نئون

بلاگنئون

ٻارن جي ليکڪ خالد ڀٽي سان ڳالهه ٻولهه

خالد سيف الله ولد محمد مراد ڀٽيءَ جي گهر شڪارپور ۾ پهرين سيپٽمبر 1968ع ۾ جنم ورتو، سندس تعليم ايم اي اسلامڪ ڪلچر آهي. پاڻ درس و تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل آهي، ٻالڪ ادب ۾ سندس خدمتون مڃڻ جوڳيون شمار ٿين ٿيون. ادبي خدمتن ۾ ٽيهن کان وڌيڪ ڪتاب سائنسي ڄاڻ، لوڪ ادب، نفسيات، تصوف، اخلاقيات، تاريخ ۽ ٻين موضوعن خاص ڪري ٻارن لاءِ ڪهاڻين تي مشتمل لکيا اٿس. ادب ۾ سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ايڊيٽر طور اٿس.

Read More
بلاگنئون

مادري ٻولين جي ڊجيٽل واڌ ويجھ لاءِ گهرجون

انگريزي سڄي دنيا جي ملڪن ثقافتن، رهڻين ڪهڻين، تهذيبن، تمدن ۽ ٻولين کي هڪ ڪاپاري ڌڪ ضرور رسايو آهي ڇو ته جتي 8 سيڪڙو انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارا سڄي دنيا جي اٺ ارب آباديءَ تي حاوي آهن، اتي تعليمي نظام، حڪومتن جا ڪم ڪار ۽ لک پڙھ هلي ئي انگريزيءَ ۾ ٿي، ان ڪري انهن جي پنهنجي ٻولين ۾ ڪتابن جي ڇپائي، اخباري مواد، ٽي وي اسڪرپٽ، ريڊيو پروگرام، ٽيلي ڊراما ۽ فلمون، ميگزين، ماهوار رسالا يا ٻيو مواد رهجي ٿو وڃي، ايستائين جو اهي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ به وساري ٿا ويهن، يا انگريزي ٻوليءَ جا ٽرينڊس يا رابطا جيڪي انهن معاشرن، گهرن يا سرڪاري توڻي خانگي ادارن ۾ هلن چلن ٿا

Read More
بلاگنئون

لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال جي سزا

ڪنھن جي به سڪون ۽ ڪم ۾ ڪنھن به طرح سان خلل پيدا ڪري ڪنھن کي اذيت رسائڻ ڪنھن به تھذيب، مذھب ۽ معاشري ۾ نامناسب ۽ ناپسنديده عمل آھي، اسان وٽ مختلف جڳهين جھڙوڪ: بازارن، ھوٽلن، عوامي ميڙن وارين جڳهين، گھٽين يا روڊن تي مختلف شيون وڪڻڻ ۽ ٻين جڳهين، جن ۾ شادي ھال ۽ جلسن جا گرائونڊ اچي وڃن ٿا جتي مختلف موقعن تي لائوڊ اسپيڪر (ايڪو سائونڊ) کي ماڻھن تائين آواز کي وڏو ڪري پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي،

Read More
بلاگنئون

بلوچستان: هڪ پٺتي پيل صوبو

شيون هاڻي اعلانن کان ڪجھ اڳتي ٿيڻ گهرجن، معنيٰ “آغاز حقوق بلوچستان” رڳو اعلانن ۾ رهجي ويو ۽ ان جو ڪجھ نه ٿيو. ڇو ته ان ۾ ته اهو به طئي هو ته سون، ٽامي، چاندي، لوھ جون کاڻيون جيڪي به ٻاهرين ملڪن کي ٺيڪي تي ڏنيون وينديون انهن جي مالڪي يا ايگريمينٽ ڪرڻ وارا يا هلائڻ وارا رڳو هي لوڪل بلوچ هوندا جيڪي ان علائقي جا رهواسي آهن،

Read More
بلاگنئون

موسمياتي تبديليون ۽ بين الاقوامي ادارا

9 جنوري 2023 تي جنيوا ۾ ٿيل ڊونرز ڪانفرنس پاڪستان جي دوست ملڪن کي ان ڳالھ جي درخواست ڏني هئي ته اهي پاڪستان جهڙي غريب ملڪ کي موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ خاطر خواهه مدد ڪن ته جيئن پاڪستان جهڙن غريب ملڪن ۾ جيڪي موسمي ڏمرن جي ڪري معيشتون، زراعتون ۽ صنعتون تباھ ٿين ٿيون، انهن جي ٻيهر بحالي ممڪن ٿي سگهي، ان ڪري ته نظامن جي خرابي ۽ ڀُتي هجڻ جي ڪري ماڻهن جي زندگي آزار ۾ آهي.

Read More