نيب، سنڌ ايگرو ڪول مائيننگ جي چيئرمين کي گرفتار ڪري ورتو
ڪالهه رات نيب سنڌ، هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي چيئرمين خورشيد جمالي کي تحقيق جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. خبرن موجب خورشيد خلاف نيب جي تحقيق هلي رهي هئي. هو سنڌ ٽرانسميشن ۽ ڊسپيچ ڪمپني ۾ ماهر صلاحڪار به رهي چڪو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته ملزمن تي ٽرانسميشن الزام آهي ۽ ان حوالي سان تفتيش جي لاءِ خورشيد جمالي کي گرفتار جڏهن ته ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. واضح رهي ته سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ٿر ۾ ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ وارن ڪارخانن ۾ اهم حصيدار آهي. ٿر ۾ ڪوئلي جي ذخيرن کي 13 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. 98 چورس ڪلو ميٽر علائقو سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني وٽ آهي جنهن ۾ 1.57 بلين ٽن ڪوئلو موجود آهي. جنهن ذريعي ايندڙ 50 سالن تائين 5 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. هلندڙ سال ٿر جي ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار به شروع ٿي چڪي آهي.

