نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ۽ سندن اصحابين جي صحت بھتر ڇو ھئي؟ الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي حضرت محمد ﷺ کي اهڙي خطي ۾ پيدا فرمايو، جيڪو ڌرتيءَ جو گرم ترين علائقو هو. ريگستان جي ريت ۾ جنم وٺندڙ قومون فطري طور محنتي، صبر آزما ۽ جدوجهد سان جڙيل هونديون آهن. طبي سائنس به انهيءَ حقيقت جي شاهدي ڏئي ٿي ته ٿڌن علائقن جي ڀيٽ ۾ گرم ۽ ريگستاني علائقن جا ماڻهو جسماني لحاظ کان وڌيڪ سختيون سهندڙ ۽ محنت ڪش ٿين ٿا. ڇو ته سندن غذا سادي، اڻڀي ۽ قدرتي توانائي سان ڀرپور هوندي آهي.
غذائي سائنس جو پسمنظر: عرب معاشري جي روزاني خوراڪ ۾ اهي شيون شامل هيون، جن کي جديد سائنس پڻ مڪمل غذا قرار ڏئي ٿي.
جَو جو اٽو: جَو(Barley) ۾Low Glycemic Index هوندو آهي، جيڪو رت ۾ شگر جي سطح کي توازن ۾ رکي ٿو ۽ پيٽ وڌڻ کان بچائي ٿو. جديد ڊائٽنگ ۽ موٽاپي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ جَو بنيادي حيثيت رکن ٿا.
کير ۽ گوشت (ٻڪري، رڍ، اُٺ): انهن جانورن جي کير ۽ گوشت ۾Lean Protein موجود هوندو آهي، يعني اهڙو پروٽين جيڪو چرٻي کان پاڪ هجي. هي جسم کي توانائي سان ڀري ٿو ۽ رت ۾ نقصانڪار چرٻي LDL cholesterol کي وڌڻ نٿو ڏئي. اُٺ جو کير ته هاڻي جديد ليبارٽريون “انسولين جهڙن اثرن” جي ڪري ذيابيطس لاءِ مفيد قرار ڏئي رهيون آهن.
زيتون جو تيل: قرآن پاڪ ۾ به زيتون جو ذڪر آهي، زيتون جو تيلUnsaturated Fat جو بهترين ذريعو آهي، جيڪو دل کي تندرست رکڻ، رت جي رواني کي بهتر ڪرڻ ۽Antioxidants جي ڪري جسم جي گهرڙن کي بيمارين کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
کجي: کجي کي جديد سائنس ۾ Natural Energy Bar سڏجي ٿو، ڇو ته ان ۾ گلوڪوز، فرڪٽوز، فائيبر، وٽامنز ۽ مگنيشيم جهڙا منرلز موجود آهن. اها نه رڳو فوري توانائي فراهم ڪري ٿي، پر معدي جي بيمارين، هڏن جي ڪمزوري ۽ رت جي گهٽتائي لاءِ به بهترين غذا آهي.
چٽو زهر- صحت جي بقا لاءِ خطرو: هڪ صدي اڳ ٽي بي، نمونيا ۽ ڊائريا اهڙيون بيماريون هيون، جن کان سماج ڏڪي ويندو هو۔ انسان وٽ علاج جون جديد سهولتون گهٽ هيون، پر زندگيءَ ۾ سادگي، خوراڪ ۾ فطرت ۽ دل ۾ شڪر جو عنصر وڌيڪ هو. ان وقت جي موت کي بيمارين سان ڳنڍيو ويندو هو، پر اڄ جي موت گهڻو ڪري انسان جي پنهنجي هٿن سان ٺاهيل آهي. اڄ جو انسان سائنس ۽ شعور جي اوج تي آهي، پر افسوس جو خواهشن ۽ لذت پرستيءَ جي غلاميءَ ۾ پنهنجي ئي صحت کي داءُ تي لڳائي چڪو آهي. ڪارخانن جي پيدا ڪيل مصنوعي لذت، مارڪيٽ جي مرڪزي ريت ۽ چند هزار دولت جي نشي ۾ بڇڙا ڪاروباري Processed ۽ Refined شين کي خوشبوءِ ۽ رنگ جي پردي ۾ لپيٽي هر گهر ۾ پهچائي چڪا آهن.
سفيد زھر خاموش موت: تحقيق ۽ تجربي کانپوءِ طبي سائنس هڪ ڳالھه تي متفق آهي ته اڄ جي انساني صحت جي بحران جو مرڪز ٽي سفيدان آهن: هڪ اڇي کنڊ، هي صرف ڪيلوريز جو ذريعو آهي، جنهن ۾ نه وٽامن آهن، نه منرلز، نه فائبر. صرف توانائيءَ جو اهڙو ڌماڪو، جيڪو رت ۾Glucose جي سطح کي اوچتو وڌائي ٿو ۽ انسولين جي نظام کي بگاڙي ٿو. نتيجي ۾ ٿولهه، ذيابيطس، فالج ۽ دل جي بيمارين جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
سائنس ٻڌائي ٿي ته اڇو لوڻ وڌندڙ بلڊپريشر ۽ گردن جي بيمارين جو وڏو سبب ٿي سگهي ٿو. روزاني ضرورت کان وڌيڪ لوڻ رت ۾ لوڻ جو مقدار وڌائي ٿو، جيڪو دل جي دوري ۽Stroke تائين وٺي اچي ٿو. فطري لوڻ ۾ موجودTrace Minerals جڏهن ريفائينڊ ڪرڻ سان ختم ڪيا وڃن ٿا، تڏهن اهو صحت لاءِ وڌيڪ نقصانڪار ٿي وڃي ٿو.
ٽيون ريفائينڊ تيل ۽ گيھه: بازار ۾ موجود گهڻا تيل ۽ گيهھHydrogenated Fats يا Trans-Fats تي ٻڌل آهن، جيڪي رت ۾ نقصانڪار چرٻي (LDL cholesterol) وڌائين ٿا ۽ سٺي چرٻي (HDL cholesterol) کي گهٽائين ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ رت جون ناليون تنگ ٿيڻ، دل جو دورو، فالج ۽ ڪينسر تائين ڳالهه پهچي وڃي ٿي، سنت ۽ سائنس جو سنگم اسان کي ٻڌائي ٿي ته انساني زندگيءَ جو اصل حسن سادگيءَ ۾ آهي. جڏهن انسان لذت پرستيءَ بدران اعتدال ۽ ضبط اختيار ڪري ٿو، تڏهن صحت به ساڻس وفادار ٿي رهي ٿي. اسلام جو بنيادي فلسفو به ساڳيو آهي. گهٽ کائڻ، سادي زندگي گذارڻ ۽ خواهش کي قابو ڪرڻ.
ڪامياب صحت جو راز: نبي ڪريم صلّى الله عليه وآله وسلّم جي سنت واضح آهي، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن هڪ ڏينهن ۾ ٻه وقت پيٽ ڀري ماني نه کاڌي. انهيءَ ۾ انسان لاءِ وڏي حڪمت سمايل آهي. جديد سائنس به اها ڳالھ ثابت ڪري چڪي آهي ته کاڌن ۾Long Intervals رکڻ، خاص طور تي ٻن وقتن جي وچ ۾ ڊگهو وقفو ڪرڻ، صحت لاءِ انتهائي فائديمند آهي، خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي چاليھ سالن کان مٿي آهن.
جسم جي خودڪار صفائيءَ وارو نظام: ميڊيڪل سائنس ۾ هڪ اهم تصور آهي آٽو فيجي، جنهن جو مطلب آهي “خود- خوري” جڏهن انسان 15، 16 ڪلاڪ بکيو رهي ٿو، تڏهن جسم وٽ ٻاهرين غذا نه هوندي آهي، تنهنڪري اهو پنهنجي اندر زهريلا مادا، غير ضروري گهرڙا ۽ زهر جهڙا ذرات پاڻ هضم ڪرڻ شروع ڪري ٿو.
هي عمل خراب ۽ مرده گهرڙن کي ختم ڪري ٿو، رت ۾ چرٻي (Cholesterol) جي سطح کي متوازن ڪري ٿو ۽ انهن فاسد مادَن کي ساڙي ٿو، جيڪي اڳتي هلي ڪينسر ۽ ٽيومر جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ٻئي لفظن ۾ آٽو فيجي جسم جو اهو فطري نظام آهي جيڪو انسان کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ اندروني صفائي ڪندو رهي ٿو.
آرام طلبي صحت جي دشمن سمجهي وڃي ٿي. اڄ جو انسان سهولت پسندي ۽ آرام طلبي ۾ ايترو ته عادي ٿي ويو آهي، جو زندگيءَ جي فطري توازن کي وڃائي ويٺو آهي. سائنس واضح ڪري چڪي آهي ته فاسد مادا جسم مان پگهر ذريعي خارج ٿيڻ گهرجن، پر جڏهن انسان حرڪت، ورزش ۽ جسماني محنت کان پري رهندو آهي ته اهي ئي فاسد مادا oxidative stress جي صورت ۾ جسم جي اندر جمع ٿين ٿا ۽ وقت سان گڏ ذيابيطس، فالج، هيپاٽائيٽس ۽ دل جي بيمارين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. انساني تاريخ ۾ هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو وڃي ٿو: يورپ ۾ هڪ شخص “هر بيماري جو علاج” نالي سان ڪتاب لکيو. ڪتاب وڏي شُهرت حاصل ڪئي ۽ نيلامي ذريعي هڪ ڪروڙ ۾ وڪاميو، پر جڏهن خريدار ڪتاب جا صفحا ورق ورق کوليا ته سڀ صفحا خالي هئا. رڳو آخري صفحي تي ٻه سٽون لکيل هيون:
پير گرم رکو. مٿو ٿڌو رکو.
ميڊيڪل سائنٽيفڪ اصطلاح ۾ ان جو مطلب آهي: “پير گرم رکڻ” = روزانو پنڌ ڪرڻ ۽ ورزش ڪرڻ آهي، ڇو ته جڏهن پير هلن ٿا ته رت جو وهڪرو جسم ۾ برقرار رهي ٿو. ساڳئي وقت، پگهر جي ذريعي فاسد مادا جسم مان ٻاهر نڪرن ٿا ۽ انسان کي بيماريءَ کان بچي ٿو.
“مٿو ٿڌو رکڻ” جڏهن انسان غير ضروري فڪرن، پريشاني ۽ ڳڻتيءَ کان پاڻ کي بچائي ٿو ته دماغ ۾cortisol hormone جو ليول گهٽجي ٿو، جيڪو جسماني بيمارين جو وڏو سبب آهي.
سڀني وڏين بيمارين جي روڪٿام جو بنيادي اصول اهوئي آهي ته حرڪت ۾ برڪت آهي. سڪون ۾ صحت آهي. اڄ جو انسان جيڪڏهن ٿورو پير گرم ڪري ۽ ٿورو مٿو ٿڌو رکي ته شگر، دل جي بيمارين ۽ ڪينسر جهڙين بيمارين کان پاڻ کي بچائي سگهي ٿو. اهائي حقيقت آهي ته تباھي جو راز آرام طلبي ۾ آهي ۽ تندرستي جو راز حرڪت ۽ ذهني سڪون ۾ لڪل آهي.