سنڌ جا 40 لک ٻار اسڪولن کان محروم سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايڪشن قصور وار ڪير؟
سنڌ صوبي جي سرڪاري اسڪولن جي زبون حالي بابت هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ هلندڙ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اها ڳالهه پڻ سامهون آئي ته سنڌ صوبي جا 40 لک اهڙا بدقسمت ٻار آهن، جيڪي هن دور جي ترقي يافته دنيا ۾ تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن ۽ اهي ڪنهن به اسڪول ۾ داخل ٿيل نه آهن، جتي هو تعليم حاصل ڪري پنهنجو ۽ ملڪ جو مستقبل سنواري سگهڻ جي پوزيشن ۾ اچن. هاءِ ڪورٽ سنڌ گورنمينٽ کي حڪم ڏنو آهي ته انهن 40 لک ٻارن کي ڪنهن به صورت ۾ اسڪول ۾ داخل ڪري تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو وڃي. ٻار اسانجو مستقبل آهن، 40 لک ٻار سنڌ جي آدمشماري جو 7 سيڪڙو آهن، جيڪڏهن ٻارن جو ايترو انگ بنيادي تعليم کان محروم هوندو ۽ اهو جڏهن ڪجهه سالن کانپوءِ نوجوان ٿي سماج جي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو وجهندو ته اسان اندازو ڪري سگهون ٿا ته هڪ اڻ پڙهيل نوجوان مان ان کي ۽ سماج کي ڪهڙو فائدو پوندو! بجاءِ فائدي ڏيڻ جي هو ته نقصان ڏيندو. وڏو امڪان اهو آهي ته انهن مان ڪيترائي ٻار نوجوان ٿي ڏوهاري بڻجي سماج لاءِ ناسور ٿيندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو بهتر فيصلو آهي، پر هن اهو حڪم نگران حڪومت کي ڪيو آهي. نگران حڪومت جا اختيار ۽ وقت محدود هوندو آهي. جڏهن ته چونڊيل حڪومتن جا اختيار به وڌيڪ هوندا آهن ته ذميواري به وڌيڪ هوندي آهي. چونڊيل حڪومت کي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پنجن سالن جو حقِ حڪمراني آئين طرفان مليل هوندو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته 40 لک ٻار جيڪي تعليم کان پري آهن، ان ۾ ڪنهن ڪنهن جو قصور آهي، يقينن ان ۾ والدين جو غريب هجڻ هڪ سبب ٿي سگهي ٿو، پر سڀ کان وڌيڪ حڪومت قصور وار آهي. سنڌ ۾ گذريل 15 سالن کان هڪ ئي پارٽي جي حڪومت رهي آهي. انهن جا دعويٰ ته تمام گهڻا آهن ته انهيءَ پارٽيءَ سنڌ صوبي جي خدمت ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪئي آهي، پر جڏهن انگن اکرن کي ڏسون ٿا ته انهن جو ڪوڙ وائکو ٿي سامهون اچي ٿو. تعليم جيڪا هر انسان جو بنيادي حق آهي، هيءَ حڪومت عوام کي اهو بنيادي حق به ڏئي نه سگهي آهي. انهيءَ ڪري 40 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر گهٽين ۾ رولاڪ بڻجي رُلندا وتن ٿا ۽ هاڻي به يقينن ايندڙ چونڊن ۾ اها پارٽي عوام جي اڳيان وڏا وڏا دعويٰ ڪندي، پر هي انگ اکر هر ماڻهوءَ جي اڳيان اچڻ گهرجن ۽ جڏهن به ڪو اميدوار انهن کان ووٽ وٺڻ اچي ته هو هي ڳالهيون ان جي سامهون ضرور رکن، انهي ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته اسين تعليم کي صرف نوڪري ۽ روزگار جو ذريعو سمجهون ٿا ۽ انهي ۾ پڻ ڪو شڪ نه آهي ته روزگار سان ئي فرد جي معاشي حالت بهتر ٿيندي، پر تعليم جو بنيادي مقصد فرد کي باشعور بنائڻ آهي ۽ باشعور فرد پنهنجي لاءِ بهتر رستا تلاش ڪندو آهي. جنهن سان ان جي سماجي، معاشرتي حالت بهتر ٿيندي آهي. مطلب روزگار تعليم جو باءِ پروڊڪٽ آهي، پر ڇو ته اسان وٽ غربت انتهائي گهڻي آهي، انهيءَ ڪري هر ماڻهو نوڪري حاصل ڪري نٿو سگهي. اهو به هڪ سبب آهي جو غريب ماڻهن جا ٻار بجاءِ اسڪولن ۾ اچڻ جي ڪو ڪم ڪار ڪن ٿا، جنهن سان انهن جي ٻه وقت جي ماني هلي سگهي. انهن والدين کي اهو سمجهائڻو پوندو ته پنهنجي ٻارن کي تعليم جي ذريعي شعور ڏيو، ڪجهه وقت کانپوءِ ڀلي هو ڪهڙو به پيشو اختيار ڪن، ايستائين جو هارپو ڪن يا مزدوري ڪن، پر انهيءَ ۾ جڏهن تعليم جو شعور شامل هوندو ته انهن کي هارپي ۽ مزدوري ڪرڻ جا نوا نوان طريقا ذهن ۾ ايندا جن کي استعمال ڪندي بهتر اجرت حاصل ڪري سگهندا. انهيءَ ۾ اين جي او به پنهنجو حصو اهڙي طرح وجهي سگهن ٿا ته اهي ٻهراڙين جي غريب والدين وٽ وڃي، انهن جي ذهني تربيت ڪن ته جيئن اهي پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلين. حڪومت جا ڪافي ڪم بهتر به آهن، جيئن مئٽرڪ تائين سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ڇوڪرين کي سرڪار وظيفو پڻ ڏئي ٿي، جيڪو به ٻارن کي اسڪول آڻڻ جو سبب بڻجي ٿو، پر وري به ڳالهه کُٽي ٿي حڪومت جي مٿان جنهن وٽ تمام گهڻا وسيلا موجود آهن. بجيٽ، اسڪول، استاد، هو پنهنجي انهيءَ سڄي سسٽم کي بهتر نموني استعمال ڪري صوبي جي سڀني ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي سگهن ٿا. ضرورت پوي ته ڪنهن حد تائين ٿوري گهڻي سختي به ڪري ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻي انهن جي تعليم جو بندوبست ٿيڻ کپي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ۽ لکن جي تعداد ۾ اڻ پڙهيل نوجوانن جو اضافو ٿيو ته اسانجو صوبو، اسانجو ملڪ ڪنهن به صورت دنيا سان ترقي جي راهه ۾ مقابلو ڪري نه سگهندو.