جڏهن پي ٽي آءِ جي سرڪار هئي تڏهن هنن اهڙو ڪهڙو منفرد فيصلو ڪيو هو, جنهن مان اها ڳالھ واضح هجي ها ته هنن قانون ۽ آئين جي اهڙي بالادستي قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ پارٽي جي بلي بلي ٿي هئي، ڇو ته پي ٽي آءِ پنهنجي احساس ڪمتري واري سياسي طرز تحت رياست جي اندر ئي پنهنجي رياست قائم ڪري ڇڏي هئي. پي ٽي آءِ ان ٽائيم تي اهڙي ڪا ڳالھ ڪري وجهي ها جنهن ۾ اهي ڪاغذي انقلاب مان نڪري حقيقي انقلاب تي اچن ها ته ڳالھ مڃجي به ها. هاڻي به پي ٽي آءِ وارن وٽ انقلاب جي لفظي ۽ نجي معنيٰ رڳو ”رجيم چينج“ آهي ۽ عمران خان کي ٻاهر ڪڍڻ آهي، پوءِ هنن جي حق ۾ هجي، هنن سان ناحقي ٿيندي هجي يا حقيقي انقلاب معنيٰ رڳو ڪرسي ملڻ ئي هجي. اها ڳالھ به عالم آشڪار هئي ته هنن پي ٽي آءِ وارن اندورني سياسي پريشر ڪيئن گھٽايا هئا، جنهن اسپيڊ سان هنن پنهنجي دور جي سياستدانن کي گھٽايو هو ان جا مثال ملڻ به سياسي تاريخ ۾ مشڪل آهن، ڇو ته هنن رڳو بدلي جي سياست ڪئي هئي ۽ اهي هڪ ئي سياسي مائينڊ سيٽ کڻي پئي هليا، رڳو چور چور ڪين ٻيو ڪجھ به نه. پي ٽي آءِ وارن نواز شريف کي پاڻ ”سيف اسڪيپ“ ڏنو ته تون لنڊن ۾ وڃي بهترين زندگي گذار ۽ هتي خان کي ٻوٽو ٻارڻ ڏي، ان ڪري جو هنن پي ٽي آءِ وارن کي نئون پاڪستان ٺاهڻو هو، ڪشمير آزاد ڪرائڻو هو، نوان 33 بل رات پيٽ ۾ پاس به ڪرائڻا هئا، ”اي وي ايم“ به پاس ڪرائڻو هو، جو اٻوجھ عوام کي ان اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين ذريعي چريو به ڪرڻو هو ۽ باقي ٻيا اڻ ٻڌا ۽ بيڪار نظريا ته رهيا الڳ. وري صدارتي ايڪسٽينشن ۽ ٽينشن جا الڳ باب هئا، جنهن ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي تي وفاقي مڳي ۽ هوڏ الڳ هئي، پر ڳالھ اها به هئي ته هي واحد حڪمران هو جنهن کي ادارن جي لفٽ به وڏي هئي، پر حڪومت ۾ هوندي ننڍڙا ننڍڙا مسئلا به حل نه ڪري سگهيو ۽ ان وڏي لفٽ جي هوندي به خان جي سياست به نبري نه سگهي، ملڪي ليول تي بهترين ڳالھ نه ڪري سگهيو. هن جي بيڪار سياست ۾ نواز شريف جا لنڊن ۾ ڏکيا سکيا سال ته گذري ويا، پر خان جي گهاٽي سرنهن عوام ڏٺي ته هي جيتريون ڊاڙون هنيون اوترو ڪري نه سگهيو، رڳو سکڻا حوال ڪٽي هليو ويو. هن پنهنجي دور ۾ معيشت کان وٺي اندروني ۽ بيروني بيڪار ترين سياست ڪري ويو. بنا سبب خان رونشي تي بدلي جي سياست ڪئي، ڪڏهن شهباز شريف کي جيل مان ٻاهر ڪڍرائي وري حمزا شهباز کي جيل ۾ واڙي وري مريم نواز جي لاءِ گوڙ ڪري، وري رهيل کهيل ۽ کاکڙ کوکڙ سياستدانن جي پٺيان نيب کي ڊوڙائيندو رهيو. ان ڪري هي جملو پي ٽي آءِ جي سياست جي لاءِ ٺهڪي ٿو ته “لُڪ بزي ائنڊ ڊوُ نٿنگ“ ڇو ته هن پنهنجي دور ۾ جيڪا سياست ڪئي ان ۾ ڪي پختيون شيون نه ڪيائين، رڳو گوڙ ڪري ڪري هليو ويو، معنيٰ ”سکڻي ڪُني گھڻو اڀامي“. هن جي سياسي طرز بيڪار هئي جنهن ۾ سکڻا ڏٽا ڏئي ڏئي هليو ويو ۽ ٻيو ڪجھ به نه. هن جي دور جي نحوست اها به هئي ته ڪووڊ جهڙي وبا لهي آئي (ڀلي اها ڪورونا سڄي دنيا ۾ به آئي هئي)، پر هن جي سرڪاري نڀاڳ ۾ هن جي حڪومتي طرز به ليکجي ٿي، پر هن کي حڪومت ڪرڻ نه آئي، ان ڪري جو ”نه ڪم نبريس نه غم نبريس“ نه معيشت سڌي پير ڪيائين نه پنهنجي سياست پوري پير تي ڪري سگهيو. هاڻوڪي صورتحال کڻي سوائي ڏکي اٿن، ان ڪري ته شهباز سرڪار ۾ معيشت ۽ سياست پنهنجي جاءِ تي پر ماڻهن جي زندگي لڙهي هلي وئي آهي، جو آبپاشي کاتي کي خبر ئي ناهي ته پاڻي ڪاڏي وڃي ۽ ڪاڏي نه وڃي، بهرحال وري نيب کي پاڻ عمران خان اهڙي طرح استعمال ڪيو جو عوام سمجهي پيو ته هي نيب وارا به پي ٽي آءِ جي سياست جو اڻٽر حصو آهن، جنهن ۾ هنن نيب جا چيئرمين پنهنجي مرضي جا هلايا، پر هاڻوڪي سياسي اڻبڻت ۾ اها ڳالھ ٺهي ۽ ٺهڪي نه ٿي، جڏهن عمران خان روز روز پنهنجا بيان ٿو مٽائي ته آرمي چيف کي ايڪسٽينشن نه ڏيو، فلاڻن فلاڻن خاندانن مان آرمي چيف جي سليڪشن نه ڪيو يا عسڪري ادارا پ پ ۽ نون ليگ جي صلاحن تي اعتبار نه ڪن، پر هي پاڻ به ان ٽائيم تي مونجهاري جو شڪار ٿي ويو هو، جو جڏهن جنرل فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جي چيئرمين شپ تان هٽائي، ڪي پي جو ڪور ڪمانڊر رکڻو هو، عسڪري ادارن جي اپوائنٽمينٽ ڪرڻ هن جي وس جي ڳالھ نه هئي، جڏهن هن پنهنجي مرضي ۽ منشا هلائي تڏهن هن جي عسڪري ادارن سان وري اڻبڻت ٿي پئي ۽ هي عسڪري ادارن سان نه نڀائي سگهيو، ان ڪري سياست خان جي وس جي ڳالھ ناهي. 58 ٽو بي جي خاتمي کانپوءِ آرمي چيف جي سليڪشن ۾ وزيراعظم جي مداخلت ۽ منشا شامل ضروري هوندي آهي، ان ڪري ضروري ناهي ته جنهن سان عمران خان جي سياست يا طبيعت نه ملي ته ان سان سڀني سياستدانن جي طبيعت نه ملندي هجي. هر اڳواڻ ۽ سياسي نمائندو پنهنجي پنهنجي طبيعت ملائي ٿو هلي يا سمجهي ٿو هر ماڻهو سان ڳنڍي هلجي، ان ڪري جو سياست ڪا راند ناهي جنهن ۾ کيڏي بس ڪبي ته فيصلو ٿي ويندو ته ڪنهن کٽيو يا ڪنهن هارايو، پر سياست جي پائيداري ان ۾ آهي ته اها سنڀالي ڪجي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلجي. عمران خان کي عسڪري شخصن جي ايڪسٽينشن ايترو ته متنازع ڪيو جو ماڻهو انهن ادارن کي ملڪ جي خلاف سمجھڻ لڳا. ائين به ناهي ته جيئن عمران خان چئي تيئن ٿي پيو يا ايمڻا واري ڳالھ به ناهي ته جيئن عمران خان جيئن چوندو تيئن ٿي ويندو.