بلاگنئون

جيئي لطيف

شاھ سائين جي ايم سيد “پيغام لطيف” ۾ لکي ٿو ته: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن طبقي کي سڀ کان گهڻو ساراهيو آهي، سو سنڌي عوام جو اهو طبقو هو، جنهن جا فرد سنڌي ڳوٺاڻا، خانه بدوش، مال چاريندڙ، ڏٿ تي گذران ڪندڙ، پلا ۽ مڇيون ماريندڙ، کٿا ۽ لويون پهريندڙ، اڌ اگهاڙا، اڌ ڍڪيل، ٻيلن ۽ جهنگن ۾ رهندڙ هئا. شاهه لطيف انهيءَ عوام ۾ سنڌ جو حقيقي روح سمايل ڏٺو. انهن جي مفلسي ۽ خانه بدوشي جهالت ۽ مصيبت ۾ گرفتاري ۽ قيد ڏسي هنجون هاريون ۽ نير وهايو اٿس. سنڌ جي مستقبل کي عوام جي آئنده سان وابسته ٿي سمجهايائين. انهن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي سنڌ جي تڪليف ڪري ٿي ڄاتائين. انهن جي آزادي ۽ ترقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري ٿي ڏٺائين، هن کي معلوم هو ته سنڌي دنيا جي ٻين قومن جي نسبت پٺتي پيل هئا. هنن جي سڀ حاصلات بدوئن واري نموني جي هئي ۽ ٻين جي مقابلي ۾ پٺتي هئي. ليڪن شاهه لطيف باوجود ان جي هر پنهنجي شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو. کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خود شناسي ۽ خود داري پيدا نه ڪئي وئي ته هن ۾ پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ پنهنجي پيغام ڏيڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي ۽ سنڌي ٻين جي سياسي، اقتصادي ۽ ذهني غلاميءَ ۾ ڦاٿا پيا هوندا. شاهه عبداللطيف سُر مارئي ۾ سنڌي عوام کي مارن سان تشبيهه ڏني اٿس. حڪمران طبقي کي عمر سومري جي نالي سان ياد ڪيو اٿس. آئون ننڍپڻ کان درسي ڪتابن، رسالن ۽ صوفي محفلن ۾ شاهه سائين کي پڙهندو ۽ ٻڌندو رهيو آهيان. اسڪولي ۽ ڪاليجي دور کان ڀٽ ڌڻي جا ڏهاڙا به ملهائيندا هئاسين ۽ وڏي ڳالهه ته ڪڏهن سالياني ميلي تي ملهه ملاکڙي، ادبي ڪانفرنس ۽ ثقافتي راڳ رنگ جي محفل ۾ شوق سان ڏسڻ ۽ ٻڌڻ رهيو آهي. ايتري قدر جو ميلي جي اخباري رپورٽ، ريڊيو ۽ ٽي وي رپورٽ به ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جو شوق رهيو آهي، جنهن سان ميلي ۾ موجود هجڻ جو تصور پيدا ٿيندو آهي. سنڌ سونهاري بزرگن، اوليائن، ڪامل درويشن ۽ ٻين فقيرن جي ڌرتي آهي. انهن سڀني ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ جداگانه حيثيت جو مالڪ آهي، سندس مقام دنيا جي عظيم ترين شاعرن ۾ آهي، جنهن تي اسان سڀني کي بجا طور ناز آهي. شاهه سائين جو ڪلام روحاني، اخلاقي، نيڪ نيتي، سچائي ۽ ثابت قدمي جي بي بها انمول موتين سان جڙيو پيو آهي. سندس ڪالم ۽ پيغام انسان ذات جي مڪمل رهبري ڪري ٿو.
شاهه سائين پنهنجي ايمان ۽ عرفان جي ڪري بزرگان دين ۾ وڏو مقام رکي ٿو، سندس خيال ۾ جيستائين انسان پنهنجو پاڻ نٿو سڃاڻي تيستائين رب پاڪ تائين رسڻ مشڪل آهي. سونهاري سنڌ ۾ شاهه ڀٽائي جي تخليق ۽ فلسلفي جي تشريح ۽ تبليغ جنهن ۾ انسان ذات لاءِ امن ۽ آشتي جو پيغام سمايل آهي، تنهن جي پرچار کي جاري رکڻ، پريت جي پانڌيئڙن کي خوشين ۽ مسرتن جي لمحن سان سرشار ڪرڻ، ملهه ۽ ملاکڙن کي فروغ ڏيڻ، سنڌ جي ثقافت کي ڀرپور اجاگر ڪرڻ ۽ زائرين کي تفريح ۽ تفريح جو عمل سالن کان جاري رهندو پيو اچي. ڀٽ ڌڻي جي ميڙي کي هر قسم جو رنگ روپ ڏئي مريدن ۽ عقيدتمندن کي شاهه سائين جي معرفت حاصل توڙي سندس بيتن، واين، ڪافين ۽ ڪلام کي راڳ رهاڻ ذريعي پهچائڻ، ملاکڙي ۽ ادبي ڪچهرين جو اهتمام ۽ انتظام تڏهوڪي وسعت نظر رکندڙ حڪمرانن جو خواب هو، جنهن کي اڄ تائين حقيقت جو روپ اعليٰ ترين انداز ۾ ڏنو ويندو آهي. ڪو شڪ ناهي ته ڀٽ ڌڻي جي ميلي ۾ هر سال تبديليون نظر اچن ٿيون، پر ماضيءَ جي کاهوڙي، سڄاڻ ڌرين، سماجي ادارن، اديبن، شاعرن، محققن ۽ فرض شناس ڪامورن جي بي بها خدمتن جو سحر اڃان به سنڌ واسين جي ذهن تي طاري آهي. شهرت جو شوق، دوستي ۽ ياري باشي ۽ سياسي ڪلچر ميلي جي مزي ۽ لست کي گهٽائي ڇڏيو آهي. اڃان تائين ممتاز مرزا جي کوٽ پوري نه ڪري سگهيا آهيون ۽ نه وري استاد منظور علي خان، محمد يوسف، محمد ابراهيم، محمد جمن، وحيد علي، روبينه قريشي، زيب النساءِ ۽ جيجي زرينه جهڙا راڳي پيد اٿي سگهيا آهن، وقتي وندراڻ وارن راڳين جو وارو وري آيو آهي. اها سرهاڻ جيڪا ٺوٺ ڌرتيءَ تي سارنگ جي پهرين وسڪار کانپوءِ پيدا ٿيندي آهي، اها اسان جي ڳائڻ وارن ۾ گهٽجي پئي وڃي. اڄ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مخدوم طالب الموليٰ، الله بخش نظاماڻي، عبدالله چنا، ڊاڪٽر الانا، حميد سنڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي بي لوث خدمت ڪندڙ ۽ کاهوڙي شخصيتن جو خال، پر نه ٿي سگهيو آهي. حال حيات تڏهوڪي ڪاموري، سيڪريٽري ثقافت حميد آخوند جو متبادل به ڪونهي، جڏهن ته هن وقت مراعات ۽ سهولتون اڳ کان گهڻو بهتر آهن. شال اهڙا گهڻا ماڻهو اسان کي نصيب ٿين ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پڙ ۾ رونقون ۽ محبتون، سنڌي سٻاجهڙين جون ڪچهريون قائم ۽ دائم رهن.
***