيج تي آهي ۽ ان جي لاءِ ڪهڙو علاج شروع ڪرڻ گهرجي.
اهم ڳالهه:
آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڇاتيءَ جي سرطان لاءِ آگاهي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺو ته جيئن پاڻ کي، پنهنجي خاندان ۽ پوري سماج کي ان خطرناڪ بيماري کان بچائي سگهجي.
***