يوم پاڪستان جي موقعي تي ڀارتي وزيراعظم جو پاڪستان لاءِ پيغام
وزيراعظم عمران خان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي يوم پاڪستان جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم کي پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته هي وقت آهي ته برصغير جي عوام جمهوري، پرامن ترقي يافته ۽ خوشحال خطي لاءِ گڏجي ڪم ڪري ۽ اهڙو ماحول ٺاهيو وڃي جيڪو تشدد ۽ دهشتگردي کان پاڪ هجي. جنهن بعد عمران خان هڪ ٻئي ٽوئيٽ ذريعي چيو ته هو وزيراعظم مودي جي پاڪستان جي عوام لاءِ ڏنل پيغام کي ڀليڪار ڪري ٿو ۽ وقت اچي ويو آهي ته ڪشمير جي مسئلي سوڌو سڀني ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.

