بلاگنئون

ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي قاتل پُٽ کي سَزاءِ موت

حيدرآباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج تصور حسين راجپوت ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس ۾ فيصلو ڏيندي سندس هنج ورتل پٽ لطيف آڪاش کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ياد رهي ته سنڌ جي نالي واري مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو موت شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳڻ ڪري نه، پر ان کي بي رحميءَ سان قتل ڪرڻ بعد سندس ويڳي پٽ هٿ سان ساڙي ڪيو هو، جنهن جو هن پاڻ ذڪر ڪيو هو. آڪاش انصاريءَ جو پاليل پٽ پنهنجي پيءُ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ گهران نڪري ڪيتري دير تائين هڪ واسطيدار وٽ وڃي ويٺو رهيو، جنهن کانپوءِ هن گهر اچي پيءُ جي مڙهه کي باھ ڏئي ساڙي مامري کي شارٽ سرڪٽ سبب پيش اچڻ جو رنگ ڏنو. پوليس فوري ڪاروائي ڪندي ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي قتل ۾ استعمال ٿيل ڇري هٿ ڪئي  ۽ سندس پٽ لطيف پيءُ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو هو، ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار واقعي بعد فوري طور گهُر ڪئي ته ڊاڪٽر جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ گهُرجي، جنهن تي اعتراض ڪيو ويو، پر بعد ۾ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. ايس ايس پي موجب پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ اهڙيون ڳالهيون سامهون آيون جنهن ۾ اندازو ٿيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو موت شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳڻ سان نه ٿيو. پوسٽ مارٽم ۾ ظاهر ٿيو ته آڪاش انصاري جي جسم تي “ملٽيپل زخمن” جا نشان هئا. ڊاڪٽرن کان پڇا ڳاڇا ڪري واضح ڪيو ويو ته زخم شيشي جا ناهن. آڪاش انصاري جي ڦڦڙن ۾ دونهون نه مليو. ڇو ته دم گهٽجڻ سبب فوت ٿيڻ تي رت نه وهندو آھي. ان کان اڳ، آڪاش انصاريءَ جي مبينا طور قتل ٿيڻ جي شڪ ۾ حيدرآباد پوليس سندس پاليل پٽ ۽ ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو هو. ايس ايس پي حيدرآباد موت کي حادثي يا قتل جي جاچ لاءِ پنج رڪني جاچ ڪاميٽي ٺاهي ھئي، جنهن جي سربراهي ايس ايس پي هيڊڪوارٽر مسعود اقبال ڪري رهيو هو. جڏهن ته جاچ ڪاميٽي ۾ ڊي ايس پي بلديا، ايس ايڇ او بلديا، ايس ايڇ او ڀٽائي نگر شامل هئا. جاچ ٽيم فرانزڪ ٽيم سان گڏ واقعي واري هنڌ تان سيمپل ورتا هئا ۽ پنهنجي نگرانيءَ ۾ پوسٽ مارٽم ڪرايو. جڏهن ته ايس ايس پي حيدرآباد پڻ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو هو. بعد ۾ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

هي واقعو ڇنڇر 15 فيبروري 2025 جي صبح وقت پيش آيو هو، جنهن جي رپورٽ ابتدائي طور تي سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس (1122) حيدرآباد ڪئي وئي. ريسڪيو سروس پنهنجي جاري بيان ۾ چيو هو ته 15 فيبروري واري ڏينهن صبح جي وقت حيدرآباد جي “سٽيزن ڪالوني” جي هڪ گهر ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳڻ جو اطلاع مليو. ريسڪيو فائر فائيٽرز جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي باھ تي ضابطو آندو. باھ لڳڻ سبب نالي وارو اديب، شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ان جو پٽ (پاليل) والد کي بچائيندي زخمي ٿي پيو جنهن کي ريسڪيو ٽيم اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. واقعي واري ڏينهن گهر ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري سان ٻئي ڪمري ۾ سندس هنج ورتل پٽ ۽ ڊرائيور موجود هئا. واقعي کان ٿوري دير کانپوءِ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پٽ لطيف انصاري مقامي ميڊيا سان ڳالھه ٻولھه ڪئي هئي ۽ پنهنجي ڏنل وڊيو بيان ۾ هن چيو هو ته صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڌاري گرمائش محسوس ٿي ۽ ڪمري مان دونهون نڪرندي نظر آيو ۽ ڪمرو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻو پيو. منهنجو والد انسانيت جي خدمت ڪرڻ وارو هو، پر چڱن ماڻهن جا ڪي دشمن به هوندا آھن. اسان کي ڪنهن تي به شڪ ناهي، هن اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيو ته جيڪو به هن واقعي ۾ قصوروار هجي ان کي انجام تائين پهچايو وڃي. مقامي صحافين موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو مڙھ بنا پوسٽ مارٽم جي حيدرآباد کان بدين روانو ڪيو ويو، پر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي وارثن ۽ دوستن پاران کيس قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مڙھ کڻي رواني ٿيل ايمبولنس کي بدين ويجهو ماتلي مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ واپس حيدرآباد گهرايو ويو. پوسٽ مارٽم بعد واضح ٿي ويو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ کي قتل ڪيو ويو آھي. جنازي نماز بعد پوليس ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي هنج ورتل پٽ ۽ ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي حيدرآباد منتقل ڪيو هو. جڏهن ته پوليس چوڪيدار ۽ ڊاڪٽر آڪاش جي هنج ورتل پٽ جي ٻن دوستن کي به حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني. حيدرآباد پوليس جي وضاحت سامهون آئي ته ڪجھه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ پنهنجي هنج ورتل پٽ تي ڪيس به داخل ڪرايو هو، جيڪو بينڪ مان لکين رپيا ڪڍرائڻ بابت هو.

ڊاڪٽر آڪاش سنڌ جو تمام وڏو قومي درد رکندڙ شاعر هئڻ سان گڏ اَمُن پسند ۽ نازڪ نفيس انسان ھو، سندس ٻه ڪتاب شايع ٿيا جن ۾ “ڪيئن رهان جلاوطن” ۽ “اڌورا اڌورا” شامل آھن. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪئي هئي ۽ 1984ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. ڪاليج جي زماني کان ئي هو قومي، انقلابي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ۽ هن عوامي تحريڪ ۾ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل به وڃڻو پيو. 1995ع ۾ هن صحافت ۾ قدم رکيو هو. 2002ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. هن بدين جي سامونڊي پٽيءَ واري علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ‘بدين رورل ڊولپمينٽ’ نالي سماجي تنظيم قائم ڪئي هئي. ايڏي وڏي علمي ۽ ادبي شخصيت جنھن کي سندس ئي هنج ورتل پٽ وڏي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. اَڄ لڳ ڀڳ هڪ سال کانپوءِ اُن ڪيس ۾ سندس هنج ورتل پُٽ شاھ لطيف کي سَزاءِ موت آئي آھي. حيدرآباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ شاھ لطيف کي ڦاھيءَ جي سَزا ٻُڌائي جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر آڪاش جي خاندان جا ماڻھو ۽ پڙھيا لِکيا دانشور دوست ھِڪٻئي کي ۽ پُوري قوم کي مُبارڪون ڏئي رَھيا آھن، پر سوال اهو آهي ته جوابدار يقينن اپيل ۾ ويندو، پوءِ ڇا مٿين ڪورٽ سندس اپيل تي فيصلو ڏيندي کيس بيڏوهي قرار ڏئي ڇڏيندي؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته يقينن ڊاڪٽر آڪاش جو روح تڙپي اٿندو ۽ پوري قوم ان ناانصافيءَ خلاف ماتم ڪندي. ڪجهه اديبن جو موقف سامهون آيو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش جي خُون سان انصاف نه ٿيو آھي. ڇو ته اُھو ڪم اَڪيلي شاھ لطيف جو ناھي. بيشڪ! ھُو قتل ۾ مُلوث آھي ۽ کيس سَزا مِلڻ گُھرجي، پر ڊاڪٽر آڪاش جي نياڻيءَ ۽ دوستن جھڙي نَموني اُن اَڪيلي جوابدار کي پُورو زور لڳائي سَزا ڏياري آھي ۽ ٻين جوابدارن کي لِڪايو ويو آھي، اُن مان صاف ظاھر آھي ته ماتحت عدالت جو ھِيءُ فيصلو پَنھنجي بُنيادن تي بِيھي نه سَگھندو. ان ڪري کانئس اپيل جو حق کسي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن ڊاڪٽر آڪاش جي ناحق خون سان انصاف ٿي سگهي.