سنڌ جي سونهن ڀري سر زمين جي ھڪ وسندي اڏيرو لعل جي ويجھو ڳوٺ سعيدپور ۾ سال 25-1924 ڌاري ھتان جي خوشحال زميندار سائين محمد امين شاھ جي گھراڻي ۾ اھڙي نرالي شخص جنم ورتو جيڪو “حسين علي شاھ فاضلاڻي” جي نالي سان مشھور ٿيو. ھن ٻار جي زندگي سونن چمچن سان وڏي طمطراق واري رھي. خاص طور سندس نالو عروج وارن ڏينهن دوران شوقين مزاجي سبب فلمي دنيا ۽ ان سان سلھاڙيل مختلف فن جي رکوالن جن ۾ شوخ اداڪارائون ۽ ڳائڻيون سرفھرست رھيون تن جي ڪچھرين ۾ مشھور ٿيڻ سبب ياد ڪيو ويندو ھو. سندس دولت ۽ جواني اھڙي قسم جي ماحول ۽ شوق سبب فنڪارائن جي خاص نظرن ۾ رھيون.
حسين شاھ فاضلاڻي پنهنجي پرائمري تعليم ڳوٺ ڀائو خان مان حاصل ڪئي. سندس ننڍپڻ وڏين آسائشن لاڏ ڪوڏ، سکن ۽ سھولتن سان گذريو. ان بعد سندس وڏا حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري مرڪزي پاڙي ۾ رھائش اختيار ڪرڻ سبب حسين علي لاءِ علم جي حاصلات جا وڌيڪ دَر کولي ڇڏيا.
حسين علي فاضلاڻي جي مزاج ۾ جيئن ته حسن پرستي، عاشقي واري طبيعت رھي تنهن ڪري سندس شوق به نرالا رھيا. خاص طور فلمي دنيا جي وسيع ميدان تي سنڌ جي ھن سھڻي خوشحال نوجوان جنهن وٽ دولت سان گڏ دل جا نرالا شوق به ٿي ڏٺا تن کيس بي رحم ادائن جي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو. ھن جو شوق کيس ھندستان جي سير سياحت گھمڻ ڦرڻ لاءِ وٺي آيو. جتي پاڻ انڊين فلمن سان گڏ اتي جي رونقن ۽ حسن جي چمڪاٽن کي ڏسي موھجي پيو. انھن فلمن ھن عاشق مزاج جي دل تي گھرا اثر ڇڏيا جنهن ڪري پاڻ واپس وطن ورڻ بعد فلمون ٺاھڻ جو پڪو ارادو ڪيو. (ھي شوق جو اھو بي رحم ڏاڪو ھو جنهن گهڻن شاھوڪارن خاص ڪري سنڌي جاگيردارن ۽ مست جوانن جا آباد وسندڙ گھر اجاڙي ويرانيون برپا ڪري ڇڏيون.
پر جوانيءَ جي جوش ۾ اھي احساس ڪيترن کي وقتائتو نٿا ٿين جن ۾ فلمي شوقينن طرفان کيس اداڪار دليپ ڪمار ۽ راجڪپور جھڙن وڏن ليجنڊ ناموَر ھيروز سان ڀيٽ ڏيندي ياد ڪيو ويندڙ ھي ڳڀرو سنڌ جي وڏن زميندارن ۾ به شامل آھي. حسين علي شاھ فاضلاڻي 54-1953 ڌاري ھندستان خصوصن اتي جي فلمي دنيا جا لشڪا ۽ چسڪا ڏسي وائڙو ٿي سنڌ واپس آيو ته مٿانئس فلم ٺاھڻ جو ڀوت بيتابيءَ سان سوار ھو. سنڌي زميندار ھجڻ جي ناتي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان دلي لڳاءُ واري روايتي لاڙي کيس سنڌي فلم ٺاھڻ جو پڪو ارادو ڏياريو. جنهن سان اھو فائدو ضرور ٿيو جو سنڌي فلمون ٺھڻ شروع ٿيون. ان لاءِ پاڻ واسطيدار فلمي فن جي ڏات ڌڻين ھدايتڪارن سان رابطا ڪيا نيٺ “عمر ماوري” فلم جي نالي تي اتفاق ٿيو جنهن لاءِ پاڻ تياريون شروع ڪيون. ھن فلم لاءِ فلمساز شيخ حسن ۽ پاڻ ھيرو ۽ اداڪارا نگھت سلطانا کي ھيروئن طور چونڊ ڪئي ۽ فلم سان ٻيون مختلف ضرورتون به مڪمل ڪري فلم جا سين ڀرڻ شروع ڪيا. موسيقار طور غلام نبي عبداللطيف جون خدمتون ورتيون ويون.
نيٺ 1956ع ۾ وڏين محنتن ۽ ڪاوشن سان سنڌي فلم “عمر ماروي” سئنيمائن جي پردي تي مشھورين جا حيران ڪندڙ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. تڏهن رنگين فلمن جو وجود نه ھو. ھن فلم لاءِ نذير بيگم جا گانا مشھور ٿيا.
فاضلاڻي صاحب جي سنڌي فلم سان دلي جذبن، خرچن ۽ محنتن سان سندس فلم عمر ماروي جي ھند سنڌ رڪارڊ ڪاميابي سبب پاڻ خوش ٿيندي وڌيڪ چاھ سان ٻي فلم سن 1958ع ڌاري “پرديسي” نالي سان ٺاھڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. ھن فلم جو ڪھاڻيڪار ايوب سرحدي ۽ ھدايتڪار ايس اي غفور S.A.Ghafoor جون خدمتون ورتيون ۽ پاڻ حسين شاهه فاضلاڻي ھيرو جو ڪردار ۽ ھيروئن لاءِ سندس چونڊ “لاليءَ” نالي اداڪاره جي ڪئي وئي. جڏهن ته پرديسي فلم ۾ مايا ناز اداڪار “مصطفيٰ قريشي” کي به سائيڊ رول طور ڪاسٽ ڪيو ويو. شاعريءَ ۾ سچل سرمست ۽ رشيد لاشاري جا گيت شامل ڪري “نذير بيگم” نالي راڳڻي جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيا ويا. سنڌ جي سئنيمائن ۾ فلم پرديسي به شاندار ڪاميابي حاصل ڪندي سٺو بزنس ڪرڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون. ھنن سنڌي فلمن جي نمائش سبب سنڌي فلم ڏسندڙ شوقينن جي شوق ۾ خوشيءَ وچان واڌارو ٿيو.
حسين شاھ فاضلاڻي جي ڪاوشن سان لڳاتار ٻن سنڌي فلمن جي ڪاميابي واري حوصلي جي ڪري پاڻ سن 64-1963 ڌاري فلم عمرماروي کي اردو ٻولي ۾ ڊبنگ ڪري نمائش لاءِ پيش ڪيو، پر ھن تجربي کيس ناڪامي جي ور چاڙھي مالي نقصان پڻ ڏنو. سنڌ جي ھن خوشحال زميندار شوقين مزاج ۽ خوش لباس شخص جي شوق ۾ سڀ ڪجهه مال دولت عيش ڪرڻ ۽ ڪرائڻ خاص حيثيت رکندا ھئا جن ۾ ناچڻين، ڳائڻين، اداڪارائن سان ميل ملاقاتون ساڻن پروگرام ڪرڻ جيڪي پئسي/دولت کانسواءِ ھرگز ممڪن نه ھوندو آھي. ھن عاشق مزاج شخص اڳتي جو خيال نه ڪندي اھا ڌن دولت خوب خرچ ڪري پنهنجا شوق ۽ لطف حاصل ڪيا. جيڪو شوق (عياشي) کيس نقصان مٿان نقصانن جي طرف ڌڪيندو ويو. جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ زرعي زمين جا ڪجهه ايڪڙ وڪڻڻ شروع ڪيا پوءِ اھو تباھي وارو سلسلو تيزيءَ سان ھلندو رھيو.
جنهن نيٺ سندس مال ملڪيت ڌن دولت کي تري سان لڳائي ھن نوجوان “شھزادن” جھڙي مزاج رکندڙ سکئي ستابي شخص کي ڪسمپرسي وارين ڏکوئيندڙ حالتن طرف ڌڪي ڇڏيو. عروج کي زوال اچڻ شروع ٿي ويو. چوندا آھن “ڪو اميري مان غريب نه ٿئي” سو ھي به شاھوڪاري جي جھان ۾ لاڏ ڪوڏ پيار سان پاليل جوان پنهنجن اجاين شھ خَرچن جي ڪري غربت جي پنجوڙ ۾ جڪڙجي ويو. ڪٿي بادشاھ جھڙا رنگ ۽ ڍنگ ڪٿي قرضن مرضن غربت جا ڪارا ڪڪر کيس گھيرو ڪري ويا، جن کي ھي نفيس انسان برداشت ڪري نه سگھيو. حسين علي فاضلاڻي جھڙي پنهنجي وقت جي حقيقي ھيرو مان پنهنجن پرڪارن سبب غربت ڀري زندگي گذارڻ جا سبق ملن ٿا جن کي سمجھي زماني داري ڪرڻ گھرجي جيئن پنهنجي حيثيت جو ڀرم رھجي اچي. اھڙيءَ ريت اردو فلم “استادون ڪي استاد” جي ناڪامي کانپوءِ ڪجهه عرصو رکي وري “ھاري” نالي سان فلم ٺاھڻ لاءِ تياريون شروع ڪيائين، جنهن ڪري ھدايتڪار، موسيقي وارن، فنڪارن، ڪھاڻي ۽ شاعرن سان ملاقاتن سميت اداڪارن، اداڪارائن مطلب ھن وسيع ميدان جي ھڪ، ھڪ ڪم واري سان ملاقاتون ڪيون ۽ سفر مٿان سفر ڪيا. ھن دفعي موسيقي جي مشھور استاد “غلام نبي عبداللطيف” جھڙن ناميارن موسيقارن سان به ملي ڌنن بابت صلاح مشورا ڪيا ۽ فلم ھاري لاءِ گانن جي چونڊ ڪئي وئي. پر مالي حالتن کيس ھاري فلم جو خواب پورو ٿيڻ نه ڏنو سندس محنتون شوق ۽ ڪوششون سڀ اڌورا، اڌورا رھجي ويا جو گھربل رقم موجود نه ھئي. چون ٿا، فلم ”محب شيدي” جي فلمبندي دوارن پاڻ ڏسڻ ۾ آيو ان کانپوءِ فاضلاڻي جھڙو جيدار مڙس ڏسڻ ۾ نه آيو. پنهنجي عروج ۽ زوال کي ويجھي کان ڏسندڙ سنڌي فلمن جو فلمساز ۽ ھيرو حسين شاھ فاضلاڻي ڳچ عرصو گوشه نشيني ۾ رھڻ سبب اوچتو تاريخ 1992-09-10 تي وفات ڪري ويو! سندس تربت اباڻي ڳوٺ سيد ماروف شاھ قبرستان ۾ ٻڌائي وڃي ٿي. اھي به خبرون ملن ٿيون ته پاڻ آخري ڏھاڙن ۾ ھڪ دوست جي گھر رھندو ھو جتي سندس وفات ٿي. اسان سندس سنڌي ٻوليءَ وارين فلمن جي ڪاوشن کي ڏسندي کيس سلام پيش ڪريون ٿا. گڏوگڏ ڏک جو به اظهار ڪجي ٿو جو پاڻ پنهنجن ڪيترن اجاين شوقن سبب غربت جي بي رحم حالتن ۾ جڪڙجي وفات ڪري ويو.