Hamas

بلاگنئون

حماس ۽ اسرائيل جي هٿيارن جو جائزو (حصو ٻيو)

هي ٽينڪ ايندڙ سال يعني 2025 تائين مرڪوا ايم ڪي فور ٽينڪ کي مڪمل طور تي ريپليس ڪري ڇڏيندو. اسرائيل جي مرڪوا ۽ حماس جي آر پي جي سيون کان علاوه به ٻنهي ڌرين هن جنگ ۾ ڪيترن قسمن جا ٻيا هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن. جيئن ته اسرائيلي سپاهين وٽ ٽي اهم آرٽلري هٿيار به آهن، يعني پري کان دشمن تي فائر ڪرڻ وارا زميني هٿيار. انهن ۾ پهريون هٿيار “آئرن اسٽنگ مارٽر” يعني گولا آهي.

Read More
بلاگنئون

حماس ۽ اسرائيل جي هٿيارن جو جائزو (حصو پهريون)

آڪٽوبر 2023 ۾ حماس جي اسرائيل تي حملي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٽوئٽر، ايڪس تي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي وئي، اها تصوير هڪ ٽريننگ مينوئل هئي، جنهن کي اسرائيلي فوجين هڪ حماس جي ويڙھاڪ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس کيسي مان ڪڍي هئي. هن مينوئل ۾ تصويرن جي ذريعي وڏي تفصيل سان هدايتون ڏنل هيون ته اسرائيلي مرڪوا مارڪ فور ٽينڪ کي ڪيئن تباهه ڪري سگهجي ٿو. انھيءَ مينوئل ۾ ٻه راڪيٽ لانچر ڏيکاريا ويا هئا، جن مان هڪ چيني هو ۽ ٻيو روسي.

Read More
بلاگنئون

حماس جو سياسي اڳواڻ اسماعيل هانيه ايران ۾ شهيد

فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس جي سياسي شعبي جو سربراھ اسماعيل هانيه ايران جي گاديءَ جي هنڌ تهران ۾ هڪ حملي ۾ شهيد ٿي ويو. حماس موجب هانيه ايراني صدر مسعود پيز شڪيان جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران ۾ موجود هو، جتي کيس نشانو بڻايو ويو. هو حماس جو سياسي سربراھ هو ۽ 2006 ۾ وزيراعظم به رهيو. ايران جي پاسداران انقلاب، خبر رسائيندڙ اداري ارنا ۽ حماس به اعلان ڪيو آهي ته فلسطيني گروپ حماس جي سياسي سربراھ اسماعيل هانيه ۽ سندس هڪ محافظ کي تهران ۾ سندس رهائشگاھ ۾ شهيد ڪيو ويو آهي.

Read More