داستانِ گل (داستان ٻاويهون)
”پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه سان ڪجهه يادگار ملاقاتون“ مان اقتباس
مون کان هڪ ڀيري انگريز حاڪمن جي قانون ۽ قاعدن متعلق پُڇيائين ۽ چيائين ته، ”تُنهنجي نظر ۾ ڪهڙو برٽش وائسراءِ يا گورنر جنرل سڀ کان بهترين يا موثر رهيو هو ۽ ٿورڙا پرڏيهي ”گورا“ ماڻهو پنهنجن ٻن سئو آفيسرن سان هيڏي وڏي اُپکنڊ تي آخر ڪيئن ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪري، ڏيڍ سئو سال ڪڍي ويا. هينئر توهان ديسي هيترا آفيسر، پنهنجي هيڏي وڏي تعداد ۾ هوندي به ناڪام ڇو آهيو؟“ ڇا سبب آهي؟
مون پير صاحب کي ٻڌايو ته، ”ڪامياب ترين عملدار ”وليم بينٽنڪ“ هو. هيءُ پهريائين مدارس پريزيڊنسيءَ جو گورنر ٿي آيو ۽ پوءِ ٻيهر 1827ع ۾ هندوستان جو گورنر ٿيو ۽ هن جي وقت ٽي وڏا عاليشان ڪارناما سرانجام ٿيا هئا، هڪ ته بَيواهن کي زوريءَ چکيا تي چاڙهڻ يا ساڙڻ واري ظالماڻي ڪاري رسم ”ستي لڪڙي“ تي سخت پابندي عائد ڪئي وئي ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرايو ويو هو. ٻيو ته، ڇوڪرين يعني ڌيئرن کي ڄمڻ وقت مارڻ جي ڪُڌي رسم تي سخت قاعدو لاڳو ڪرائي، هزارين مائٽن کي ڄاول نياڻين کي مارڻ کان روڪيو ويو ۽ هزارين نياڻين کي ان طرح جيئدان ڏنو ويو ۽ آخر ۾ قاتلن ۽ رهزنن جا گروهه جيڪي قافلن کي ڪاري ديويءَ جي نانءَ تي ٻليدان ڪندا هئا ۽ ان کي ”ٺڳي تحريڪ“ چوندا هئا، ان کي سختيءَ سان چيڀاٽيو ويو. اهو سَڄو ڪارنامو ڪرنل وليم عمل ۾ آڻي ڏيکاريو. جنهن تي هڪ مشهور ڪتاب ”امير علي ٺڳ جا اعتراف“، هڪ ٻئي انگريز آفيسر ميڊوز ٽيلر لکي دنيا ۾ هن خوفناڪ دهشتگرد تحريڪ کي پڌرو ڪيو“.

