عالمي سائنسدان جو موت، عالمي سائنسدانن جي سازش جو نتيجو
1866ع ۾ گريگر جان مينڊل پنهنجي ھڪ شاگرد رچرڊ کي ليبارٽريءَ مان پنهنجي آفيس ۾ گهرايو. رچرڊ نه فقط ھن جو شاگرد ھو، پر کانئس چرچ ۾ بائيبل پڻ پڙھندو ھو ۽ ھن کان بائيبل اندر لڪيل رازن بابت ڄاڻ دريافت ڪندو ھو. رچرڊ، گريگر جان مينڊل جي علمي لياقت سبب کيس پنهنجو رهنما سمجهي گهڻي عزت ڪندو هو.
هڪ ڏينهن گريگر جان مينڊل، رچرڊ کي حڪم ڏيندي چيو ته کيس سندس ريسرچ ٿيسس کڻي لنڊن وڃڻو پوندو.
“جي سر، منهنجي لاءِ ته اعزاز جي ڳالهه ٿيندي جو مان پاڻ به ھن ريسرچ جو حصو رهيو آهيان.” رچرڊ گريگر جان مينڊل کي سيني تي ھٿ رکي ڪنڌ جھڪائيندي جواب ڏنو. ھي ڏھ پرنٽ ٿيل ٿيسس جا ڪتاب ۽ ڏھ ريسرچ پيپر ھن ڪارٽن ۾ بند ٿيل آهن، جيڪي رائل باٽنيڪل سوسائٽي لنڊن جي صدر جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ کي ھٿ ۾ ڏيڻا آهن، پر ٻئي ڪنهن کي به نه…!! گريگر جان مينڊل رچرڊ کي سخت ھدايت ڪندي چيو. جي سر، مان حڪم جو پابند، رچرڊ وري به ڪنڌ جھڪائيندي جواب ڏنو.
گريگر جان مينڊل کيس آسٽريا جي شھر برنو کان وٺي لنڊن تائين جي خرچ پکي جي لاءِ ڪافي رقم ڏني، جيڪا رچرڊ نه پئي ورتي جو ھو پڻ امير خاندان جو فرد ھو، پر استاد جي گهڻي زور ڀرڻ تي ھن رقم ورتي… گريگر جان مينڊل رچرڊ کي ھدايت ڪندي چيو، لنڊن شھر جي ٻاھران ھڪ وڏو ڪيٿولڪ چرچ آهي ان جو پادري منهنجو دوست ۽ ڪلاس فيلو آهي تون ان وٽ رھجانءِ پر ھڪ ڳالهه جو خاص خيال رکجانءِ ته جيستائين ريسرچ پيپر ڪنهن بھترين بين الاقوامي جنرل ۾ شايع نٿو ٿئي تيستائين رھي پئجانءِ. گريگر جان مينڊل کي ڪا ڳالهه ياد پئي ۽ کيس چيائين، نه نه…!! فقط ايتري جاچ ڪجانءِ ته ريسرچ پيپر شايع ٿيڻ جي لاءِ بين الاقوامي ريسرچ جنرل ڏانھن موڪليو ويو آهي ته پوءِ موٽي اچجانءِ.
سر، توهان مون کي پنهنجي دوست پادريءَ ڏانهن خط لکي ڏيو، باقي سڄو ڪم مان پاڻ سنڀاليندس. رچرڊ ھي لفظ چيا ئي مس ته گريگر جان مينڊل کيس ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪيو ته جيئن ھو خط لکي سگهي.
ڪجهه گھڙين کانپوءِ گريگر جان مينڊل پنهنجي پرنٽ ٿيل ٿيسس جا ڏھ ڪتاب ۽ ڏھن ريسرچ پيپرن وارو ڪارٽن ۽ خط رچرڊ جي حوالي ڪندي وري به کيس ضروري ھدايتون ڏنيون.
رچرڊ وڌيڪ ھدايتون وٺندي ٻاھر نڪري اسٽيشن ڏانهن ويو ته جيئن ٽرين پڪڙي سگهي. رچرڊ آسٽريا ۾ ڪيتريون ٽرينون بدلائڻ کانپوءِ جرمنيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ جرمنيءَ ۾ مختلف ٽرينون بدلائيندي فرانس ۾ داخل ٿيو، جتان ٻي ٽرين پڪڙي سڌو پئرس پھتو. پئرس مان ھو انگلش چينل ڏانهن روانو ٿيو. انگلش چينل فرانس واري پاسي کان ھڪ وڏي مسافر بحري ٻيڙي تي چڙهي لنڊن پھتو. لنڊن جي سامونڊي ڪناري تان ھڪ سواريءَ جي ذريعي سڌو ٻڌايل چرچ ڏانهن روانو ٿيو.
رچرڊ جڏهن سواريءَ تان لھي سامان کڻي چرچ ۾ اندر داخل ٿيو ته ھن کان ضروري پڇا ڳاڇا ڪرڻ کانپوءِ کيس اندر ڇڏيو ويو. ھو جيئن آخري دعا ۾ شريڪ ٿيو ته چرچ جي وڏي پادريءَ کيس ڏسي ورتو، جو ھو اجنبي ٿي لڳو ۽ دعا کان ختم ٿيڻ کانپوءِ ھو سڌو رچرڊ ڏانهن وڌي آيو ۽ ضروري حال احوال کانپوءِ اچڻ جو سبب پڇيائينس ته رچرڊ کيس گريگر جان مينڊل جو خط ڏنو.
پادريءَ خط پڙھندي پنهنجي اکين تي رکيو ۽ سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون ۽ رچرڊ کي ڀاڪر پائي چرچ ۾ موجود مھمانن جي ڪمرن ڏانهن وٺي ويو ۽ ھڪ ڪمرو کولي ڏنائينس ۽ کيس چيو، فريش ٿي آرام ڪر ته رات جو ڪچھري ڪنداسين، پر ياد رکجانءِ منهنجو نالو فادر جانسن آهي.
“جي فادر”، رچرڊ سامان رکي سمھي پيو ۽ گهڻي ٿڪاوٽ ھجڻ جي ڪري رات جو دير سان اٿيو. ھن کي خيال آيو ته شايد فادر جانسن ستو نه پيو ھجي، پر فادر جي ڪمري ۾ بتيون ٻري رهيون ھيون.
رچرڊ پنهنجي ڪمري مان اٿي فادر جي ڪمري ڏانهن ويو ته فادر جانسن وڏو آڌر ڀاءُ ڪندي کانئس اچڻ جو سبب پڇيو.
رچرڊ، فادر جانسن کي ٻڌايو ته هو گريگر جان مينڊل جي ريسرچ ٿيسس جا ڪتاب ۽ پيپر کڻي آيو آھي، جيڪي رائل باٽنيڪل سوسائٽي لنڊن جي صدر کي ڏيڻا آهن، پر اھا به جاچ ڪرڻي آهي ته سر گريگر جان مينڊل جو ريسرچ پيپر ڪنهن بين الاقوامي جنرل ۾ شايع ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهي يا نه، تيستائين مون کي لنڊن ۾ رھڻ جو حڪم آهي.
فادر جانسن رچرڊ کان پڇيو، ڇا ريسرچ ايڏي اھم آهي؟
رچرڊ جواب ڏنو ته سر گريگر جان مينڊل جي ھيءَ ريسرچ نه صرف انگلينڊ، پر سڄي دنيا ۾ اھم ثابت ٿيندي ۽ ڪيترن ڪوڙن سائنسدانن کي پنهنجي اعليٰ عهدن تان ڪيرائي وجھندي، ٿوري ساھي پٽيندي چيائين، فادر، اھڙو ڪو فرد آهي جيڪو سوسائٽيءَ جي اندرين خبر ڏئي سگهي.
رائل باٽنيڪل سوسائٽي لنڊن جي صدر جيمس ڊي ڪارلي جو خاص پٽيوالو ملٽن اسان جي چرچ ۾ عبادت ڪرڻ ايندو آهي ۽ تازو ئي ھو منهنجو شاگرد ٿيو آهي کيس ان ڊيوٽيءَ تي لڳايون ٿا ته ھو جاچ ڪندو رهي.
فادر جانسن ڪافي گهرائي ۽ رچرڊ سان گڏ ڪافي پيئندي ساڻس بائيبل جي چند آيتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ھو رچرڊ جي ڄاڻ تي حيران ٿيندو رهيو ۽ رچرڊ کي چيائين ته هو مينڊل جي اھڙي ڄاڻ تي هميشه عاشق رهيو هو ۽ هو ٻئ گڏ پڙهيا هئا، پوءِ خبر ناهي ته هن ايڏي ڄاڻ ڪٿان حاصل ڪئي.
ٻئي ڏينهن رچرڊ صبح جو سوير اٿيو ۽ عبادت جي لاءِ چرچ جي مرڪزي ڪمري ۾ پھتو ته فادر جانسن پٽيوالي ملٽن کي سڀ ڪجهه سمجھايو ۽ کيس رچرڊ سان ملائي ھن جي خاص پارت ڪئي.
خير، دير سان رچرڊ ٿيسس جا ڪتاب ۽ پيپر کڻي رائل باٽنيڪل سوسائٽي لنڊن پھتو. رچرڊ سوسائٽيءَ جي صدر جي آفيس جي ٻاهران ڪارٽن رکي صدر سان ملڻ جي اجازت طلب ڪئي.
ڪجهه گھڙين کانپوءِ پٽيوالو ملٽن آيو ۽ کيس سوسائٽيءَ جي صدر جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ سان ملائڻ جي لاءِ وٺي ويو.
سوسائٽيءَ جو صدر جيمس ڊي ڪارلي سوبري باٽني سبجيڪٽ تي عالمي سطح تي ھڪ اٿارٽي ڪري مڃيو ويندو ھو ۽ ھو پاڻ وڏو ريسرچ ورڪر پڻ ھو. ھن سوسائٽيءَ جا ٻيا عھديدار ۽ ميمبر به عالمي سطح تي مڃيل باٽنسٽ ھئا تن جا نالا ھي آهن: وليم سوبري جيمس ڊي ڪارلي سوبري جو پٽ، رابرٽ مارنوڪ، چارلس بيرن ڪلارڪ، وليم ڪارٿرس، وليم ٽرنر ڊاير، ڊينٽئل اولائيور، فرانسس ڊارون چارلس ڊارون جو پٽ، جوزف ڊالٽن ھوڪر ۽ جارج بينٿم شامل ھئا.
جڏهن رچرڊ سوسائٽيءَ جي صدر جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ سان ملاقات ڪرڻ جي لاءِ آفيس ۾ داخل ٿيو ۽ سلام دعا ڪرڻ کانپوءِ عرض ڪيو ته هو آسٽريا جي شھر برنو مان مانواري باٽنسٽ گريگر جان مينڊل جي ريسرچ ٿيسس ۽ ريسرچ پيپر کڻي آيو آهي.
گريگر جان مينڊل پاڻ نه آيو ڇا؟ جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ رُکي انداز ۾ رچرڊ کان پڇيو ۽ گريگر جان مينڊل جي ايلچي موڪلڻ واري ڳالهه کيس پسند نه آئي.
سر..! رچرڊ ڪجهه چوڻ پئي چاهيو، پر جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ ڪڙڪ آواز ۾ کيس روڪيندي چيو، ٻاهر وڃ…! ٿيسس جا ڪتاب ۽ ريسرچ پيپر کڻي اچ.
رچرڊ تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ ٿيسس ۽ ريسرچ پيپرن وارو ڪارٽن کولي صدر جي آفيس ۾ کڻي آيو.
ھن کي رک…!! جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ کيس ساڳي ڪڙڪ لھجي ۾ چيو ۽ ھٿ جي اشاري سان ٻاهر وڃڻ جو حڪم ڏنو.
رچرڊ جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ جي اھڙي ڪڙڪ رويي کان خوف ۾ اچي تڪڙا قدم کڻي آفيس مان ٻاهر نڪري سڌو ڪيٿولڪ چرچ جو رخ ڪيو.
جيمس ڊي ڪارلي سوبري جيڪو ٻين باٽنسٽن وانگر چارلس ڊارون جي On the origin of species by natural selection کان متاثر ٿي چڪو ھو ۽ ھن باٽنيءَ جي ريسرچ جو رخ چارلس ڊارون جي نيچرل سليڪشن جي پسمنظر ۾ موڙڻ جي لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو ھو. ھن تڪڙ ۾ گريگر جان مينڊل جو ريسرچ پيپر پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ھن جي سوچ الائجي ڪيڏانهن ھلي وئي جو ڪيترو وقت ته پين ڏندن ۾ ڦاسائي آفيس جي ڇت ۾ اکيون ڦاڙي گهوريندو رهيو جو کيس خبر به نه پئي ته سندس سامهون ڪرسين تي جوزف ڊالٽن ھوڪر ۽ جارج بينٿم ويٺا ھئا.
جارج بينٿم جڏهن ٿيسز وارو ڪتاب کڻي ان جو ورق اٿلايو ته ان جي سنھي کڙڪي تي جيمس ڊي ڪارلي سوبري پنهنجي خيالن مان واپس موٽيو ۽ جوزف ڊالٽن ھوڪر ۽ جارج بينٿم کان پڇيائين، توهان ڪڏهن آيا سر؟
سر، اسان کي پندرهن منٽ ٿيا آهن، پر اوھان ڪھڙن تصورن ۾ گم ھئا؟ ٻنهي گڏجي سوال ڪيو جارج بينٿم جيمس ڊي ڪارلي سوبري کان پڇا ڪئي جو ھو ۽ جوزف ڊالٽن ھوڪر کيس پنهنجي نئين ريسرچ ڪيل Bentham and Hooker system يا Natural system Classification تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آيا ھئا، جيڪا ھنن چارلس ڊارون جي نيچرل سليڪشن جي بنياد تي ٺاھي ھئي.
چڱو ٿيو جو اوهين اچي ويا، جيمس ڊي ڪارلي سوبري ٿڌو ساھ ڀريندي پٽيوالي کي ڪافي آڻڻ لاءِ چيو ۽ ٻنهي کي حيرت واري انداز ۾ ٻڌايو، سر، ھيءَ ريسرچ جي ٿيسس آهي، پر اڄ ڏينهن تائين منهنجي سامهون اھڙي ريسرچ نه گذري آهي جنهن مون کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
سر! جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ بينٿم ۽ ھوڪر جي ڳالهه ڪٽيندي چيو، توهان ٻه ڄڻا ۽ ڊينيئل اولائيور، چارلس بيرن ڪلارڪ ۽ نوجوان فرانسس ڊارون چارلس ڊارون جي پٽ جو آفيشيل ليٽر ڪڍڻ کانسواءِ ئي گڏجي جائزو وٺو ته ٿيسس صحيح آهي يا غلط. ڪاميٽي ٺاهيان ٿو ۽ ھاڻي ئي ھن ريسرچ کي پڙهو ۽ پنهنجي راءِ کان آگاھ ڪيو.
سر..! جيمس ڊي ڪارلي سوبري بينٿم ۽ ھوڪر جي ڳالهه ٻيھر به ڪٽيندي چيو، توهان ۽ مان ھتي آهيون، پر ھي اسان سڀني جي ريسرچ کان اھم آهي جيترو مان سمجهيو آهي.
جيمس ڊي ڪارلي سوبري پٽيوالي کي ڪافي کڻي اچڻ جي لاءِ چيو ۽ مٿي ذڪر ڪيل ٻين باٽنسٽن کي به ھڪدم آفيس گهرايو.
بينٿم ۽ ھوڪر جيمس ڊي ڪارلي سوبري جي ذھني ڪيفيت کي سمجهندي خاموش رھيا ۽ پنهنجي ريسرچ جو ذڪر نه ڪندي ھن جي اجازت سان گريگر جان مينڊل جي ٿيسس جو ڪتاب ۽ ريسرچ پيپر وٺي ڪافي پيئڻ سان گڏ ريسرچ پيپر تي سرسري نظر به وجھڻ لڳا. ايبسٽريڪٽ، انٽروڊڪشن، مٽيريل اينڊ ميٿڊ کي ڏسندا جڏهن رزلٽ تي نظر وڌائون ته پراببلٽي، اسٽيٽيڪل ايناليسس، تناسب ۽ سراسري جي حساب سان گڏ Laws of Inhritance5 (موروثيت جا قانون) تي پڻ نظر وڌائون ته ذري گهٽ ھنن کان رڙ نڪري وئي…!!!
تڏهن ته توهان کي چيم ھيءَ ريسرچ اھم آهي. جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ بينٿم ۽ ھوڪر جي ذھني ڪيفيت کي ڏسندي خاموش رھيو.
اڃان بينٿم ۽ ھوڪر ڪجهه پڇڻ وارا ھئا جو مٿان سڀ ذڪر ڪيل باٽنسٽ اچي بيٺا جن کي جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ ٿيسس جا ڪتاب ۽ ريسرچ پيپر ڏيندي چيو، پنجن ڏينهن ۾ پڙهي پنهنجي حتمي راءِ لکت ۾ ڏيو ۽ بحث ۾ به حصو وٺو. ڪا ڳالهه سوچيندي ھن چيو،ٻيا سڀ ڪم بند ھن ريسرچ کي سمجھو. ۽ ھا، فرانسس ڊارون کي چيائين، سر چارلس ڊارون کي ٿيسس پڙھائجانءِ ۽ ھن سان خيالن جي ڏي وٺ ضرور ڪجانءِ.
پنجن ڏينهن کانپوءِ جيمس ڊي ڪارلي سوبري صبح جو آفيس ٽائيم تي سوسائٽيءَ ۾ پنهنجي آفيس ۾ داخل ٿيو ته ڪجهه ئي گھڙين ۾ چارلس ڊارون کي پنهنجي پٽ فرانسس ڊارون سان گڏ ايندي ڏٺائين ته ھن کان حيرت ۽ بي اختياريءَ مان رڙ نڪري وئي، سر اوهان…!!
۽ ھڪدم پنهنجي صدارتي ڪرسي ڇڏي وڏي گرم جوشيءَ سان ھن جو آڌرڀاءُ ڪري آفيس ۾ وٺي آيو ۽ کيس پنهنجي صدارتي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ دعوت ڏني، پر چارلس ڊارون انڪار ڪيو ۽ کيس ويھڻ جي لاءِ اشارو ڪيو.
جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ پنهنجي صدارتي ڪرسي ڇڏي ٻي ڪرسيءَ تي ويھندي چيو، سر، مان توهان کان رهنمائي حاصل ڪندو آهيان تنهنڪري اھو ممڪن نه آهي ته مان توهان جي سامهون ڪرسيءَ تي ويھان.
جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ پٽيوالي ملٽن کي ڪافي ٺهرائي کڻي اچڻ جو چيو ۽ پاڻ چارلس ڊارون جي ڪتابOn origin of species by natural selection جي ڪجهه منجهيل نقطن کي سمجهڻ جي لاءِ ڳالهه کولي وڌي. چارلس ڊارون کيس ڏکيا نقطا سمجهائڻ لڳو ته ملٽن ڪافي کڻي آيو ۽ جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ پٽيوالي ملٽن کي حڪم ڏنو، “وڃ ۽ ڊينيئل اولائيور، چارلس بيرن ڪلارڪ، جوزف ڊالٽن ھوڪر ۽ جارج بينٿم کي ڪانفرنس ھال ۾ ويھڻ جو چئؤ ۽ سڀني کي ٻڌائي ته سر چارلس ڊارون به آيو آهي، جلدي..”
ڪافي پيئڻ کانپوءِ جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ چارلس ڊارون کي به ڪانفرنس ھال ۾ ھلڻ جي لاءِ چيو. جيمس ڊي ڪارلي سوبري، چارلس ڊارون ۽ فرانسس ڊارون سان گڏ ڪانفرنس ھال ۾ گڏ داخل ٿيو ته سڀني اٿي بيھي سندن آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين يقين ئي نٿي آيو ته هو ايتري آسانيءَ سان پنهنجي سائنسي رهنما سان ملندا.
خير، جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ سڀني کان پڇيو، سر، گريگر جان مينڊل جي ريسرچ جون ڪھڙيون خوبيون ۽ خاميون آهن، ٿوريون گھڙيون خاموش رھندي وري چيائين، ..۽ ھا، اسان جو معزز مھمان سر چارلس ڊارون آخر ۾ دليل ڏيندو. سر، سڀ کان وڏوHimalayan blunder (تمام وڏي غلطي) باٽنيءَ ۾ ميٿميٽڪس جو استعمال آهي، ٿورو جذباتي ٿيندي ڊينيئل اولائيور چيو، ڇا باٽني انجنيئرنگ جي برانچ آهي؟
سڀني جي چھري تي ھلڪي مسڪراھٽ تري آئي، پر پنهنجي چھري تي ھٿ ڏئي پنهنجي مسڪراھٽ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪٿي جيمس ڊي ڪارلي سوبري ۽ چارلس ڊارون نه ڏسي وٺن. سر، ھن ريسرچ ۾Laws ڏنل آهن، حيرت جو اظهار ڪندي چارلس ڊارون جي پٽ فرانسس ڊارون جنهن پنهنجي پيءُ کي ٿيسس پڙھائڻ ۽ ان تي بحث ڪرڻ کانپوءِ نتيجو ڪڍندي چيو، ھي Laws ته فزڪس ۾ ھوندا آهن ۽ ڪجهه سالن کان ڪيمسٽريءَ ۾ داخل ٿيا آهن سو به ڪجهه گيس ۽ ايسڊ جي فطرت جي ڪري، پر باٽنيءَ ۾ Laws… حيرت آهي. مون کي شڪ پئي ٿو ته ڪٿيLaw of Dominance محترم چارلس ڊارون جيNatural selection يا Blending inheritance جي خلاف نه وڃي. چارلس بيرن ڪلارڪ راءِ ڏني جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا. منهنجي خيال ۾ ته جيڪڏهن گريگر جان مينڊل جو ريسرچ پيپر انٽرنيشنل جنرل ۾ شايع ٿيو ته اھو وڏو ممڻ مچائيندو، پر ڪھڙو سو سمجهه ۾ نٿو اچي. جوزف ڊالٽن ھوڪر پنهنجي راءِ ڏني.
سر، گريگر جان مينڊل جي Dominant ۽ Recessive وارين خاصيتن کي پڙھي جيڪڏهن محترم چارلس ڊارون کي ڏک نه ٿئي ته چوان. جارج بينٿم محترم چارلس ڊارون کان اجازت گهري.
جي چئؤ، توهان جي تنقيد علمي ھوندي نه ڪي ڪٽر پادرين جھڙي. چارلس ڊارون جارج بينٿم کي اجازت ڏيندي چيو.
سر، ھي Dominant ۽ Recessive نه فقط محترم چارلس ڊارون جي باندر مان انسان جي پيدا ٿيڻ کي ڌڪ ھڻندا، پر ساڳي وقت تيNatural selection جي نظريي کي برقرار رکڻ جي لاءِ زولاجيءَ سان واسطو رکندڙ سائنسدان گريگر جان مينڊل جي ريسرچ جو رد ڏيڻ جي لاءِ سئؤ سالن کان وڌيڪ عرصو لڳائي سگهندا، پر نتيجو پوءِ به گريگر جان مينڊل جي حق ۾ نه ويندو. جارج بينٿم پنهنجي راءِ ڏني.
سر، توهان سڀني جا خدشا درست آهن، پر مون کي ته محسوس ٿو ٿئي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ گريگر جان مينڊل جي ھيءَ ريسرچ ھڪ نئين شاخ نه، پر گهڻين نين شاخن کي جنم نه ڏئي وجهي ۽ پوءِ اھي شاخون ايتري ته طاقت سان اڀري اينديون جو انھن جي رد ڏيڻ لاءِ اربين پائونڊ خرچ ڪيا ويندا سي به بيڪار ۾ نه ھليا وڃن ۽ شايد اڳتي ھلي ڪري گريگر جان مينڊل جي ميٿميٽڪس جو استعمال خود زولاجيءَ، سوشل سائنسز ۽ لينگئيجز تي نه لاڳو ٿي وڃي، انهن سڀني کان وڌيڪ باٽنيءَ مان ڪا انجنيئرنگ جي شاخ نه کلي پوي. جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ راءِ جو کلي طرح سان اظهار ڪندي سر چارلس ڊارون ڏانهن اشارو ڪندي کيس چيو، سر، ھيءَ ريسرچ انتھائي خطرناڪ آهي. ايتري خطرناڪ ريسرچ منهنجي نظر مان پهرين ناهي گذري.. باقي وضاحت توهان پاڻ ڪيو. مان گريگر جان مينڊل جي ريسرچ کي پڙهيو ۽ وڏو غور ڪيو منهنجي ذھن ۾ به ساڳيا نقطا اڀري آيا جن جو ذڪر جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ ڪيو، پر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ Laws of Inheritance آھي. ھن ڪجهه سوچيندي چيو ته مان اڃان به ھن تي گهرائيءَ سان نظر وجھي ڪجهه نقطا توهان ڏانهن موڪليندس ۽ پوءِ ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي. چارلس ڊارون وڃڻ کانپوءِ جيمس ڊي ڪارلي سوبريءَ پنهنجي گڏيل جائزه ڪاميٽي وارن سائنسدانن ته ٿيسس صحيح آهي يا غلط صلاح ڪئي، جنهن ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو ته گريگر جان مينڊل جي ريسرچ کي شايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو پر وري حد ته اھا ٿي وئي جو ريسرچ ٿيسز ۽ پيپرن کي رائل باٽنيڪل سوسائٽي لنڊن جي ڊيڊ اسٽور ۾ اھڙي ھنڌ لڪايو ويو جو ڪنهن باٽنسٽ کي خبر نه پوي، پر جيڪڏهن ھيءَ ريسرچ Natural selection جي حق ۾ نه ويندي ته پوءِ اتي ئي پئي ھوندي.
رچرڊ جڏهن آسٽريا جي شھر برنو پھتو ته ھو سڌو گريگر جان مينڊل ڏانهن ھليو ويو ۽ کيس رائل باٽنيڪل سوسائٽي لنڊن جي صدر، ٻين عھديدارن ۽ ميمڀرن سان گڏ چارلس ڊارون جي خطرناڪ رويي کان آگاھ ڪيو. گريگر جان مينڊل، رچرڊ جي ڳالهه ٻڌندي ئي مايوس ٿي ويو ۽ ڪيترن ڏينهن تائين سخت ذھني دٻاءُ جي ھيٺ رهيو ۽ نيٺ دل جو دورو پيس. سندس شاگرد پھچي پيا ۽ کيس برنو شھر جي سينٽ ايلزبيٿ ھاسپيٽل ڏانهن کڻي ويا، جتي ڊاڪٽر کيس دوا ڏني، پر کيس گهڻي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ۽ پوءِ گريگر جان مينڊل 1866ع کان وٺي 1884ع ھائپر ٽينشن ۾ رھيو، پر کيس خبر نٿي پئي ته ڇو؟
نيٺ 1884ع جي جنوري واري مھيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ گريگر جان مينڊل کي سخت ھائپر ٽينشن جي ڪريChronic nephritis (بڪين جي دائمي سوڄ) ٿي پئي ۽ ھن جو جسم سُڄڻ لڳو ۽ ٿڪاوٽ کانسواِءِ پيشاب سان لاڳاپيل مسئلن ۾ گهيرجي ويو. 1884ع جي جون جي ڇھين تاريخ تي گريگر جان مينڊل پنهنجي شاگرد رچرڊ کي گهرائي ورتو ۽ چيو ته هو ٻن يا ٽن ڏينهن جو مھمان آهي، پر هن اها ڳالهه به ڪئي ته کيس ان حالت تائين پهچائڻ ۾ رائل باٽنيڪل سوسائٽي لنڊن جو ھٿ آهي، جنهن جي ڪري سينٽ ايلزبيٿ ھاسپيٽل جي ڊاڪٽر مون کي اھڙي ميڊيسن ڏني جو ڄڻ ته Slow poison ھئي ۽ ڪيٿولڪ چرچ جي ٻن پادرين مون کي آٿت ڏيڻ جي بدران مستقل ٽينشن ڏيندا رهيا ته جيئن مان ريسرچ ورڪ ڇڏي پادري ٿيان. ڪجهه گھڙيون ساھ پٽيندي وري چيائين ته ھڪ طرف ڊاڪٽر جي دوا سندس بلڊپريشر کي وڌايو ته ٻئي طرف وري پادري سندس پويان پئجي ويا، جيتوڻيڪ هو ايبٽ به ٿيو، پر کيس ھر وقت جذباتي ڪندا رهيا ۽ عبادت جي لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڀڙڪائيندا پڻ رھيا ۽ انهن ماڻهن کيس وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار بڻايو ۽ پوءِ آخر هو مرڻينگ حالت تائين پهتو.
رچرڊ لڳاتار روئندو رھيو، پر گريگر جان مينڊل کيس چيو رو نه. جيڪڏهن سندس زندگيءَ ۾ سندس ريسرچ شايع نه ٿي ته ڪا ڳالهه ناهي، پر کيس پڪ آهي ته سندس مرڻ کانپوءِ ضرور شايع ٿيندي. ٿورو ساھ پٽيندي گريگر جان مينڊل، رچرڊ کي چيو، ھيءَ سڄي واردات مان پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي آهي ۽ تون تڪڙو وڃي چرچ مان ڊائري ھٿ ڪري شايع ڪرائجانءِ، وڃ…!!
رچرڊ اسپتال مان تڪڙو نڪتو ۽ سواري ھٿ ڪري چرچ پھتو ته ڇا ڏسي ته سر گريگر جان مينڊل جي ڪمري جا سڀني ڪٻٽن ۽ المارين جا تالا ۽ ڪڙا ڪنڍا ڀڳل ھئا. رچرڊ ڊائري ڳولهڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيئي، پر نه ملي سو ھو وٺي اسپتال ڏانهن ڀڳو.
جڏهن اسپتال جي اندر ڏٺائين ته سر گريگر جان مينڊل وفات ڪري چڪو ھو ۽ رچرڊ روئندي چيو، ھڪ عالمي سائنسدان جي موت جو سبب عالمي سائنسدانن جي سازش آھي.