ايڊيٽوريل ڪمشنر راولپنڊي جو عام چونڊن جي سلسلي ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جو اعتراف چونڊون انتهائي متنازعه ٿي چڪيون آهن February 19, 2024 Zahida Abro 8 فيبروري واريون چونڊون جيتريون متنازعه ٿي چڪيون آهن، اهڙيون اسان کي 1977 ۾ نظر آيون، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ مارشل لا لڳي، انهيءَ ڳالهه کي لڳ ڀڳ 48 سال گذري چڪا آهن، پر افسوس جو مقام آهي ته اسين اڄ به انهيءَ جڳهه تي بيٺا آهيون، بجاءِ اڳتي وڌڻ جي پوئتي موٽي رهيا آهيون. چونڊون جيڪي نومبر 2023 ۾ ٿيڻيون هيون، انهيءَ کي ڪن سببن جي ڪري 8 فيبروري 2024 تائين ملتوي ڪيو ويو ۽ انهن چونڊن لاءِ ايتري بي يقيني ڏيکاري وئي ته محسوس ائين ٿي رهيو هو ته چونڊون نه ٿي سگهنديون. آخرڪار چيف جسٽس آف پاڪستان جي مداخلت سبب اها تاريخ آئي، پر ان تاريخ تي جهڙي نموني سان چونڊون ٿيون آهن، انهيءَ کان بهتر هو ته نه ٿين ها. سڀني اهو سوچيو هو ته چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ استحڪام ايندو، پر هتي ته عدم استحڪام وڌي رهيو آهي. اهي سڀ طاقتون جيڪي نه پيون چاهين ته ملڪ ۾ چونڊون ٿين ۽ چونڊن کانپوءِ کٽي آيل پارٽيون حڪومتي ڪاروهنوار هلائن يا وري اپوزيشن ۾ ويهن. انهن طاقتن مجبور ٿي چونڊون ته ڪرايون، پر انهن چونڊن کي اهڙي نموني سان متنازعه بنايو ويو آهي، جو هر سياسي پارٽي انهن چونڊن تي اعتراض ڪري رهي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن انهن اعتراضن کي ڪنهن به ليکي ۾ نه ٿي آڻي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌ ۾ 16 فيبروري 2024 تي جي ڊي اي جو هڪ وڏو احتجاجي ڌرڻو هو، انهيءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته چونڊن کي هڪ هڪدم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ نيون چونڊون ڪرايون وڃن، ٻي صورت ۾ اڻ سڌي طرح فوج کي دعوت ڏني وئي ته ملڪ جون واڳون سنڀالي. اڃا اها ڳالهه صحافتي حلقن ۾ هلي رهي هئي ته 17 فيبروري 2024 تي ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن پريس ڪانفرنس ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته هن پوري ڊويزن ۾ ڌانڌلي ڪري اميدوارن کي کٽرايو آهي، انهيءَ غلط ڪم ڪرڻ جي سبب ان جي ضمير مٿان تمام گهڻو بوجهه آهي ۽ هو فجر جي نماز پڙهڻ کانپوءِ خودڪشي جو سوچي رهيو هو، پر بجاءِ خودڪشي ڪرڻ جي هن ميڊيا جي سامهون اچي اعتراف ڪيو آهي، هن وقت هو گرفتار آهي ۽ وزيراعليٰ پنجاب هڪ اعليٰ سطحي تحقيقاتي ڪاميٽي ٺاهي آهي، جيڪا پوري واقعي جي تحقيق ڪري رپورٽ عوام جي سامهون پيش ڪندي، واضح رهي ته ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس تي پڻ الزام هنيو آهي ته هن اهو غلط ڪم انهن صاحبن جي دٻاءُ تي ڪيو آهي. اسان کي هي ٿيندڙ واقعا چونڊن کان پهرين چونڊون نه ٿيڻ جي ڪوشش ۽ چونڊن کانپوءِ چونڊن کي انتهائي متنازعه بڻائڻ جو هڪ تسلسل نظر اچن پيا. محسوس اهو ٿيو پئي ته اهي چونڊون طاقتور ماڻهن جي مرضيءَ خلاف ٿيون آهن ۽ هاڻ اهي چاهين ٿا ته انهن چونڊن کي اهڙو خراب ڪري پيش ڪيو وڃي ته يا ته هو پاڻ حڪومت ۾ اچي وڃن يا وري چونڊون ٻيهر ٿين، ڇا ٻيهر چونڊن ٿيڻ سان ملڪ ۾ استحڪام ايندو، ڇا هن وقت ملڪ کي هڪ ٻئي تجربي جي لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته ملڪ لاءِ وڏو هاڃيڪار ثابت ٿيندو. البته اسان چئون ٿا ته انهن سڀني ڳالهين جي هڪدم پوري تحقيق ٿيڻ کپي ۽ جن به اليڪشنن ۾ ڌانڌليون ڪرايون آهن، انهن کي قانوني سزائون ملڻ گهرجن ۽ اهڙي قسم جا ڪيس براهه راست پوري ملڪ جي عوام کي ڏيکاريا وڃن. وس وارن کي پڻ گذارش آهي ته ملڪ جنهن پوزيشن ۾ اچي چڪو آهي. جيڪو آئي ايم ايف جي قرض کانسواءِ هلي نه ٿو سگهي، جتي عام ماڻهو پيٽ گذر لاءِ پريشان آهي. ڇا اوهان جون پاليسيون انهيءَ ملڪ کي معاشي ۽ سياسي استحڪام طرف وٺي وينديون يا انتشار ۽ انارڪي طرف. هي ملڪ اوهان جو به آهي، هن ملڪ سان پنهنجائپ وارو رويو کڻي اچو، سڀني کان وڌيڪ بوجهه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تي پئجي چڪو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته هو انهيءَ آزمائش ۾ ڪيترو پورو لهي ٿو. Post Views: 221