شاھ سائين جي ايم سيد “پيغام لطيف” ۾ لکي ٿو ته: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن طبقي کي سڀ کان گهڻو ساراهيو آهي، سو سنڌي عوام جو اهو طبقو هو، جنهن جا فرد سنڌي ڳوٺاڻا، خانه بدوش، مال چاريندڙ، ڏٿ تي گذران ڪندڙ، پلا ۽ مڇيون ماريندڙ، کٿا ۽ لويون پهريندڙ، اڌ اگهاڙا، اڌ ڍڪيل، ٻيلن ۽ جهنگن ۾ رهندڙ هئا. شاهه لطيف انهيءَ عوام ۾ سنڌ جو حقيقي روح سمايل ڏٺو. انهن جي مفلسي ۽ خانه بدوشي جهالت ۽ مصيبت ۾ گرفتاري ۽ قيد ڏسي هنجون هاريون ۽ نير وهايو اٿس. سنڌ جي مستقبل کي عوام جي آئنده سان وابسته ٿي سمجهايائين. انهن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي سنڌ جي تڪليف ڪري ٿي ڄاتائين. انهن جي آزادي ۽ ترقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري ٿي ڏٺائين، هن کي معلوم هو ته سنڌي دنيا جي ٻين قومن جي نسبت پٺتي پيل هئا. هنن جي سڀ حاصلات بدوئن واري نموني جي هئي ۽ ٻين جي مقابلي ۾ پٺتي هئي. ليڪن شاهه لطيف باوجود ان جي هر پنهنجي شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو. کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خود شناسي ۽ خود داري پيدا نه ڪئي وئي ته هن ۾ پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ پنهنجي پيغام ڏيڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي ۽ سنڌي ٻين جي سياسي، اقتصادي ۽ ذهني غلاميءَ ۾ ڦاٿا پيا هوندا. شاهه عبداللطيف سُر مارئي ۾ سنڌي عوام کي مارن سان تشبيهه ڏني اٿس. حڪمران طبقي کي عمر سومري جي نالي سان ياد ڪيو اٿس. آئون ننڍپڻ کان درسي ڪتابن، رسالن ۽ صوفي محفلن ۾ شاهه سائين کي پڙهندو ۽ ٻڌندو رهيو آهيان. اسڪولي ۽ ڪاليجي دور کان ڀٽ ڌڻي جا ڏهاڙا به ملهائيندا هئاسين ۽ وڏي ڳالهه ته ڪڏهن سالياني ميلي تي ملهه ملاکڙي، ادبي ڪانفرنس ۽ ثقافتي راڳ رنگ جي محفل ۾ شوق سان ڏسڻ ۽ ٻڌڻ رهيو آهي. ايتري قدر جو ميلي جي اخباري رپورٽ، ريڊيو ۽ ٽي وي رپورٽ به ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جو شوق رهيو آهي، جنهن سان ميلي ۾ موجود هجڻ جو تصور پيدا ٿيندو آهي. سنڌ سونهاري بزرگن، اوليائن، ڪامل درويشن ۽ ٻين فقيرن جي ڌرتي آهي. انهن سڀني ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ جداگانه حيثيت جو مالڪ آهي، سندس مقام دنيا جي عظيم ترين شاعرن ۾ آهي، جنهن تي اسان سڀني کي بجا طور ناز آهي. شاهه سائين جو ڪلام روحاني، اخلاقي، نيڪ نيتي، سچائي ۽ ثابت قدمي جي بي بها انمول موتين سان جڙيو پيو آهي. سندس ڪالم ۽ پيغام انسان ذات جي مڪمل رهبري ڪري ٿو.