ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي 96 سالگرهه جي موقعي تي
سنڌ جو ڀٽو خاندان قربانين ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ سبب مشهور آهي. پاڪستان جي سياسي افق تي گهرا نقش چٽيندڙ، عوام کي عزت ۽ آجپي لاءِ جمهوريت جي راهه ڏيکاريندڙ ذوالفقار علي ڀٽو غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو ۽ اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. جڏهن هو عملي سياست ۾ آيو ته تمام ٿوري عرصي ۾ ئي پنهنجي صلاحيتن سبب پاڪستان جي سياست جو محوَر بڻجي ويو ۽ اڄ نه رڳو سياست، پر اڪثر سياستدانن تي سندس اثر نمايان آهي. سندس مخالف به سندس صلاحيتن جا انڪاري نه آهن. هن ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجي سياسي بصيرت مڃائي. سر شاهنواز ۽ ليڊي خورشيد جي گهر 5 جنوري 1928ع تي جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽو، شروعات ۾ لاڙڪاڻي ۽ پوءِ ٿورو عرصو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. بعد ۾ ممبئي هليو ويو، جتي ڪيٿيڊرل اسڪول ۾ داخلا ورتائين ۽ اُتي جي ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. انهي ئي اسڪول ۾ سندس دوستي پيلو موديءَ سان ٿي، جنهن اڳتي هلي شملا ڪانفرنس کانپوءِ “Zulfi My Friend” نالي هڪ ڪتاب لکيو. پڙهائيءَ دؤران ذوالفقار علي ڀٽو عالمي سياست جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندو رهيو. 1946ع ڌاري آمريڪا پڙهڻ ويو، جتي برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورنيا مان سياسيات ۽ بين الاقوامي قانون جي تعليم حاصل ڪيائين. سياسيات ۾ بي. اي (آنرز) ڪري پوءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. هن ٽن سالن جو ڪورس ٻن سالن ۾ مڪمل ڪري ورتو. جيتوڻيڪ هن جن مضمونن جي چونڊ ڪئي، انهن لاءِ رومن ۽ لاطيني زبانون پڙهڻ ۽ ان ۾ پاس ٿيڻ به لازمي هو. ذوالفقار علي ڀٽو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ئي ايم.اي سياسيات جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پوءِ ’بار ائٽ لاءِ‘ جو امتحان پاس ڪري انگلينڊ جي سائوٿ هيمپٽن يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي قانون جو استاد مقرر ٿيو. ان وقت هو پهريون ايشيائي مسلمان هو، جنهن کي اتي پڙهائڻ جو اعزاز مليو. انهيءَ دؤران ئي کيس پنهنجي والد سر شاهنواز جي بيمار هجڻ جو اطلاع مليو. جنهن بعد هو نومبر 1953ع ۾ وطن موٽيو ۽ والد جي خدمت سان گڏ زمينن جي سارسنڀال به ڪيائين. ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين شادي سندس سؤٽِ امير بيگم سان 1940ع ڌاري ٿي، جڏهن ته سندس ٻي شادي بيگم نصرت ڀٽو سان 1951ع ۾ ٿي، جنهن جو تعلق اصفهاني خاندان سان هو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي ڪُک مان 1953ع ڌاري محترمه بينظير ڀٽو، 1954ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو، 1957ع ۾ صنم ڀٽو ۽ 1958ع ڌاري شاهنواز(جونيئر) جنم ورتو. وطن واپس اچي ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. گڏوگڏ وڪالت جي پرئڪٽس به ڪندو رهيو. هُن مختصر ڪيريئر ۾ ڪامياب وڪيل طور پاڻ مڃايو. اتفاق سان سندس پهريون مقدمو جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته مقدمي جو فيصلو ٻڌائڻ وقت تڏهوڪي انگريز چيف جسٽس معمول خلاف ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ تاثر ڏنا ته “آئون اعتماد سان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته مسٽر ڀٽو مستقبل ۾ ڪامياب انسان بڻبو”. 1956ع ۾ تڏهوڪي صدر اسڪندر مرزا نوجوانن جو هڪ وفد اقوام متحده موڪليو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو نالو به شامل ڪيو ويو، تڏهن ته هو نه وڃي سگهيو، پر 1957ع ۾ ويل وفد جي هن ئي اڳواڻي ڪئي. تنهن وقت سندس عمر 29 سال هئي. 1958ع ۾ هن جنيوا ۾ ٿيندڙ بحري سرحدن بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.
عملي سياست: جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي عملي سياست ۾ پير پاتو ته پهريان 1958ع کان 1960ع ڌاري صدر ايوب جي ڪابينا ۾ تجارت جو وزير مقرر ٿيو، 1960ع کان 1962ع تائين اقليتي معاملن ۽ قومي تعميرِ نو ۽ اطلاعات جو وزير ۽ 1962ع کان 1965ع تائين صنعت، قدرتي وسيلن ۽ ڪشمير جي معاملن جو وزير رهيو ۽ 1963ع کان 1966ع تائين پرڏيهي وزير طور ذميواريون نڀايائين. جڏهن وٽس پرڏيهي وزير جو قلمدان هو ته هن مارچ 1963ع ڌاري چين سان نئين پاليسيءَ تحت پاڪ-چين سرحدي حدبنديءَ بابت معاهدو ڪيو ۽ اهو عمل چين سان دوستيءَ جي ڏس ۾ پهريون قدم هو، جنهنڪري ئي اڄ تائين چين جهڙي وڏي ۽ مضبوط ملڪ سان پاڪستان جي دوستي قائم آهي. ان کان سواءِ افغانستان، ايران ۽ رُوس سان پڻ ذوالفقار علي ڀٽو سرحدي ۽ تجارتي لاڳاپا بهتر بڻايا.
پيپلز پارٽيءَ جو قيام: 1965ع واري پاڪ-ڀارت جنگ بعد جڏهن روسي رهنمائن جي مدد سان “تاشقند معاهدو” عمل ۾ آيو ته ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ ايوب خان جي وچ ۾ اختلاف اڀري آيا، جنهن جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. اهڙي عمل سبب سندس شهرت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ پوءِ ذوالفقار علي ڀُٽي سنجيدگيءَ سان هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو سوچيو ۽ ان سوچ جو نتيجو اهو نڪتو ته 30 نومبر 1967ع تي “پاڪستان پيپلزپارٽيءَ” جو قيام عمل ۾ آيو. ڊاڪٽر مبشر حسن جي اي. رحيم، ممتاز علي ڀٽو، حيات شيرپائو، مير رسول بخش ٽالپر، شيخ محمد خورشيد، معراج محمد خان، خورشيد حسن مير، ملڪ نويد احمد، ملڪ حامد سرفراز، ڪامريڊ غلام محمد لغاري انهن ماڻهن ۾ شامل هئا، جن پارٽيءَ جي تشڪيل وقت پهرئين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پيپلزپارٽيءَ جا چار بنيادي اصول وضع ڪيا ويا، جيڪي پوءِ پارٽيءَ جي سڃاڻپ بڻيا:
(1) اسلام اسان جو دين آهي. (2) جمهوريت اسان جي سياست آهي.
(3) سوشلزم اسان جي معيشت آهي. (4) طاقت جو سرچشمو عوام آهي.
اُن وقت انهن چئني اصولن سان گڏ هڪ سلوگن (نعرو) به گونجيو، جيڪو “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” (اٽو، لٽو ۽ اجهو) طور مشهور ٿيو.
ذوالفقار علي ڀٽو پ.پ جي پليٽ فارم تان ايوب خان خلاف مهم هلائي، جنهن بعد ايوب خان کي اقتدار ڇڏڻو پيو، پر هن اقتدار فوجي سربراهه يحييٰ خان جي حوالي ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو جي محنت ۽ خدمت جي جذبي سبب 1970ع وارين عام چونڊن ۾ پ . پ. پ اوڀر پاڪستان مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. ڊسمبر 1971ع ۾ جنرل يحيٰ خان ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ لاءِ گهرايو ۽ 1970ع جي چونڊن بعد اوڀر پاڪستان جي ورهاڱي وارو سانحو پيش آيو ۽ بنگلاديش هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي. 20 ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽو هڪ نئين پاڪستان جو اقتدار سنڀاليو. ملڪ ٻه حصا ٿي چڪو هو، اوڀر بنگال جي سانحي بعد ملڪ جون حالتون خراب ۽ خزانو خالي هو، ذوالفقار علي ڀٽو همٿ ۽ حوصلي کان ڪم ورتو. ملڪ جا 93 هزار فوجي ڀارت ۾ جنگي قيدي هئا ۽ پاڪستان جي ڪجهه زمين به ڀارتي قبضي ۾ هئي، اهڙي مايوسيءَ واري حالت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي حوصلو ڏنو. هُن 28 جون کان 3 جولاءِ 1973ع تائين ڀارت جو دوروڪري ان وقت جي ڀارت جي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ سان شملا معاهدو ڪيو، جنهنڪري پاڪستان جا 93 هزار جنگي قيدي آزاد ٿيا، جن ۾ پاڪ فوج جا 252 سينيئر آفيسر به هئا، اهي سڀ ڪنهن به مقدمي هلڻ کان سواءِ آزاد ٿيا ۽ ڀارتي قبضي ۾ آيل ڪجهه علائقا به پاڪستان کي واپس ٿيا. هن پاڪ-ڀارت لاڳاپا سفارتي سطح تي بحال ڪرائڻ ۽ ڪشمير بابت ڳالهين ذريعي نبيري ڪرڻ جي حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي.
1973ع جو آئين: ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي هڪ متفقه آئين ڏنو. اهو 1973ع جو آئين پاڪستان جو پهريون متفقه اسلامي ۽ جمهوري آئين هو ۽ اڄ به وفاق ۽ صوبن وچ ۾ يڪجهتيءَ جو ضامن آهي. 1971ع ۾ اوڀر بنگال جي عليحدگيءَ واري واقعي بعد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جو جمهوري آئين جوڙڻ لاءِ مختلف نظريا رکندڙ پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي هڪ مستقل آئيني ڪميٽي جوڙي. اتفاق راءِ سان اسلامي جمهوري آئين جوڙيو ويو، جنهن ۾ صوبائي خودمختياريءَ لاءِ پهريون ڀيرو طريقه ڪار ڏنو ويو. هي آئين بعد ۾ قومي اسيمبليءَ 10 اپريل 1973ع تي منظور ڪيو. 1973ع واري آئين هيٺ ئي هُن، 14 آگسٽ 1973ع تي هڪ خودمختيار وزير اعظم طور حلف کنيو. پنهنجي دور حڪومت ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي ڪيترا ڪامياب قدم کنيا؛ هن پاڪستان کي ائٽمي طاقت فراهم ڪئي؛ 1973ع جو جمهوري ۽ پارلياماني آئين ڏنو؛ ڪيترا نجي ادارا ۽ بئنڪون قومي تحويل ۾ ورتا؛ ملڪ جي وڏي فولادي ڪارخاني “پاڪستان اسٽيل ملز” جو بنياد رکيو، اسلامي ملڪن جي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي؛ اسلامي سربراهه ڪانفرنس 22 کان 24 فيبروري 1974ع تائين منعقد ٿي، جنهن ۾ دنيا جي مسلم ملڪن جا سڀئي سربراهه ذوالفقار علي ڀٽو جي دعوت تي آيا. نتيجي ۾ مسلم ملڪن وچ ۾ ڀائيچارو وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ ان موقعي تي ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.
نيوڪليئر پروگرام: ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي ائٽامڪ نيوڪليئر پروگرام ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنهنڪري کيس “نيوڪليئر پروگرام جو باني” سڏيو وڃي ٿو. جڏهن مئي 1974ع ۾ ڀارت پاران نيوڪليئر تجربو ڪيو ويو ته ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان ان عمل تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي فوري طور تي هڪ پريس ڪانفرنس سڏائي اعلان ڪيو ته “اسين گاهه کائڻ لاءِ به تيار رهنداسين، پر پنهنجي ملڪ لاءِ ائٽم بم ضرور ٺاهينداسين”. هن سمجهيو پئي ته سمورين دفاعي صلاحيتن باوجود جيڪڏهن عالمي سطح تي پاڪستان کي ائٽمي ڪئمپ جو حصو نه بڻايو ويو ته ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾20 جنوري 1972ع تي ذوالفقار علي ڀٽي نيوڪليئر پروگرام جو بنياد وجهڻ لاءِ ملتان ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪرائي، جنهن ۾ 283 سائنسدانن شرڪت ڪئي. صلاح مشورن بعد ذوالفقار علي ڀٽو سڀني کي متوجهه ڪندي چيو ته “ڏسو، اسين هڪ ائٽم بم ٺاهڻ جا خواهشمند آهيون، ڇا اوهان مون کي اهو تيار ڪري ڏيندا؟ ۽ ڪيتري وقت ۾ ڏيندا. ان تي سائنسدانن پنجن سالن ۾ تيار ڪرڻ جو وعدو ڪيو ان تي ذوالفقار علي ڀٽي مرڪندي هٿ جون ٽي آڱريون ڏيکاريندي چيو “ٽي سال!، آئون چاهيان ٿو ته ٽن سالن ۾ تيار ٿئي”. اهو ٻڌي سائنسدان خاموشي ٿي ويا، پر هڪ نيوڪليئر ڪيميادان ايس.اي.بٽ قومي جذبي سان جواب ڏنو ته “ها! ڇو نه، ٽن سالن ۾ تيار ٿي سگهي ٿو”. ان تي ذوالفقار علي ڀٽو سندس جذبي جي تعريف ڪئي. اهڙيءَ ريت 1972ع جي پڇاڙيءَ ۾ ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ذوالفقار علي ڀٽو جي هٿان ٿيو. پنهنجي صدارت واري دور ۾ هن پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن جي قيام ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو. اڳتي هلي 1975ع ۾ جرمنيءَ مان تربيت يافته سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي پاڪستان گهرايو ويو، جنهن جي رهنمائيءَ ۾ يورينيم ۽ ٻئي ائٽمي مواد جي افزودگيءَ جي ڪري پاڪستان کي 1987ع ۾ نيوڪليئر هٿيارن جي قابليت حاصل ٿي. ذوالفقار علي ڀٽو بيپناهه صلاحيتن جو مالڪ هو، هن پنهنجي عملي زندگيءَ ۽ صلاحيتن کي عوام جي خدمت ۽ مفادن لاءِ ڪم آندو. هن ملڪ جي ڪيترين ئي اهم صنعتن کي قومي تحويل ۾ ورتو؛ ڪميونٽي ليبر پاليسي متعارف ڪرائي؛ مزدورن ۽ پورهيتن جو معاوضو وڌايو؛ زرعي سڌارا آندا، غريب هارين ۾ زمينون ورهايون، مزدورن ۽ مسڪينن کي گهر فراهم ڪيا، اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو نعرو عام ڪيو، جنهنڪري هو غريبن جو مقبول ترين ليڊر بڻجي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جون پاليسيون ۽ انقلابي سوچ ڪن وڏين طاقتن کان برداشت نه ٿي سگهيون ۽ انهن هن غير معمولي اڳواڻ کي رستي تان هٽائڻ لاءِ سازشون ڪيون. مارچ 1977ع ۾ پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿيون، جن دوران پيپلز پارٽي حڪومت خلاف منظم رٿابنديءَ سان تحريڪ هلائي وئي، نتيجي طور 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ الحق پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کي برطرف ڪري ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي ڇڏي. سيپٽمبر 1977ع ۾ نواب محمد احمد خان قصوري جي قتل جي ڪوڙي الزام هيٺ ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو. 18 مارچ 1978ع تي هاءِ ڪورٽ کيس موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل وڌي وئي، 6 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو، ستن مان ٽن ججن کيس باعزت بري ڪرڻ، جڏهن ته چئن ججن موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ چيف جسٽس پڻ موت جي سزا منظور ڪئي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪي سربراهن، دانشورن ۽ عوام طرفان جنرل ضياءُ الحق کي ذوالفقار علي ڀٽو جي جان بخشيءَ لاءِ اپيلون ڪيون ويون، پر جنرل ضياءُ الحق ڪنهن جي نه ٻڌي ۽ 4 اپريل 1979ع تي راولپنڊي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ تارا مسيح هٿان ڦاهيءَ جي سزا تي عمل درآمد ڪرايو ويو، جنهن بعد سندس مڙهه کي لاڙڪاڻي ويجهو اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرايو ويو. اهو دور پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڀٽي خاندان لاءِ نهايت آزمائش وارو دور هو. ڀٽو خاندان ۽ سندس حامين کي قيد ۽ ڪوڙن جون سزائون ڏنيون ويون. آمرن هڪ ڀٽي کي ته بدلي جي باهه ۾ شڪار ڪري دفن ڪيو، پر ڀٽي جي فڪر ۽ محبت کان ملڪ جي عوام کي باز رکي نه سگهيا. ملڪ جي اڪثريت سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 1988ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ڪئي، پر آمرن محترمه کان اقتدار هڪ ڀيرو ٻيهر کسي ورتو. هن کي ملڪ کان ٻاهر جلاوطن ٿي رهڻو پيو ۽ جڏهن پر عزم ٿي ملڪ واپس آئي ۽ جڏهن عوام “زنده آهي، ڀٽو زنده آهي” جا گيت ڳائي رهيو هو ته انهن ظالمن ذوالفقار علي ڀٽي جي هن لاڏلي ۽ ذهين نياڻيءَ کي به شهيد ڪرائي ڇڏيو. اڄ تائين پاڪستان جو عوام ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس نياڻي جي ان عظيم قربانيءَ کي وساري نه سگهيو آهي.
(سنڌيانا ويب سائٽ جي ٿورن سان)

