اليڪشن کان پهرين پاڻي جو مسئلو حل ڪري ڏيکارينداسين
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ سمنڊ جي آلودگي جي سنگين صورتحال سان متعلق درخواست جي سماعت ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته صاف پاڻي فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، پر شهرين کي گندو پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي. ۽ هي انساني زندگين جو معاملو آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته پنجاب ۾ به پاڻي جو مسئلو اٿاريو آهي، ان مسئلي کي حل ڪري رهنداسين دريائن ۽ نهرن ۾ زهريلو پاڻي ڇڏيو پيو وڃي ۽ اهو ئي پاڻي شهرين کي ڏنو پيو وڃي. واٽر ڪميشن انهن مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ سبب به ٻڌايا آهن. جڏهن ته سنڌ حڪومت واٽر ڪميشن جي رپورٽ تي ڪوبه اعتراض نه ڪيو آهي. عدالت وڏي وزير کي ان لاءِ سڏيو هو ته هو ان معاملي تي پنهنجو ٽائيم فريم ڏي. ان موقعي تي چيف جسٽس اي جي سنڌ کان پڇيو ته 5 ڊسمبر کان اڄ تائين ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن. عدالت کي حلف نامي تي ٽائيم فريم گهرجي ٿو. هن چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي مسئلو اليڪشن کان اڳ ختم ٿيڻ گهرجي. واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته عدالت وٽ توهين عدالت جو به حق آهي ۽ 12 وڳي رات تائين سماعتن ڪرڻي پئي ته اها ڪنداسين.

