ايڊيٽوريل

14 آگسٽ، آئين پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو

اڄ اسين ملڪ جي تاريخ جو 77 هون آزاديءَ جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. پوري پاڪستان جي عوام کي آزاديءَ جون واڌايون. يقينن آزادي نعمت آهي، پر ڇا ان نعمت مان پوري پاڪستان جي عوام کي فائدو ٿيو آهي؟ اهو سوال اسان ملڪ ۾ حڪومت اندر ويٺل ماڻهن ۽ رياستي ادارن جي اهم عهديدارن لاءِ رکون ٿا.
هڪ ڳالهه واضح آهي ته آزاديءَ جهڙي ٻي ڪابه نعمت ناهي، جيڪا انسانن، جانورن ۽ پکين جي لاءِ هڪ جيتري اهميت جوڳي هجي. بحيثيت هڪ آزاد قوم جي فرد جي اسان کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي، عوام ته قدر ڪري ٿو، پر هاڻي اشرافيه کي به انهيءَ ڳالهه جو قدر ڪرڻو پوندو. آزاديءَ جي 77 هين سال تي اسان جي سڀني ادارن ۾ ويٺل فردن کي اڄ اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي رياست جي نظام کي آئين ۽ قانون مطابق هلائيندا. هن وقت اسان جنهن موڙ تي بيٺا آهيون اتي جيڪڏهن ملڪ کي آئين کان هٽي ڪري هلايو ويو ته ان نقصان جو انديشو لڳائڻ مشڪل نه آهي. رياست جي هر اداري ۾ ويٺل فرد ۽ حڪومتي شخصيتون عوام مخالف فيصلا ڪرڻ کان پاسو ڪن. وقت تبديل ٿي چڪو آهي، عوام باشعور ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڌرتيءَ سان ڳنڍي ڏسي ٿو ته کيس ان ڳالهه ۾ ئي مفاد نظر اچي ٿو ته هو وقت جي حڪومتن کي مجبور ڪري ته عوام دشمن فيصلن ڪرڻ کان پاسو ڪن. اهڙو ئي فيصلو سنڌ حڪومت هوڏ تي بيهندي ڪيو هو، جيڪو ڪارونجهر جي پٿر کپائڻ جو هو، جنهن کي آئيني اداري سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو علائقو ننگر پارڪر جتي ڪارونجهر جو جبل خوبصورتي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جتي هڪ هزار سال پراڻي ڀوڏيسر جي مسجد موجود آهي، جتي هندو مذهب جا تيرٿ آستان آهن، جتي جين ڌرم جا مندر موجود آهن، جتي جڏهن بارش پوندي آهي ته ان جي سونهن کي ڏسڻ جي لاءِ سنڌ سوڌو پوري پاڪستان جا ماڻهو ان طرف رخ ڪندا آهن. انهيءَ جبل ۾ گرينائيٽ جهڙو خوبصورت قيمتي پٿر موجود آهي، جنهن کي سنڌ حڪومت پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ مارڪيٽ جو وکر سمجهي وڪڻڻ وڃي رهي هئي. سبب اهو آهي ته جيڪڏهن ان جو وڪرو ٿئي ٿو ته ان جي ڪميشن حڪومت ۾ موجود وزيرن کي ۽ بيوروڪريسي کي به ملندي. اهي انهيءَ سوچ کان آري آهن ته جيڪڏهن پٿر کي کپائبو ته ڪارونجهر جي خوبصورتي کي داغ لڳي ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ ميرپورخاص جيڪا جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امداد علي ٻوهيو تي مشتمل هئي انهيءَ هڪ تاريخي فيصلو ڏنو آهي ۽ سندن اهو فيصلو سونهري اکرن ۾ پڻ لکيو ويندو ته جيڪڏهن ڪارونجهر جو هڪ به پٿر ڪڍيو ويو ته دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ٿيندو. ننگرپارڪر جا ۽ سنڌ جا ماڻهو ڪيتري عرصي کان ڪارونجهر جي کوٽائي جي مخالفت ڪري رهيا آهن، پر حڪومت سنڌ کي ڪوبه خيال نٿو اچي. ڪارونجهر کي تاريخي ورثو قرار ڏنو ويو آهي ان جي باوجود ان جي پسگردائي مان جيڪڏهن گرينائيٽ پٿر جي کوٽائي ڪري ڪڍيو ٿو وڃي ته اهو به ڪارونجهر جو ئي پٿر آهي. سنڌ حڪومت کي ڌيان ته ان طرف ڏيڻ کپي ته ننگر ۾ موجود تفريحي جاين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اتي روڊ رستا پهچايا وڃن، اتي ننڍا وڏا هوٽل ۽ ريسٽ هائوس ٺاهيا وڃن، وڻڪار ڪرائي ان علائقي کي سرسبز بڻايو وڃي ته جيئن ماڻهو سانوڻ جي موسم ۾ انهن تفريحي ماڳن تي پهچي ننگر جي خوبصورتي کي پسي لطف حاصل ڪن. مورن جا ٽهوڪا ٻڌن، هن وقت سياح صرف ننگر شهر ۾ وڃن ٿا جڏهن ته پوري ڪارونجهر ۾ تفريحي ۽ سياحت جي لاءِ کوڙ سارا ماڳ موجود آهن، ان طرف ته عام سياح ويندو ئي نه آهي، جيڪا پڻ حڪومت جي ڪوتاهي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي کانپوءِ ۽ عوام جي ذهني جاڳرتا کانپوءِ هاڻي مشڪل ٿو لڳي ته حڪومت ۾ ويٺل ڪاريون رڍون پنهنجا مفاد حاصل ڪري سگهن، پر حڪومتي ايوانن ۾ ويٺل جيڪي ساڃاهه وند ماڻهو آهن انهن جي مٿان اهو فرض آهي ته اهي سياحتي ماڳن کي ۽ تفريحي ماڳن کي ترقي وٺرائين. ان سان نه صرف ملڪي ماڻهو، پر ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو پڻ گهمڻ لاءِ ايندا، امن جي لحاظ کان ٿرپارڪر جو علائقو پوري پاڪستان ۾ انتهائي پرامن آهي. اوهان کي اهڙو واقعو ٻڌڻ ۾ نه ايندو ته اتي ڪنهن سياح کان ڦر ڪئي وئي آهي.
جڏهن ٻاهريان ماڻهو لکن جي تعداد ۾ انهن ماڳن طرف ايندا ته اتي جي مقامي صنعت جنهن ۾ خاص طور تي هوٽلنگ آهي، ان کي تمام گهڻي هٿي ملندي. اتان جي ثقافت ترقي ڪندي، هنرمند وڌيڪ شيون ٺاهي مارڪيٽ ۾ آڻيندا 7 ناڻو ڪمائي سگهندا ۽ خوشحال ٿيندا. پر ٻاهران ايندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي مان، تعليمي تربيت مان متاثر پڻ ٿيندا ۽ کين شوق پيدا ٿيندو ته هو پنهنجي علائقي کي اڃان وڌيڪ ترقي ڏيارين. ننگر جي ماڻهن جي هٿ جي هنر جي هاڪ پوري پاڪستان ۾ مشهور آهي. عورتون جيڪي گهر ۾ ويهي ڀرت ڀرين ٿيون ان کي پڻ مناسب معاوضو ملندو ۽ انهيءَ جي ترقي ۽ ترويج پڻ ٿيندي، اهو آهي اصل ڪم حڪومت کي ڪرڻ جو، جيڪا حڪومت ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي آهي. هڪ دفعو ٻيهر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هاڻي ڪارونجهر کپائڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏي ۽ ڪارونجهر کي هڪ سياحتي ماڳ طور ترقي وٺرائي ان مان مستقل مالي فائدا حاصل ڪرڻ جو سوچي.