ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڪَيٽو…!

مان ڪَيٽو آهيان…!

منهنجو نالو عجيب آهي نه! توهان کي حيرت ته ٿيندي هوندي..!

پر، مان توهان کي وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته مان نظر به نه ايندو آهيان..!

هاڻي ته توهان جي حيرت ۾ واڌارو به ٿيو هوندو ۽ اڃان وڌيڪ عجيب سان گڏ غريب به لڳندو هوندو يعني “عجيب ۽ غريب”…!

مان ڪَيٽو هن وقت ڪراچي شهر جي وچ ۾ بيٺو آهيان، پر سڀني جي نظرن کان اوجهل آهيان. ڇو ته مان هڪ “نظر نه ايندڙ شخص آهيان.” هن وقت رات آهي، شهر مٿان اونداهيءَ جي چادر وڇايل آهي. سياري جي هوا خوفناڪ سرٻاٽ ۽ سرگوشيون ڪري منهنجي سيني کي چيري ڦاڙي رهي آهي، پر مان ته ظاهر نه ٿيندڙ شخص آهيان..! مون کي ته ڪوبه ڏسي نٿو سگهي، پر مان سڀني کي ڏسي رهيو آهيان!

هاڻي سج اُڀرڻ جي ڪري صبح ٿي رهيو آهي.! سج اُڀري يا لَهي هن شهر تي ڪو فرق نٿو پوي، ڇو ته هن شهر تي سدائين اوندهه جو راڄُ هوندو آهي! اچو ته مان توهان کي پنهنجي هن شهر جون بازاريون ۽ گهٽيون گهمايان! هي نقاب پوشن جي بازار آهي..! هتي ماڻهن جي منهن تي نقابن جون چادرون چڙهيل آهن. هتي ماڻهو سچَ کي ڪپهه جي ڌاڳن وانگر چيري ڪوڙَ جا چولا پارائيندا آھن. ھي ڏسو سبزيءَ وارو پنهنجي سڙيل ڀاڄيءَ کي سڙيل تيل جا ڇنڊا هڻي تازو ڪري هڪ بکايل ٻارن جي ماءُ کي وِڪڻي رهيو آهي. هوڏانهن ڏسو هڪڙو شاطر ماڻهو ٻارڙن جي کِيڏ ۾ ٺڳي ڪري کِلي رهيو آهي! هو ايئن کِلي رهيو آهي جيئن مصر جي راڻي ڪلوپترا پنهنجين ٻانهين کي جسم ۾ سونيون سُيون ٽنبرائڻ وقت وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي سُرور وٺندي هئي..!، گويا بي ايماني ڪرڻ هنن لاءِ راند هئي… راند..! هتي جا وڏا ماڻهو جنهن جا وڏا وڏا پيٽ هوندا آهن..! اهي پيٽ ايڏا ته وڏا هوندا آهن جو ڀربا ئي ناهن. اهي پيٽ نه ڄڻ برمودا ٽرائنگلBermuda Triangle  هجن، جيڪو هر شيءِ کي هڙپ ڪري وڃي..! اهي پنهنجي ٻارن کي به اهو ئي سيکاريندا آهن “ته چالاڪ ٿي وڃُ، شاطر ٿي وڃُ، هتي ايمانداريءَ سان ڪير ٿو کائي، ڪير ٿو جيئي، ڪير ٿو تَڳي!” ڪاش! اهي مون کي ڏسن ها ته لڄي ضرور ٿين ها! يا هي صفا بي لڄا آهن بي نڪا آهن، وڏا ڪي نرڄا آهن..! پر شهر وارا ماڻهو ته فقط انهن کي ئي مڃيندا آهن جنهن کي هو اکين سان ڏسي سگهن ۽ هٿن سان ڇُهي سگهن…! هو مان ڪَيٽو کي ڪيئن ڏسندا، هڪ نظر نه ايندڙ شخص…!

هاڻي مان ان گهٽيءَ ۾ گهمي رهيو آهيان، جنهن جون وڏيون وڏيون عمارتون ۽ پلازا ايئن اُڀا بيٺا آهن ڄڻ اهي آسمان کي رانڀوٽا پائيندا هجن! ايڏين وڏين عمارتن جي ڇانوَ ۾ مان دل کي ڏَڪائيندڙ هڪ سڏڪو ٻڌو جيڪو هڪ ممتا جو هو، اها ماءُ جيڪا پنهنجن ٻارن جي بک کان پنهنجي جسم کي سانوڻ جي گرميءَ ۾ نڪرندڙ پگهر وانگر ڳاڙي رهي هئي، ڳاري رهي هئي. ان کان اڳيان هڪ نوجوان ڇوڪري جيڪا ڪنهن لوفر جي هيسائڻ جي ڪري ڊِڄي در بند ڪري رهي هئي. ان جي دل جو ڌڙڪو ايئن هو جيئن ڪڻڪ پيهڻ واري چڪيءَ جو آواز هجي..! هڪ پوڙهو جنهن کي پنهنجي وارث ٻارن “لاوارث” ڪري گهر مان ڪڍي گهٽيءَ ۾ ڦٽي ڪيو هو. بدعنواني هر طرف رتُ رڱيل نانگ وانگر پئي ڦيرا ڏئي! جتي بي ايماني رڳو رواج ۽ عادت نه هئي، پر هتي ته بدعنواني، بي ايماني ۽ لاقانونيت جو هڪ پورو دور هو، راڄُ هو…! مان اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هئس، پر مون کي ڪير به ڏسي نه پئي سگهيو..! مان هي سڀ ڪجھه ڏسي پريشان ٿي ويس…!

مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مان گهٽي مَٽائي ڇڏي. جڏهن ٻي گهٽيءَ ۾ آيس ته مان وڏا وڏا فارم ھائوس ڏٺا…! جتي ناچ گانن جا وڏا وڏا پروگرام ٿيندا هئا. هنن ناچ گانن کان علاوه هتي وڏا وڏا فيصلا به ٿيندا هئا. فيصلا ڪندڙن پنهنجي لاءِ هڪڙو قانون ته رعايا لاءِ ٻيو قانون ٺاهيو هو! هن گهٽيءَ ۾ استاد به هئا، پر پريشان، ٿڪل ۽ پڙهائڻ کان بيزار هئا، ڊاڪٽر به هئا جيڪي بيمارَن کي دوا ڏيڻ کان وڌيڪ پنهنجي لاءِ پئسو ڪيئن گڏ ڪجي جي ڳڻتيءَ ۾ ڳري رهيا هئا، سڙي رهيا هئا، لُڇي رهيا هئا..! هن شهر ۾ محافظ به هئا، پر هو پنهنجي بچاءُ ۽ حفاظت لاءِ پريشان حالِ هئا..! شهر جي هي حالت ڏسي مان ڪَيٽو سوچڻ لڳس ته هي ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي. هو ڇو ايڏو نفسا نفسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويا آهن.

ايئن مان هڪ گهٽي ڇڏي ٻي گهٽيءَ ۾ گهِڙي پيس! ڇا ڏسان ته کليل گٽرن جي هڪ لانڍ لڳل آهي. هن گهٽيءَ ۾ گٽر ته کليل هئا، پر ٻار پنهنجي والدين جي هٿن ۾ ٻَڌل هئا. مان هي سڄو لقاءُ ڏسي حيران ٿي ويس…! ايئن اوچتو اوچتو هڪ ٻار پنهنجي ماءُ جي هٿن مان ڇڏائجي ويو، جيڪو ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ وڃي گٽر ۾ ڪِري پيو…! هو  ايترو ته جلديءَ ۾ گٽر ۾ ڪِري پيو جو مان به هن کي بچائي نه سگهيس…! پوءِ ته ممتا جون اُڀ ڏاريندڙ دانهون هيون… جنهن سڄي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو…! اهڙي سوڳوار ماحول ۾، مان به پنهنجا ڀِنل نيڻ کڻي گهٽي مٽائي ڇڏي…!

هاڻي شام ٿيڻ واري هئي، سج لهڻ وارو هو… مان هڪ گهٽيءَ ۾ اچي  نڪتس جتي پري کان مون کي هڪ ٻار پئي نظر آيو جنهن کي هٿ ۾ گُڏي هئي..! هو گُڏيءَ سان ڳالهائي رهيو هو….!

مان جڏهن هن جي ويجهو پهتس ته هو گڏيءَ سان ڳالهائيندي روئي رهيو هو….! حالانڪه، هن جي عمر ٺينگ ٽپا ڏيڻ واري هئي، ٽِڪ ٽاڪ ڀرڻ واري هئي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ واري هئي، وڏيون رڙيون ڪري کِلڻ واري هئي، هُل هنگامو ڪرڻ واري هئي، نَچڻ جهومڻ واري هئي… پر هو روئي رهيو هو…!

هو گُڏيءَ سان مخاطب هو:

“بابا روز ڪوڙ ڳالهائيندو آهي…

هو وياج هلائيندو آهي..

هو مَڪاري ڪندو آهي…

هو رشوت وٺندو آهي..

هو ماڻهن سان وڙھندو آهي…

هو نشو کپائيندو آهي…..

هو مائيون هلائيندو آهي…

هو ڇوڪرا وڪڻندو آهي…

هو سڀ گندا ڪم ڪندو آهي..

هو گندو آھي..”

مان وڏو ٿي هن جهڙو ڇو بڻجان..؟

نه، مان هن جهڙو نٿو ٿيڻ چاهيان…!

ايئن چئي

هن ٻار اوڇنگارون ڏئي گڏيءَ کي سيني سان لاتو…!

مان ڪَيٽو “نظر نه ايندڙ شخص” وڏو ڊڄڻو ڀوڪ بصر آهيان.. وڏو گِيدي آهيان. گيدي طبيعت جي ڪري مان ڪڏهن به ڪنهن جي مدد نه ڪئي آهي نه ڪنهن کي ڪا آٿت ڏني آهي…! پر مان اڄ همت ڪري هن ڇوڪري جي ڪُلهي تي شفقت ڀريو نظر نه ايندڙ هٿ گهمايو…!

جڏهن منهنجو نظر نه ايندڙ هٿ هن جي ڪلهي تي پيو ته هن جون اکيون مَشالا ڪري ٻَريون…!

منھنجي نظر نه ايندڙ غيباتي مدد ھن کي وڏو اُتساهه ڏنو ۽ هن هڪ دفعو ٻيهر گڏيءَ سان ڳالهايو:

“ها مان بابا کان ۽ سڄي لوڪ کان مختلف ٿيندس،

چاهي سڄو شهر خراب ٿي وڃي، بگڙي وڃي، رِواجي ٿي وڃي…!

پر مان غير رواجي ۽ غير معمولي ايماندار انسان ٿيندس.”

مان ڪَيٽي جڏهن هن جا لفظ “غير رواجي ۽ غير معمولي ايماندار انسان ٿيندس” ٻُڌا ته مان هن کي خوشيءَ مان ڀاڪر پاتو… منهنجي ڀاڪر پائڻ سان هو به “ڪَيٽو” ٿي ويو..! دنيا کي نظر نه ايندڙ شخص…!

***