ميٿيءَ جي ٻجن جو پاڻي صحت لاءِ مفيد
ذيابيطس جو مرض دنيا کي تيزيءَ سان پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي رهيو آهي ۽ هڪ اندازي مطابق 2050 تائين 1.3 ارب ماڻهو ان کان متاثر ٿيندا، جيڪڏهن هن بيماريءَ کي قابو نه ڪيو ويو ته هن مرض ۾ مبتلا مريض ٻين ڪيترين ئي پيچيده بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ذيابيطس ۾ مبتلا ماڻهن کي عام طور تي پنهنجي بلڊ شوگر جي مقدار کي توازن ۾ رکڻ ۾ ڏکيائي سامهون ايندي آهي، پر ميٿيءَ جي ٻجن جو پاڻي هڪ اهڙي شئي آهي، جو ان مرض کي قابوءَ ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. هي ٻج جسم ۾ شوگر جي استعمال تي اثر وجهن ٿا. هڪ تحقيق مطابق گرم پاڻيءَ ۾ پسايل تقريبن 10 گرام ميٿيءَ جا ٻج استعمال ڪرڻ سان ٽائيپ-2 ذيابيطس کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملي سگهي ٿي.
ميٿي ٻجن جا ٻيا فائدا:
- هاضمي کي بهتر ڪن ٿا.
- ميٿي جا ٻج بُک گهٽائي وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.
- ميٿي جي ٻجن جو پاڻي باقاعده استعمال ڪرڻ سان ڪوليسٽرول جو مقدار گهٽ ٿيڻ سان دل جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري اچي ٿي.
- ميٿي جي خاص ڳالهه اها آهي ته انسان جي مدافعتي نظام کي بهتر بڻائي ٿي.
ميٿي جي ٻجن جو پاڻي ٺاهڻ جو طريقو: ميٿي جا ٻج هڪ کان ٻه چانهه جا چمچا رات جو هڪ گلاس ۾ پسائي رکي ڇڏجن، صبح جو ڇاڻي پاڻي پي ڇڏجي.