سنڌ طاس معاهدو ۽ سنڌ
اظهر سولنگي
هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر تازو ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن پاڪ_ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ سنگيني اختيار ڪري وئي هئي ته ڀارت پاران پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ تي سوچڻ جو اعلان ڪيو ويو. پر عملي طور تي ايئن ڪيو ته نه ويو پر ان هوندي به ڀارت پاران پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ وارا خدشات ته اڃان تائين موجود ضرور آهن.
ڀارت کي ورهاڱي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهو ڪنڊو لڳل آهي ته جيڪر پاڪستان کي معاشي طور ڪنگال ڪجي ۽ ان جا ٻيا ڪارڻ گهٽ پر سنڌ طاس معاهدو ٽوڙي پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ اڪيلو ۽ وڏو آپشن رهيو آهي. جيئن ورهاڱي کان صرف اٺن مهينن بعد جڏهن ورهاڱي بابت ٽياڪڙي ڪندڙ ٽربيونل ختم ٿيو هو ته انڊيا پاران پاڪستان جا واهه بند ڪري خطي ۾ هڪ نئون مسئلو درپيش ڪري ڇڏيو هو ۽ اها پاڪستان ۾ پوکي راهي ڪرڻ جي مند هئي. ان وقت جيئن پاڻي بند ڪيو ويو هو ته پاڪستان هڪ ته نئون ملڪ ٺهيل هو ان جي معيشت جو سمورو دارومدار صرف زراعت تي هو ۽ ڀارت پاران ان عمل سان پاڪستان جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو هو. هن مسئلي سان خطي ۾ ٻيهر جنگ ۽ افراتفري ٿيڻ جا امڪان وڌي رهيا هئا. ان دوارن ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيل مسئلي کي نبيرڻ لاءِ هر ڪنهن کي ڳڻتي هئي ته هن مسئلي کي ڪيئن ختم ڪجي پر جنهن سلطنت کان هنن ملڪن آزادي ورتي هئي ان برٽش ايمپائر کي هن ڳالهه کي نبيرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو ته لازمي طور هو پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ آمريڪا ۾ قائم ڪيل عالمي بئنڪ ان ڳالهه جو پڻ نوٽيس ورتو ۽ معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جي اڳواڻي ڊيوڊ للينٿل (David Lilienthal) ڪري رهيو هو. ان عرصي دوارن للينٿل پاڪستان ۽ ڀارت جو دورو ڪري پنهنجي هڪ تحقيقي رپورٽ شايع ڪئي هئي. جنهن رپورٽ کي ٻنهي ملڪن ڏانهن اهو لکي اماڻي ويئي هئي ته هن راءِ تي قائم ٿي مسئلي کي حل ڪيو وڃي. للينٿل پنهنجي هن رپورٽ ۾ سنڌو جي مسئلي کي تمام اهم ۽ وڏو مسئلو قرار ڏنو هو. للينٿل هن رپورٽ ۾ جيڪا راءِ ڏني ان سان ڪنهن قدر ته ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال ته ختم ٿي ويئي پر ان سان هڪ ٻيو مسئلو پيدا ٿي پيو جنهن ڳالهه پاڪستان ۾ اندروني مسئلن کي کڙو ڪيو. للينٿل لکيو ته “بغير ڪنهن روڪٿام جي سنڌو جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي ان کي روڪي ورڇ ڪئي وڃي”
للينٿل جي ان راءِ جي موٽ ۾ ڊيلٽا ڏانهن ويندڙ پاڻي کي روڪڻ لاء ڪوٽڙي بئراج جي اڏاوت شروع ڪئي ويئي ۽ بعد ۾ ڊئمن کي هن مسئلي جو حل سمجهي اڏيا ويا. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ملڪ ۾ زراعت جي ان راءِ سان ترقي ٿي. پر ان جي بعد ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿيون ان سان سنڌ صوبي جي ڏاکڻي حصي جون زرعي زمينون غيرآباد ٿي ڪلر ۾ تبديل ٿي ويون ۽ ڪيترائي علائقا سمنڊ جي پيٽ ۾ ايندا ويا، بلڪه هر سال ڪيترائي ڪلو ميٽر سمنڊ سنڌ جو حصو ڳڙڪائيندو رهي ٿو. پاڻي جي اهڙي ورڇ سان نه رڳو پڇڙي وارا علائقا بلڪل به وانجهجي ويا پر وڏي ڳالهه اها ته سنڌو جي اها موج به نه رهي… اهو سنڌو جنهن جي لاءِ سڪندر مقدونيه لکيو هو ته “سنڌو ندي دنيا جي اهم ندين مان هڪ آهي” بعد ۾ جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجي واپار لاءِ سنڌو کي استعمال ڪرڻ لاءِ سوچيو پئي ته سنڌو ندي جي مهم جو ئي ڪرڻ لاءِ تڏهوڪي ڪيپٽن اليگزينڊر هئملٽن کي مقرر ڪيو. اليگزينڊر سنڌو جي مهم جوئي ڪري هڪ ڪتاب ڇپائي آندو جنهن ۾ هن ايسٽ انڊيا ڪمپني کي خاطر خواهي ڪرائي ته سنڌو ندي ۾ آساني سان جهاز راني ڪري سگهجي ٿي. يونانين ته سنڌو ندي کي هڪ عظيم ندي قرار ڏنو هو.
پاڪ-انڊيا تقرار ۾ عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي ۽ للينٿل جي ان رپورٽ سنڌو ندي جي عروج کي زوال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ مستقبل ۾ سنڌ جي حصي واري پاڻي کي ويتر قبضي ۾ آڻڻ لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو هو. ڊيوڊ للينٿل جي ان رپورٽ کي 1951ع ۾ برطانيه جي هڪ ڳجهي رپورٽ رد ڪندي دولت ڪمائڻ جو ڍونگ به قرار ڏنو هو، علائقي مان گهڻي دولت ملي سگهي ٿي ان ڪري هن (للينٿل) حقيقتن کي لڪائي صرف دولت ڪمائڻ لاءِ اهڙي صلاح ڏني آهي، هي جملو ان رپورٽ ۾ لکيو ويو هو.
ڪوٽڙي بئراج جي اڏاوت ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ٻين اهڙين رٿائن سان بئنڪ، ماهرن ۽ اڏاوتي فرمن کي تمام گهڻو مالي فائدو پهتو هو ۽ نتيجي ۾ سنڌو جي ساڍا ٽي هزار ڪلو ميٽرن تي پکيڙيل ڊيلٽا اڍائي سئو ڪلو ميٽرن تي وڃي بيٺي. اڃان به اتي دنگ نه ٿيو پر ڇوڙ نه هجڻ ڪري ٻيا به ڪيترائي نقصان ٿيا. تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا ۽ سمنڊ جي کاڌ علائقن کي ڳهي ورتو. اڄ سنڌو ندي ۾ ڪٿي ڪٿي ته هڪ واٽر ڪورس واري شڪل ۾ پاڻي وهي رهيو آهي. سنڌ جي سمورن رهواسين لاءَ مٺو پاڻي اڻلڀ بڻجي ويو آهي. مهاڻن جو واپار ختم ٿي ويو. جيڪو سمورو نقصان سنڌ جو ان رپورٽ جي نتيجي ۾ ٿي رهيو آهي.
مطلب ته سنڌ طاس معاهدي سان گهڻي مان گهڻو نقصان سنڌ جي پلئه پيو آهي. وري جي تازو هن وقت تقرار اڀريو آهي جيڪڏهن ڀارت 48ع واري پنهنجي ڪارروائي تي لهي اچي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو وجهي (جنهن جي لاءِ انڊيا پاران ڪيترائي بيان سامهون پڻ آيا آهن) جيتوڻيڪ پاڪستان ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏي ٿو ته معاهدو نٿو ٽٽي سگهي، پر تڏهن به ان معاهدي جي ٽٽڻ سان هڪ دفعو سموري خطي ۾ هڪ جنگ واري صورتحال ته کڙِي سگهي ٿي جيڪا ڳالهه ڳڻتي جوڳي ضرور آهي. پر ٻئي طرف ڊئمن، ناجائز اڏايل ڪئنالن توڙي بئراجن وسيلي سنڌ جو پاڻي روڪي سنڌ جي زرعي معيشت کي پڻ تمام وڏو نقصان پهچي رهيو آهي.