ايڊيٽوريل

سپريم ڪورٽ جو ماحولياتي آلودگي جي خلاف حڪم

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ماحولياتي آلودگيءَ جو سبب بڻجڻ واري اسٽون ڪرشنگ پلانٽس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ 11 جولاءِ تي ٿيل ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامون جاري ڪيو آهي، جنهن کي محترم جسٽس منصور علي شاهه تحرير ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دنيا ۾ هر 9 مان هڪ موت ماحولياتي آلودگيءَ سبب ٿئي ٿو. ڊبليو ايڇ او (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) مطابق ماحولياتي آلودگيءَ جي ڪري ساليانو 70 لک ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته بنگلاديش، ڀارت، نيپال ۽ پاڪستان دنيا جي متاثر ملڪن مان آهن، جيڪي ماحولياتي آلودگيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڪستان ۾ هوا جي آلودگي جي حد اها آهي جو پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر متاثر ملڪ آهي، صاف و شفاف ماحول ۾ رهڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي. اهو سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي. هريپور جي رهائشين عدالت ۾ اسٽون ڪريشنگ پلانٽس جي خلاف استدعا ڪئي هئي. اسين پنهنجي طرفان ڳالهه ڪريون ته پاڪستان ۾ مالياتي مسئلن ۾ فضائي آلودگي، آبي آلودگي، شور جي آلودگي اهم آهن. انهيءَ کانسواءِ موسمياتي تبديلي، فصلن ۾ ڪيڙا مار دوائن جو غلط استعمال، قدرتي آفتون ۽ ٻوڏون به شامل آهن، جن اسان جي ماحول تي خراب اثر وڌو آهي. اڃان به اها ڳالهه ڪجي ته اسان جي ملڪ جي سماج ۾ ٽي وڏا مسئلا آهن، جن اسان جي ماحول کي هاڃو رسايو آهي، انهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو اخراج، آباديءَ ۾ اضافو ۽ وڻن جي ڪٽائي شامل آهن. انهن سنگين ماحولياتي مسئلن مان پاڪستان کي نڪرڻو پوندو. لازمي وڏي آباديءَ جي ڪري ملڪ جي معيشت به پکيڙبي انهيءَ پکيڙ جي ڪري ماحولياتي مسئلا به پيدا ٿيندا. ماحولياتي خرابي جا معاشرتي نتيجا پاڪستان جي صنعتي شعبن جي اڪثريت ماهگيري، مال جي پالنا ۽ زراعت آهن جيڪي خطري جي حد تي پهچي چڪا آهن. اقتصادي ترقيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ماحول کي بهتر بنائڻو پوندو. هتي اسين اها ڳالهه به ڪندا ٿا هلون ته اسان جي 50 سيڪڙو آبادي غربت جي سطح کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. انهن جي زندگيءَ جو انحصار قدرتي وسيلن تي آهي. جڏهن ماحوليات ۾ تنزلي ٿيندي آهي ته نتيجي ۾ غربت ۾ اضافو ٿيندو آهي. پاڪستاني عوام پيئڻ جي آلوده پاڻيءَ کان وٺي شور، هوا جي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلي جو شڪار آهن. انهيءَ ڪري اسان جو مطالبو آهي ته اسان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ عوام کي پنهنجي ماحول کي بهتر بنائڻ گهرجي. ماحولياتي آلودگي سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي. اها حقيقت آهي ته پاڪستان جنوبي ايشيا جو اهو خوش قسمت ملڪ آهي جنهن کي قدرت دريائن، سمنڊ، بلند جبلن ۽ وسيع ريگستانن ۽ زرعي زمينن سان نوازيو آهي. گڏوگڏ اها به ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جو ملڪ بدترين ماحولياتي آلودگي جو شڪار آهي، جنهن سان نه صرف معيشت پر شهرين جي صحت به بري طرح متاثر ٿي رهي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انسان پنهنجي آرام ۽ سڪون لاءِ قدرت جي خوبصورت نظام سان هٿ چراند ڪئي آهي ۽ قدرتي وسيلن جو غير ضروري استعمال ڪيو آهي. تڌهن ماحولياتي آلودگي جي ڪري پاڪستان دنيا جي ڏهن متاثر ملڪن ۾ شامل آهي ۽ ان جي وڌندڙ آبادي انتهائي تشويشناڪ آهي، جيڪا 2.4 سيڪڙو جي رفتار سان وڌي رهي آهي. گذريل 40 سالن جو جائزو ورتو وڃي ته اسان جي آبادي ۾ چوڻو اضافو ٿي چڪو آهي. وڌندڙ آباديءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پاڪستان جهڙو ترقي پذير ملڪ جڏهن صنعت ۽ زراعت طرف قدم کڻي ٿو تڏهن گڏوگڏ ماحولياتي آلودگيءَ جو سبب پڻ بڻجي ٿو. اسين سمجهون ٿا ته حڪومت انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ عوام کي به گهرجي ته اهو انهن ڪوششن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين.
ماحولياتي آلودگي ڪنهن هڪ جو نه، پر اسان سڀني جو مسئلو آهي. سپريم ڪورٽ به اهڙو ئي فيصلو لکيو آهي، جنهن ۾ بيان ٿيل آهي ته ماحولياتي آلودگيءَ جي سبب جي ڪري انسان سان گڏ جانورن ۽ وڻن کي به خطرا لاحق آهن. عدالت چيو آهي ته صوبي خيبر پختونخواهه ۾ ٽي اسٽون ڪريشنگ سنگين مالياتي آلودگي پکيڙڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن، انهن ٽن ڪريشنگ پلانٽس کي فوري طور بند ڪرايو وڃي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ماحولياتي آلودگي جي متعلق قائدن جي تجديد جو حڪم ڏنو آهي ۽ پيش رفت جي رپورٽ گهري آهي.