دنيا جو پهريون روبوٽ عملي وارو بينڪ متعارف
چين جي شهر شنگهائي ۾ دنيا جو پهريون روبوٽ عملي وارو بينڪ کوليو ويو آهي. دنيا ۾ ڪنهن به بينڪ جي هيءَ پهرئين اهڙي شاخ آهي جنهن ۾ چهري جي شناخت واري مشين، ورچوئل ريئيلٽي ۽ مصنوئي ذهانت سميت ( آرٽيفيشل انٽيليجنس ) جديد رجحانن کي استعمال ڪيو ويو آهي. ۽ هتي انسانن جهڙا روبوٽ توهان جي خدمت لاءِ حاضر آهن.اها بينڪ چائنا ڪنسٽرڪشن ڪمپني پاران شنگهائي ۾ کولي وئي آهي. جتي ٽيڪنالوجي سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد اچي رهيو آهي.ان کان علاوه بينڪ به وڏي پگهار وٺندڙ ملازمن جي نه هجڻ تي خوش آهن. هن بينڪ ۾ قدم رکڻ مهل هڪ انسان جهڙو روبوٽ ايندڙن جي آجيان ڪندو آهي. ان کان علاوه مختلف مشينون آهن جيڪي رقم جي منتقلي ۽ ٻين ڪمن ڪارين کي مڪمل ڪن ٿيون. جنهن ۾ اڪائونٽ کولڻ مني ايڪسچينج، سون جي سرمايا ڪاري جو عمل ۽ ٻيون خدمتون آهن. هي پاڻ مرادو ڪم ڪندڙ بينڪ 90 سيڪڙو ڪم ماڻهن بنا ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه خاص حالتن ۾ صارف وڊيو لنڪ ذريعي مين برانچ ۾ موجود ڪنهن آفيسر سان به ڳالهائي سگهن ٿا. هن بينڪ جي ٺاهڻ وارن جو چوڻ آهي ته هي بينڪ ٽيڪنالوجي کي آزمائڻ ۽ ان کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

