بلاگنئون

پي ٽي آءِ جون سياسي رانديون

جڏهن پي ٽي آءِ جي سرڪار هئي تڏهن هنن اهڙو ڪهڙو منفرد فيصلو ڪيو هو, جنهن مان اها ڳالھ واضح هجي ها ته هنن قانون ۽ آئين جي اهڙي بالادستي قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ پارٽي جي بلي بلي ٿي هئي، ڇو ته پي ٽي آءِ پنهنجي احساس ڪمتري واري سياسي طرز تحت رياست جي اندر ئي پنهنجي رياست قائم ڪري ڇڏي هئي. پي ٽي آءِ ان ٽائيم تي اهڙي ڪا ڳالھ ڪري وجهي ها جنهن ۾ اهي ڪاغذي انقلاب مان نڪري حقيقي انقلاب تي اچن ها ته ڳالھ مڃجي به ها. هاڻي به پي ٽي آءِ وارن وٽ انقلاب جي لفظي ۽ نجي معنيٰ رڳو ”رجيم چينج“ آهي ۽ عمران خان کي ٻاهر ڪڍڻ آهي، پوءِ هنن جي حق ۾ هجي، هنن سان ناحقي ٿيندي هجي يا حقيقي انقلاب معنيٰ رڳو ڪرسي ملڻ ئي هجي. اها ڳالھ به عالم آشڪار هئي ته هنن پي ٽي آءِ وارن اندورني سياسي پريشر ڪيئن گھٽايا هئا، جنهن اسپيڊ سان هنن پنهنجي دور جي سياستدانن کي گھٽايو هو ان جا مثال ملڻ به سياسي تاريخ ۾ مشڪل آهن، ڇو ته هنن رڳو بدلي جي سياست ڪئي هئي ۽ اهي هڪ ئي سياسي مائينڊ سيٽ کڻي پئي هليا، رڳو چور چور ڪين ٻيو ڪجھ به نه. پي ٽي آءِ وارن نواز شريف کي پاڻ ”سيف اسڪيپ“ ڏنو ته تون لنڊن ۾ وڃي بهترين زندگي گذار ۽ هتي خان کي ٻوٽو ٻارڻ ڏي، ان ڪري جو هنن پي ٽي آءِ وارن کي نئون پاڪستان ٺاهڻو هو، ڪشمير آزاد ڪرائڻو هو، نوان 33 بل رات پيٽ ۾ پاس به ڪرائڻا هئا، ”اي وي ايم“ به پاس ڪرائڻو هو، جو اٻوجھ عوام کي ان اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين ذريعي چريو به ڪرڻو هو ۽ باقي ٻيا اڻ ٻڌا ۽ بيڪار نظريا ته رهيا الڳ. وري صدارتي ايڪسٽينشن ۽ ٽينشن جا الڳ باب هئا، جنهن ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي تي وفاقي مڳي ۽ هوڏ الڳ هئي، پر ڳالھ اها به هئي ته هي واحد حڪمران هو جنهن کي ادارن جي لفٽ به وڏي هئي، پر حڪومت ۾ هوندي ننڍڙا ننڍڙا مسئلا به حل نه ڪري سگهيو ۽ ان وڏي لفٽ جي هوندي به خان جي سياست به نبري نه سگهي، ملڪي ليول تي بهترين ڳالھ نه ڪري سگهيو. هن جي بيڪار سياست ۾ نواز شريف جا لنڊن ۾ ڏکيا سکيا سال ته گذري ويا، پر خان جي گهاٽي سرنهن عوام ڏٺي ته هي جيتريون ڊاڙون هنيون اوترو ڪري نه سگهيو، رڳو سکڻا حوال ڪٽي هليو ويو. هن پنهنجي دور ۾ معيشت کان وٺي اندروني ۽ بيروني بيڪار ترين سياست ڪري ويو. بنا سبب خان رونشي تي بدلي جي سياست ڪئي، ڪڏهن شهباز شريف کي جيل مان ٻاهر ڪڍرائي وري حمزا شهباز کي جيل ۾ واڙي وري مريم نواز جي لاءِ گوڙ ڪري، وري رهيل کهيل ۽ کاکڙ کوکڙ سياستدانن جي پٺيان نيب کي ڊوڙائيندو رهيو. ان ڪري هي جملو پي ٽي آءِ جي سياست جي لاءِ ٺهڪي ٿو ته “لُڪ بزي ائنڊ ڊوُ نٿنگ“ ڇو ته هن پنهنجي دور ۾ جيڪا سياست ڪئي ان ۾ ڪي پختيون شيون نه ڪيائين، رڳو گوڙ ڪري ڪري هليو ويو، معنيٰ ”سکڻي ڪُني گھڻو اڀامي“. هن جي سياسي طرز بيڪار هئي جنهن ۾ سکڻا ڏٽا ڏئي ڏئي هليو ويو ۽ ٻيو ڪجھ به نه. هن جي دور جي نحوست اها به هئي ته ڪووڊ جهڙي وبا لهي آئي (ڀلي اها ڪورونا سڄي دنيا ۾ به آئي هئي)، پر هن جي سرڪاري نڀاڳ ۾ هن جي حڪومتي طرز به ليکجي ٿي، پر هن کي حڪومت ڪرڻ نه آئي، ان ڪري جو ”نه ڪم نبريس نه غم نبريس“ نه معيشت سڌي پير ڪيائين نه پنهنجي سياست پوري پير تي ڪري سگهيو. هاڻوڪي صورتحال کڻي سوائي ڏکي اٿن، ان ڪري ته شهباز سرڪار ۾ معيشت ۽ سياست پنهنجي جاءِ تي پر ماڻهن جي زندگي لڙهي هلي وئي آهي، جو آبپاشي کاتي کي خبر ئي ناهي ته پاڻي ڪاڏي وڃي ۽ ڪاڏي نه وڃي، بهرحال وري نيب کي پاڻ عمران خان اهڙي طرح استعمال ڪيو جو عوام سمجهي پيو ته هي نيب وارا به پي ٽي آءِ جي سياست جو اڻٽر حصو آهن، جنهن ۾ هنن نيب جا چيئرمين پنهنجي مرضي جا هلايا، پر هاڻوڪي سياسي اڻبڻت ۾ اها ڳالھ ٺهي ۽ ٺهڪي نه ٿي، جڏهن عمران خان روز روز پنهنجا بيان ٿو مٽائي ته آرمي چيف کي ايڪسٽينشن نه ڏيو، فلاڻن فلاڻن خاندانن مان آرمي چيف جي سليڪشن نه ڪيو يا عسڪري ادارا پ پ ۽ نون ليگ جي صلاحن تي اعتبار نه ڪن، پر هي پاڻ به ان ٽائيم تي مونجهاري جو شڪار ٿي ويو هو، جو جڏهن جنرل فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جي چيئرمين شپ تان هٽائي، ڪي پي جو ڪور ڪمانڊر رکڻو هو، عسڪري ادارن جي اپوائنٽمينٽ ڪرڻ هن جي وس جي ڳالھ نه هئي، جڏهن هن پنهنجي مرضي ۽ منشا هلائي تڏهن هن جي عسڪري ادارن سان وري اڻبڻت ٿي پئي ۽ هي عسڪري ادارن سان نه نڀائي سگهيو، ان ڪري سياست خان جي وس جي ڳالھ ناهي. 58 ٽو بي جي خاتمي کانپوءِ آرمي چيف جي سليڪشن ۾ وزيراعظم جي مداخلت ۽ منشا شامل ضروري هوندي آهي، ان ڪري ضروري ناهي ته جنهن سان عمران خان جي سياست يا طبيعت نه ملي ته ان سان سڀني سياستدانن جي طبيعت نه ملندي هجي. هر اڳواڻ ۽ سياسي نمائندو پنهنجي پنهنجي طبيعت ملائي ٿو هلي يا سمجهي ٿو هر ماڻهو سان ڳنڍي هلجي، ان ڪري جو سياست ڪا راند ناهي جنهن ۾ کيڏي بس ڪبي ته فيصلو ٿي ويندو ته ڪنهن کٽيو يا ڪنهن هارايو، پر سياست جي پائيداري ان ۾ آهي ته اها سنڀالي ڪجي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلجي. عمران خان کي عسڪري شخصن جي ايڪسٽينشن ايترو ته متنازع ڪيو جو ماڻهو انهن ادارن کي ملڪ جي خلاف سمجھڻ لڳا. ائين به ناهي ته جيئن عمران خان چئي تيئن ٿي پيو يا ايمڻا واري ڳالھ به ناهي ته جيئن عمران خان جيئن چوندو تيئن ٿي ويندو.

خواجا آصف به ان سڄي مونجهاري ۾ 12 مارچ واري سياسي اڻبڻت ۽ لڦڙ بازي کانپوءِ اسيمبليءَ جي فلور تي اهڙو ته منجهيل ۽ فرسٽريٽ بيان ڏنو هو، جنهن ۾ هن به اهو بي ساختا چيو هو ته آرمي چيف جي سليڪشن هاڻي اهي پنهنجو پاڻ ڪن، ان ڪري جو اتي سياسي مداخلت جي ڪري ميرٽ جي لتاڙ ٿئي ٿي، جيڪي به عسڪري ادارن ۾ مٿيون پوسٽون هجن ٿيون، انهن ۾ سياسي دخل اندازي گهڻي هجي ٿي، پسنديدگي يا ناپسندگي شامل هجڻ جي ڪري اهي عسڪري سينيئر شخص ڪڏهن ڪڏهن رهجي ٿا وڃن، ان ڪري ڳالھ جو مثال ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کان ئي شروع ڪيون جو ان ٽائيم تي عسڪري شخصن جي وفا به وڏي ڳالھ هئي، پر بيروني پريشرن وڌي وڃڻ جي ڪري ڪنهن کي اگنور ڪرڻ يا سليڪٽ ڪرڻ به ساڳي ڳالھ هئي. ان ٽائيم تي جيڪي بيروني پريشر هئا، انهن جي زد ۾ اچي هر فيصلو به ڪرڻو هو، جيڪي فيصلا وري وڏي اهميت جا حامل هئا، پر ساڳي جاءِ تي سياست ۾ مڃون ٿا ته ڪو به ”سياسي ڪوڊ آف سائلينس“ ناهي ٿيندو، ان ڪري هڪ جي پازيٽو سياست ٻئي جي لاءِ نيگيٽو سياست هجي ٿي. اهي سمجهندا آهن ته هر ڪو ماڻهو سمجهي ٿو ته هنن جي سياست ڀلي آهي يا جڏهن اهي سياست ڪن ته صحيح آهي، پر جي انهن ئي اشوز تي جي کڻي مخالف سياست ڪن ته غلط آهي. نحوست هر سرڪار جو مقدر به هوندي آهي، جيڪا انهن جي پويون لڳي پئي هوندي آهي (جيئن ڪووڊ ۾ اهي پي ٽي آءِ وارا ڪجھ نه ڪري سگهيا تيئن هي شهباز سرڪار به بي يارو مددگار لڳي پئي آهي، ان ڪري جو ٻوڏ متاثر ماڻهن جا حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا هئا، جيترا عام ماڻهو متاثر ٿيا، اوترا حڪومت وارا به پريشان هئا، ان ڪري هن حڪومت جو به ساڳيو حال آهي جو بجيٽ ڊيفيسٽ کان وٺي وري فارين رزورس ۽ ڪرنٽ اڪائونٽن جا خسارا وڌي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن).

خان جڏهن پاڻ ڪرسي تي هو ته سڀ ڪجھ صحيح هو، پر هاڻي هي به ڪرڪيٽ ڪمينٽيٽرن واري ڳالھ ٿو ڪري ته جڏهن اهي پاڻ ”فل يارڪ بال“ تي زيرو تي آئوٽ ٿي ويندا آهن، پر جڏهن اهي ئي ڪرڪيٽ جي ڪامينٽري ڪرڻ لڳندا آهن ته ان ئي بال تي بيٽسمين کي اها صلاح ڏيندا آهن ته جيڪر ”فرنٽ فٽ“ تي کيڏي هان ته ڀلو هو، جيڪر هيئن ڪَوَرَ تي شاٽ هڻي هان، هيئن ڪري ها ته ڀلو هو يا هونئن ڪري ها ته ڀلو هو، هي به ساڳي ڳالھ ٿو ڪري، پر شيون جنرلايئيز نه ٿيون ڪري سگهجن، ان ڪري سڀ آرمي چيف ضياءَ جهڙا ناهن يا سڀ آرمي چيف مشرف وانگي آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي نٿا ڪري سگهن. گهربل شيون، حالتون، سياست، اندورني ۽ بيروني پريشر به اهميت جا حامل هجن ٿا جن کان انڪار ناهي. ان ڪري شين کي بهتريءَ طرف ڏسجي ته ڀلو آهي. دنيا کي ڪٽجي هلڻ ۾ به عافيت ناهي. نائين اليون کانپوءِ جهڙي صورتحال پاڪستان جي لاءِ جڙيل هئي، اها هاڻي ناهي. روس جي ڊس انٽيگريشن به هڪ الڳ بحث آهي، جنهن جا پرتوا به پاڪستاني سرڪار جي مٿان پوندا رهيا آهن، ان وقت جي حڪمرانن به اهي اثر قبول ڪيا هئا، پوءِ هاڻي واري صورتحال وري ڪجھ مختلف آهي، ان ڪري سياسي حڪمت عمليون ئي ڪم ڪري سگهن ٿيون جن جي ضرورت به آهي ته سڀ سياسي پارٽيون ان اندروني ۽ بيروني مسئلي تي ويهي سوچن ۽ پائيدار حل ڳولين.