ڊائري جا ورق
جيڪڏهن توهان ڌرتي جي ڌاڙيلن سان وڙهي نٿا سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ هُنن جي سامهون ٿُڪ اُڇلي نفرت جو اظهار ضروري ڪريو.
Read Moreجيڪڏهن توهان ڌرتي جي ڌاڙيلن سان وڙهي نٿا سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ هُنن جي سامهون ٿُڪ اُڇلي نفرت جو اظهار ضروري ڪريو.
Read MoreDaily Humsari Newspaper 15 September 2024
Read Moreشاهه عبداللطيف ڀٽائي هن جديد دور جي فلسفياڻي علم جو پروفيسر اعظم، فلڪيات جو زبردست ڄاڻون، سائنسي دور جو نقاد، مشاهداتي علم جو عظيم محقق، فرقا پرستي جو سخت مخالف، انسانيت جي پيروڪار ۽ علمبردار سان گڏوگڏ هن جديد دور جو زبردست سياستدان به آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان جيڪا ڄاڻ ملي ٿي، جيڪڏھن انهن شعرن تي تحقيق ڪجي ته دنيا جو تمام علم انهن شعرن ۽ بيتن ۾ سمايل نظر ايندو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تعصبي بنياد پرست علمي، ادبي اڪابرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏنل علم تي تحقيق بجاءِ کين مسلسل نظر انداز ڪندا پيا اچن. هن دنيا جي عظيم ڏاهي پروفيسر جي علمي خزاني کي مزار تي چادرون چاڙھي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف دنيا جا محقق شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڪائناتي يونيورسٽي جي عظيم پروفيسر جي خطاب سان نوازي رهيا آهن پر بدقسمتي سان اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پير چئي چادرون چاڙھي ان جي علم ۽ شعور کي سمجهڻ کان هميشه قاصر آهيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان ڪل ڪائنات جي لاءِ فڪرمندي جو درس ملي ٿو، آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته شاهه صاحب انسانيت جو علمبردار ۽ روحاني حڪيم سان گڏوگڏ اعليٰ درجي جو عاشق يڪتا پرست نظر اچي ٿو.
Read MoreDaily Humsari Newspaper 14 September 2024
Read Moreسنڌ ۾ جتي ليکڪ ذاتي تعلق کانسواءِ ڪنهن به اديب جو نالو کڻڻ جي زحمت نٿا ڪن، اتي ڪنهن لسانيات جي ماهر جي ڪتاب تي بنا واسطي يا دوستي جي لکڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ غير روايتي ڪم ضرور ليکي سگهجي ٿو. مان سمجهان ٿو ته جيڪو ليکڪ ڪتاب جي اعزازي ڪاپي هٿ ۾ ڏئي ان تي ٻه لفظ ضرور لکڻ کپن. خود منهنجي ٻن ڪتابن کي 14 سال گذري ويا آهن، پر سواءِ ذاتي دوستن جي ڪنهن به نامور اديب طرفان ٻه لفظ لکڻ جي زحمت نه ڪئي وئي آهي، تازو هڪ ڪتاب “ھمعصر سياست ۽ ادب” پڌرو ٿيو، جنهن جون 40 ڪاپيون نامور اديبن کي هٿو هٿ ڏنيون ويون، پر ڪنهن هڪ ليکڪ کي به ٻه لفظ لکڻ جي اخلاقي جرئت نه ٿي سگهي آهي. ان جي باوجود هي لکيل تبصرو سنڌي ادب ۾ هڪ نئين روايت جو سنگ بنياد ثابت ٿي سگهي ٿو. مارڪيٽ ۾ ايندڙ ڪتابن تي اڪابر اديبن طرفان راءِ نه ڏيڻ سان سنڌي ادب جو نقصان ٿي رهيو آهي.
Read Moreڪار ھن ايندي ئي ڪاوڙ ۾ دڙڪو ڏيندي چيو ته ڪاٿي ھئين معتبر سڄو ڏينهن عيد مبارڪ به ڪونه چئي اٿي ڇو؟
چيم پرائيويٽ ڊيوٽي آھي مصروف ھئس آفيسر تمام ڏنگو ماڻھو آھي موبائل ھلائڻ ناھي ڏيندو ان ڪري عيد مبارڪ ڪونه چئي سگھيس معذرت ڪيان ٿو.
همراهه پيگ پورو ڪيو ۽ ڇڏيل ڪهاڻي کي اڳيان وڌايائين:
هو بيڊ تي ليٽي عورتن جي دُن بابت سوچڻ لڳو. هن سوچيو انسان جو دُن سان گهرو ڳانڍاپو ٿيندو آهي تڏهن ته جڏهن هو ما جي پيٽان نڪرندو آهي ته ناڙي جي ڪري دُن سان ئي جڙيل هوندو آهي. هو جڏهن يونيورسٽي ۾ فلسفي جو شاگرد هو ته هن دُن جي حوالي سان هڪ عجيب ڳالهه پڙهي هئي. اها مستقبل ۾ ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ انسان جي بقا جي حوالي سان هئي. انسان دُن بنا انسان ئي نه هجي ها، اهو دُن آهي جيڪو انسان کي اهو بڻائي ٿو جيڪو هو آهي. يونيورسٽي جي انهن ئي ڏينهن ۾ هن جي ذهن ۾ هڪ سوال طوفان جيان اڀريو هو:
Daily Humsari Newspaper 13 September 2024
Read Moreسيد غلام مرتضيٰ جيلاني، منھنجو سنگتي آھي. مون وٽ اڻيھي ايندو آھي. پَھَرَن جا پَھَرَ ويٺو ھوندو آھي. چڱو خاصو پڙھيل ڳڙھيل آھي. کانئس ھڪ ڏھاڙي پڇيم؛ “شاھ جي! اوھان پنھنجي حياتيءَ جو ڪو دلچسپ واقعو ته ٻڌايو!”
Read Moreڪار جي دري جو شيشو لاٿم ته ٿڌي برف جهڙي هوا اندر لنگهي آئي، سيءُ پاسيرين مان سيسراٽ پئي ڪڍيا، ڊرائيور کي گاڏي بيهارڻ لاءِ چيم جو سامهون ننڍڙي دڪان تي سائي ڀاڄي تي نظر پيم، بهه، سرنهن ۽ پليءَ جو ساڳ، گلابي گوگڙو، ڳاڙهن ٽماٽن جي رنگ پري کان ئي تازگي جو احساس ڏياريو، واڌو واهه جي ڪپر تي ڊرائيور گاڏي کي سلو ڪري ايٿوپين ٽيڪ ۽ نم جي وڻن جي قطار هيٺ گاڏي کي بيهاريو، کيس بهه سرنهن جو ساڳ، سائي ٿوم ۽ گوگڙو جي خريداري لاءِ پئسا ڏنم، منهنجي نگاهه روڊ کان هيٺ ميدان ۾ جهوپڙين، تي پئي، عارضي گهر ڦاٽل رلين سان جڙيل اتر جي ٿڌي هوا کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هئا، تازو لڏو لٿو هو، مرد جهوپڙين اڳيان ڪي اندر ستل هئا ۽ ٻاهر ٻار پئي نظر آيا، ٻار انگ اگهاڙا، هڪ ٻئي پٺيان پئي ڊوڙيا هڪ ٻئي سان کيچل پئي ڪيائون، مرد گدلا ۽ سست پئي نظر آيا،
Read More